مان آمريڪا کي تسليم نٿي ڪريان: انجلينا جولي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آسڪر ايوارڊ يافته آمريڪي اداڪارا اينجلينا جولي اظهار جي آزادي کي پيش خطرن بابت  ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هوءَ هاڻي پنهنجي ملڪ کي تسليم نٿي ڪري .
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسپين جي سان سيبسيچئن فلم فيسٽيول ۾ پنهنجي نئين فلم جي نمائش دوران اينجلينا جولي جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تنقيد ڪندڙ ميڊيا تي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ اظهار جي آزادي بابت ڳڻتي وڌي رهي آهي.
اداڪارا کان پڇيو ويو ته ڇا هوءَ آمريڪا ۾ اظهار جي آزادي بابت ڊنل آهي، جنهن جي جواب ۾ انجيلينا چيو ته ”مان پنهنجي ملڪ سان پيار ڪريان ٿي، پر هن وقت مان پنهنجي ملڪ کي نٿي سڃاڻان.“
هن چيو ته ”ڪٿي به جيڪا شيءِ ورهائڻ يا اظهار جي آزاديءَ کي محدود ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي، منهنجي خيال ۾ اِها نهايت خطرناڪ آهي، هي ڏاڍو ڳرو وقت آهي.“
اينجلينا جولي 2013ع ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچاءَ لاءِ سرجري ڪرائي، جنهن کان پوءِ هن جي ٻچيداني ۽ فيلوپين ٽيوبين به هٽايون ويون ته جيئن ڪينسر جو خطرو گهٽائي سگهجي.
اداڪارا جي ماءُ به ڪينسر وگهي فوت ٿي وئي هئي ۽ جوليءَ انڪشاف ڪيو ته هوءَ فلم ٺاهڻ وقت گهڻو ڪري پنهنجي ماءُ بابت سوچيندي رهي.
هن چيو ته ”منهنجي خواهش آهي ته منهنجي ماءُ به ايترو کلي ڳالهائي سگهي ها جيترو مان ڳالهائي سگهان ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”عورتن ۾ ڪينسر تي ڌيان ڏيڻ گهڻو ضروري آهي، ڇو ته اهو سڌي ريت اسان تي اثر انداز ٿئي ٿو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.