ملڪ کي ھلائڻ جي لاءِ ھڪ دستور ھوندو آھي، جنھن کي آئين چئجي ٿو.جيڪڏھن ملڪي تاريخ ۾ ڏسجي تھ ڪيترا ڀيرا آئين جي لتاڙ ڪندي ملڪ مٿان غيرجمھوري حڪومتون مڙھيون ويو آھن.جنھن ڪري ملڪ ۾ غيرقانوني روين ۽ قانون جي لتاڙ واري روش کي ھٿي ملي آھي.
ويجھي ماضي ۾ وري فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مھرباني سان جڏھن ملڪ تي ھاءِ برڊ جمھوريت نالي سسٽم مڙھيو ويو تھ ان دروان پڻ آئين جي لتاڙ ٿي،ٿوري ئي وقت بعد جڏھن اسٽيبلشمينٽ جي دانشورن وري پنھنجي پروجيڪٽ جي تڏا ويڙھ ڪئي تھ مٿان وري اڀري سڀري اپوزيشن اسٽيبلشمينٽ کي پنھنجا ڪلھا استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنا.اتحادي حڪومت ملڪ ۾وري آئين ۽ قانون تي عمل نھ ڪرڻ جو رواج وجھي ڇڏيو.جنھن ڪري صوبن ۾ چونڊن ڪرائڻ واري عدليھ جي حڪم کي مڪمل طور تي بھانن سان نظرانداز ڪيو .نگران حڪومت جڙڻ بعد ھاڻي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ شامل جماعتون عام ماڻھو جي مسئلن کان لاتعلق ٿي ويون آھن،جنھن ڪري ماڻھو پاڻ مرادو احجتاج جو رستو اختيار ڪري رھيا آھن.
عالمي اداري سان ڪيل واعدن ۽ شرطن قبولڻ سان ملڪ کي تھ ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو ويو پر حقيقت ھي آھي تھ عام ماڻھو جو ڏيوالو نڪري ويو آھي.وقت بوقت عوام مٿان ڪنھن نھ ڪنھن مدي ۾ مالي بار وڌايو پيو وڃي. جنھن ڪري عوام بيزار ٿيندو نظر اچي رھيو آھي.پئٽرول، ڊيزل، گيس ۽ بجلي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان آيل آهي،عوام بنا قيادت جي روڊن تي اچي ويو آهي ۽ سياسي پارٽيون انڪري لڪي ويون آھن جو اھي حقيقي مسئلن تي عوام کي ڪو بھ رليف ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ بجاءِ مستقبل جي چونڊن ۾ ڪاميابي ڏانھن سمورو ڌيان ڏئي رھيون آھن.
ڪابه سياسي پارٽي عوام جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ عوام کي مهانگائيءَ جا اصل ڪارڻ ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.عوام بجليءَ جا بل ساڙي احتجاج نوٽ ڪرائي رھيو آھي. ملڪ جون ٻئي وڏيون جماعتون عوام جي اصل مسئلن تي ڳالھائڻ جي لاءِ تيار نظر نٿيون اچن.آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪندي حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري اڳ ۾ مهانگائي جي بار ۾ دٻيل عوام تي وڌيڪ مالي ٻوجھھ وجهي ڇڏيو آهي،ان جي مقابلي ۾ اشرافيھ ٽيڪسن کان آجي ھئڻ سان گڏ مفت بجلي ۽ ٻيون مراعتون به حاصل ڪري رھيو آھي.
حڪومتي عملدار،سياسي جماعتن جا اڳواڻ ، اڳوڻا قومي اسيمبلي جا ميمبر، صوبائي ۽ وفاقي وزير، وزير اعظم ۽ ٻيا وي آءِ پيز ان تڪيلف کي محسوس نھ پيا ڪري سگھن. ڇو ته عوام جي ڏنل پئسن جي مهرباني سان کين مفت بجلي، گيس، پيٽرول ۽ ٻيون سهولتون ملي رھيو آھن.
آءِ ايم ايف جي درخواست تي بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيڻ سان ملڪ جي وي وي آءِ پيز تي ڪو به فرق نھ پئجي رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو عام ماڻھو پاران ملڪ جي مختلف حصن ۾ شروع ٿيل احتجاج کي اھي ليکي ۾ آڻڻ لاءِ تيار ناھن ۽ ان احتجاج کي نظرانداز ڪري رهيا آهن.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي عام ماڻھو نپوڙجي ويو آھي ان جو سمورو رت ست ختم ٿي ويو آھي.پر وي آءِ پيز کي مليل مراعات ختم نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري ان ۾ ڪا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.نھ سھي سگھن جھڙي صورتحال سبب عوام ۽ خاص ڪري غريب شهرين جي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي،ملڪ جي اشرافيھ ۽ سرڪاري آفيسرن جون مراعتون ختم ٿيڻ جي صورت ۾ عوامي تحريڪ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي.عوام جي دانھن تي ڌيان نھ ڏيندڙ سياسي جماعتن کان ماڻھو بيزار ٿي ويا آھن، مبصرن جو خيال آھي تھ سمورين سياسي جماعتن جو اصل مقصد رڳو اقتدار ھئڻ ڪري اھي ھن وقت اسٽيبلشمينٽ اڳيان گوڏا ٽيڪي ڇڏيا آھن.جنھن ڪري ماڻھو پنھنجي مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ پاڻ ميدان ۾ نڪري آيا آھن.
ملڪ جي نگران حڪومت کي عالمي ادارن سان معاملا سڌا ڪرڻ جي لاءِ تھ اڳوڻي حڪومت قانون ۾ گنجائش پيدا ڪرڻ جي لاءِ بل منظور ڪيو پر عوام جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ نگران سرڪار ڪا بھ عمل جوڳي حڪمت عملي نھ جوڙي آھي.نگران سيٽ اپ ۽ سياسي جماعتن جي ڏنل بيانن مان اھو اڃا تائين طيئ نھ ٿي سگھيو آھي تھ چونڊون ڪڏھن ٿينديون، مختلف سبب ۽بھانا بيان ڪري چونڊن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جنھن ۾ وري آئين جي لتاڙ جو خدشو موجود آھي.جنھن ڪري سموري ملڪ ۾ مونجھاري واري ڪيفيت موجود آھي.
موجودھ صورتحال جي حساسيت جو اندازو ڪندي ملڪ جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي پنھنجو بھتر ڪردار ادا ڪندي عام ماڻھون جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ جوڳي، عمل ڪرڻ جھڙي ۽ پبلڪ جي حق ۾ وسيع حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي.
ملڪ جي اختيارن ۽واڳ ڌڻين کي انھن سوالن جا جواب ڏيڻ گھرجن تھ جڏھن عوام کان ڳاٽي ٽوڙ سڌو ۽ اڻسڌو ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو تھ پوءِ، بجلي ، پاڻي، گيس ۽ پيٽرول سستي اگھھ تي ڇو نٿو ڏئي سگھجي جيڪڏھن ملڪ ۾ مالي ھنگامي صورتحال آھي تھ پوءِ اشرافيا کي ايتري رعايت ڇو ڏني پئي وڃي. جيڪڏھن قانون سڀني جا لاءِ ھڪجھڙو آھي تھ پوءِ امير غريب ۾ ايتري وڇوٽي ڇو ٿي رھي آھي ؟
ماڻھو ھاڻي تھ اھو بھ سوال ڪن ٿا تھ بجلي جي لاءِ اھي يو ايس پي ۽ سولر کان مدد حاصل ڪن ٿا، پاڻي نھ ملڻ تي ھنن کي اضافي رقم ڏئي پاڻي حاصل ڪرڻو تو پوي، تعليم ۽ صحت جي لاءِ عوام کي نجي اسپتالن ۽ اسڪولن جو جو رخ ڪرڻو ٿو پوي.پوليس ھوندي ماڻھو کي نجي سيڪيورٽي جون خدمتون حاصل ڪرڻيون ٿيون پون.
ملڪ جي اڪابرن ۽ اسٽيڪ ھولڊرن ماڻھن جي مسئلن کي حل نھ ڪيو تھ ھن وقت موجود بيزاري ڪو بھ منفي رخ اختيار ڪري سگھي ٿي،انڪري حقيقي معاملن کي حل ڪرڻ ڏانھن ڌيان ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ ڪي بھتر نتيجا نھ نڪري سگھندا.