13 هين رجب جي رات هئي. هڪ فقيراڻي محفل ۾ وڃڻ جي سعادت نصيب ٿي. ڪافي اوشاق، سالڪ ۽ فقراء شريڪ ٿيل هئا. جنهن فقير فنڪار کي شروع ۾ وارو مليو سو اکين کان نه پيو ڏسي سگهي. ان فقراء ڳائڻ جي شروعات کان اڳ ۾ هڪ سهڻي وضاحت ڪئي ته "مان نابين آهيان پر انڌو ناهيان!” . يعني نابين وٽ وري به سڃاڻپ آهي پر انڌو پنهنجن کي ناهي سڃاڻيندو. آءٌ به قلم لکڻ لاءِ کڻان ٿو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪٿان لکڻ شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان؟؟ پڄاڻي ڪيئن ڪريان ڀلا پڄاڻي ڪريان به ته ڇو ڪريان.
نيٺ قلم قرب ڪيو ۽ چيو ته فطرت جي عاشق ڀائو کي ٻڌاءِ ته توکي مرحوم نه ڪڏهن لکندس ۽ نه ئي چوندس. قلم چيو ڀائو کي ٻڌاءِ ته جيئن ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ فرق آهي، ڀلي کڻي معنٰي ساڳي هجي. ڀائو کي ٻڌاء گم ٿيڻ ۽ گم ڪرڻ ۾ فرق آهي، اڃا وڌيڪ قلم قرب ڪندي چيو ته ڀائو کي ٻڌاء ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ فرق آهي، جاڳڻ ۽ جاڳائڻ ۾ فرق آهي، پروڙڻ ۽ پتوڙڻ ۾ فرق آهي، سور ۽ سرور ۾ فرق آهي، غفلت ۽ شعور ۾ فرق آهي، لوڙڻ ۽ ولوڙڻ ۾ فرق آهي، سارڻ ۽ سنڀالڻ ۾ فرق آهي، خيال ۽ تخيل ۾ فرق آهي، پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ فرق آهي، پيرن سان پنڌ ڪرڻ ۽ دل سان هلڻ ۾ فرق آهي، ڪنهن کي وسارڻ ۽ ڪنهن کي دل تان لاهڻ ۾ فرق آهي، زندگي گذارڻ ۽ زندگي جيئڻ ۾ فرق آهي.
اهڙي نموني موت ۽ فوت ٿيڻ ۾ به فرق آهي. جنهن کي موت ايندو آهي اهو تاريخ جي ورقن ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪندو ناهي، جنهن کي موت ايندو آهي ان لاءِ محفلون ناهن سجايون وينديون، جنهن کي موت ايندو آهي ان لاءِ اجرڪ ۽ گلن جا تحفا ناهن رکبا. ها ڀائو! جنهن کي موت ايندو آ، ان جي ياد ۾ ڏيئا ناهن ٻاريا ويندا، جنهن کي موت ايندو آهي ان جي لاءِ اکيون آليون ناهن ٿينديون. "ها نور محمد جا پٽ”اهو ڀائو اسان جي وچ ۾ هڪ ڪوڊ ورڊ هوندو هيو.اهو توکي زندهه سمجهي لکي رهيو آهيان. ڇو جو تو پاڻ ئي خوابن ۾ ٻڌايو آهي ته اسان جدا ڪاٿي ٿيا آهيون؟ اسان هميشه گڏ رهيا آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين.
جيڪي ڀائو هوندا آهن اهي، اهي وسرندا ناهن. تون ته بچپن کان ئي ڀائو رهيو آهين. باقي هڪ خوبصورت پس منظر ڏسجي ته توکي پهريون ڀائو ڪنهن چيو؟ اسان ڇهن ڀائرن مان تون ننڍي ۾ ننڍو هئين، شايد ان ڪري ڀائو ٿئين. يا پنهنجن ادائن، وفائن، سخائن يا مسڪراهٽن جي ڪري ڀائو ٿي وئين، يا شايد لطيف سائين جي رسالي کي روح سان ريٽي ڇڏيئي، تڏهن ڀائو ٿي وئين، يا شايد سڀن جي خوشين ۾ نچندو ۽ ڪڏندو هئين تڏهن ڀائو ٿي وئين.
بحرحال، تنهنجي زندگي جو مختصر سفر ئي صحيح مگر يادگار ۽ شاندار رهيو، ۽ ان سفر ۾ تون ڀائو ئي رهين ننڍپڻ کان وٺي هينئر تائين.
توکي مون پٽيون کڻندي ۽ پڙهندي ڏٺو، توکي مون ڏهين ڪلاس ۾ صاحبن سان انگلش ڳالهائيندي ۽ ڊڪشنري انعام کٽندي ڏٺو، مون توکي جوشيليون تقريرون ڪندي ڏٺو، مون توکي موڙن ٻڌڻ جي رنگ ۾ به ڏٺو، تون گهوٽ گهٽ ڀائو وڌيڪ پيو لڳين. تنهنجي لفظن ۾ لطيف سائين جو عڪس هجي، يا تنهنجو ڀٽائي گهوٽ جي ڪلامن تي رقص هجي تون تڏهن به ڀائو رهين، ڪاليج ۾ پڙهائين يا جشن لطيف ڪرائين تون اتي به ڀائو رهين، توکي قدرت صاحب ڪتاب بڻايو ۽ صاحب اولاد بڻايو ساحر جهڙو سهڻو ٻچڙو عطا ڪيو، تون تڏهن به ڪنهن جو بابو صحيح پر اسان لاءِ ساڳيو ڀائو رهين. اڪثر جمعي جي ڏينهن مان جڏهن توڏي توسان ملڻ ايندو آهيان ته "ڀائو جيئي لطيف ضرور چوندو آهيان” لاڙڪاڻي ايندي ويندي به تنهنجو ديدار ڪندو آهيان.
لطيف سائين جي هن سٽ جيان ته، اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا.
اڄ به مان انهن هوٽل جي بينچن کي ڏسندو آهيان جتي پاڻ ويهندا هئاسين ان رستن ۽ جاين تان گذرندو آهيان جڏهن به گذرندو آهيان ته تنهنجي يادن جا ڪڪر ڇائنجي ويندا آهن. ڀلا ٻنين تي ويهي سج لهڻ جا منظر ڪيئن وسرندا؟ جتي پاڻ چار گهڙيون ويٺاسين.ها ڀائو توکي ته ياد آهي نه جڏهن منهنجي شاگرد ساجد مسڻ منهنجي تقريرن جي ڪتاب ۾ هٿ وڌو هو ته تو چيو ته مان به تنهنجي ڪتاب تي لکندس ۽ تو تمام بهترين لکيو هو، ڪيڏو خوش هئين جڏهن منهنجي ڪتاب جون ڪاپيون تنهنجي هٿ ۾ هيون ۽ منهنجي پهرين تقريرن واري ڪتاب جون 300 کان مٿي اعزازي ڪاپيون سنگت ۾ ورهايون هيون.
ها ڀائو مون کي ته ياد آهي جڏهن تون مون سان منهنجي ئي شاگرد ساجد مسڻ جا مضمون پڙهندو هئين ۽ چوندو هئين ته نوجوان ڏاڍو سٺو ٿو لکي، ان جي حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همت افزائي واسطي تون ساجد مسڻ کي سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي ” معارف حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره” جو تصوف تي لکيل ڪتاب تحفي طور ڏنو هو. اهو به سچ آ ڀائو تو ننڍڙي عمر ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. ڇهن ڀائرن ۾ ننڍو هوندي پهريون گزيٽيڊ آفيسر ٿئين، ان حاصلات ۽ ان پنڌ ۾ تو درد به ڏٺا، ڪاليج جا احوال تو ڪڏهن به پورا نه ڏنا. هميشه چوندو هئين ته ڪڏهن ٻڌائيندوسانءِ. سنڌي ادبي سنگت هجي يا نجي سنگت هجي. يا تون ڀائو ئي هلڻ جي ڪوشش ڪئي يا تو پنهنجي ڪتاب "سمنڊ سيويو جن” جي مهورت لاءِ جيڪو پروگرام ڪرايو هيو ان ۾ به مون کي مڪمل احوال نه ڏنو هيو. شايد توکي پنهنجي مرشد لطيف زهر کي زم زم ڪري پيئڻ جي مشق ڪرائي هجي. ڀائو زندگي ۾ سيارا اونهارا ته ايندا رهندا آهن ۽ هڪ سج ٻه پاڇا ٿيندا آهن
"ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀ ڪنهن.”
ڀائو شايد ڪچهري گهڻي ٿي وئي توکي به پنهنجي مرشد لطيف جي محفل ۾ وڃڻو هوندو، ڀلي مٿان مٽي هجي پر هيٺ محفل آ. وري ٻئي جمعي تي رهاڻ ڪبي. سنڌ جي سينڌ کي سائو ڪندڙ ۽ رکندڙ لطيف سائين کي اسان طرفان قدمن تي هٿ ۽ عاجزي ڀريا سلام عرض ڪجانءِ.
لطيف سرڪار جي سهڻين سٽن سان موڪلاڻي ٿا ڪيون.
"جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
اتي اوتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون.