چندريان ٿري جو چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لھڻ  تاريخي ڪارنامو ٿي ويو

ھندستان چندريان ٿري مشن ( ان کي چندريان ٿري ان ڪري سڏيو ويو آھي جو اھا ھندستان جو ٽيون مشن آھي) چنڊ جي ڏکڻ قطب واري مٿاڇري تي لاھي  تاريخ رقم ڪري ورتي آھي.چنڊ جي ذڪر ڪيل حصي تي لھندڙ ڪنھن بھ ملڪ جو ھي پھريون مشن آھي. چنڊ جي ان حصي جي اھميت ان ڪري آھي جو ھڪڙو تھ اھو اونداھي ۾ ڍڪيل آھي، ٻيو تھ اسپيس جي سائنسدانن جو خيال آھي ھي ئي اھو حصو آھي جتي زندگيءَ جي لاءِ ڪي بنياد ڳولي سگھجن ٿا. ٿي سگھي ٿو تھ ان حصي تي برف يا وري پاڻي ھجي.جنھن بابت ئي اصل ۾ کوجنا ڪرڻي آھي.

هندستان  خلائي مشن  جي چنڊ جي مٿاڇري تي ڪامياب لينڊنگ کي سموري دنيا ۾ پذيرائي ملي آھي.ھن حصي تي سافٽ ليڊنگ ڪندڙ ھي پھريون ملڪ بڻجي ويو آھي.پرڏيهي خابرو اداري ’اي ايف پي‘ موجب پرگيان روور ھندستان جي مضبوط پر گهٽ لاڳت وارو  خلائي پروگرام آھي. جھن جي تازي وڏي ڪاميابي تي سموري ملڪ ۾ جشن جاري آھي.انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن (اسرو) پنهنجي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي چيو آهي ته ‘روور لينڊر کي لينڊ ڪيو ۽ هندستان چنڊ تي قدم گھمايا آھن’.

وزيراعظم نريندر مودي چيو هو ته چنڊ تي ڪامياب لينڊنگ ‘سموري انسانيت’ جي فتح آهي.ايڪس (Twitter) جي مالڪ ايلون مسڪ لينڊنگ کي ’سپر ڪول‘ قرار ڏنو  آهي.ھندستان 1960  ۽ 1970جي ڏهاڪن  ۾ اپالو مشن کي چنڊ جي مٿاڇري تي پھچڻ ۾ گهڻو وقت لڳو آھي.جڏھن تھ چندريان ٿري کي ان جي مقابلي ۾ ٿورو وقت لڳو. جيڪو ڪجھھ ڏينھن ۾  چند تي پهچي ويو ھو.چندريان-3  کي هڪ گهٽ طاقتور راڪيٽ تي لانچ ڪيو ويو ھو ۽ ان کي ھڪ  مهيني جي سفر شروع ڪرڻ کان اڳ پنھنجي رفتار وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻا پيا ھئا.هندستان وٽ نسبتاً گهٽ بجيٽ وارو ايرو اسپيس پروگرام آهي، پر 2008 ۾ چنڊ جي مدار ۾ چڪر لڳائڻ بعد پهريون ڀيرو مشن موڪلڻ کان پوءِ  ان جي ماپ ۽ رفتار ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي.هندستان جي تازي مشن جي قيمت لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ ڊالر آهي. جيڪا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گھڻي گهٽ آهي.

آمريڪا ۽ چين چنڊ جي مٿاڇري تي ڪنٽرول لينڊنگ حاصل ڪئي ھئي.مٿي ڄاڻايل غيرنقشي جو مطلب آھي تھ ھي چنڊ جو اھڙو حصو آھي جتي گھڻو ڪري اونداھي ھوندي آھي ان ڪري ان جو نقشو چٽو نھ ھو.جنھن ڪري ان جي لينڊ ڪرڻ زمين جو اندازو ڪرڻ مشڪل ھو. ان سان ڪو بھ حادثو پڻ ٿي سگھيو پي.ھن کان اڳ چنڊ تي ڪجھھ ملڪن جي مشن ڪريش لينڊنگ پڻ ڪئي ھئي. چنڊ جي مٿاڇري تي سافٽ لينڊنگ جو مطلب تي مشن سڌي ريت مٿاڇري تي وڃي اتي ٽڪي بيھي رھندو،جنھن سان شامل باقي روبوٽ اڳتي جو ڪم ڪندا،جيڪي ان دوران مواد حاصل ڪندا اھي وري منتقل ڪندا. چنڊ جي جنھن حصي تي چندريان ٿر ي لٿو آھي.ان بابت پھريون ڀيرو اتي پاڻي يا برف ھجڻ واري ڳالھھ پڻ ھندستان جي ھڪ مشن جي حاصل ڪيل تصويرن سان سامھون آئي ھئي.جنھن تي بعد ۾ سموري دنيا ۾ بحث شروع ٿيو ھو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.