9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن نه ٻيو ڪو ملوث هو: تحريڪ انصاف چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي آءِ ٽي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ پارٽي ڪارڪن نه پر ٻيو ڪو ملوث هو.
ذريعن موجب جمعي ڏينهن جي آءِ ٽي تحريڪ انصاف چيئرمين کان سوال ڪيا.
جي آءِ ٽي سوال پڇيو ته 9 مئي بابت توهان جون اڪسائڻ جي حوالي سان شاهديون موجود آهن، جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته مان گرفتار ٿي ويو هيس، ڪنهن کي فون ڪري نه اڪسايو.
کانئس سوال ڪيو ويو ته ماڻهو ڪنٽونمينٽ جي علائقي ۾ ڇو ويا هئا؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته سڀني پنهنجي طور ويا، ڀڃ ڊاهه ۾ منهنجي پارٽي جو ڪو ڪارڪن نه ٻيو ڪو ملوث هو.
عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته توهان جون اشتهاري جوابدارن اسلم اقبال، حماد اظهر ۽ مراد سعيد سان رابطن جون به ڪجهه شاهديون مليون آهن، جنهن تي هن وراڻيو شاهديون آهن ته رابطو ڪرڻ ڪهڙو ڏوهه آهي، توهان جي جيڪا ڳالهه ڪرڻي آهي منهنجي وڪيل سان ڪيو.
جي آءِ ٽي چيو ته وڪيل کي عدالت گهرائي وٺجو، اسان جاچ ڪرڻ آيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.