نواز شريف جو آڪٽوبر ۾ ڏيهه واپسيءَ جو ڪو پروگرام ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 15 رپيا لاٿ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت في يونٽ 4 رپيا گهٽائي پئي سگهي پر ائين نه ٿي سگهيو، نگران حڪومت في يونٽ 15 رپيا گهٽائي سگهي ٿي.
هن ن ليگ قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي بابت اڳڪٿي ڪندي چيو ته نواز شريف جي واپسي جو في الحال ڪو پروگرام ناهي، ڇو ته سندس طبعيت ٺيڪ ناهي، هو شايد تڪڙي نه اچي.
سندس موجب شهباز شريف کڻي چوندو هوندو ته نواز شريف آڪٽوبر ۾ ايندو پر مان اهو چوان ٿو ته سندس طبعيت ٺيڪ ناهي، نواز شريف جي طبعيت ڪهڙي وقت به خراب ٿي سگهي ٿي، نواز شريف جو آڪٽوبر ۾ واپسيءَ جو ڪو پروگرام ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.