لڳ ڀڳ 80 ورهيه اڳ آمريڪي بحريا جي پنجن جهازن فلوريڊا بيس تان معمولي جي تربيتي مشق لاءِ اڏام ڀري.
ان تربيتي مشن کي فلائٽ 19 جو نالو ڏنو ويو هو، پر اهي جهاز ۽ انهن ۾ موجود عملو پوءِ ڪڏهن به نظر نه آيو.
اهڙيءَ طرح برمودا ٽراءِ اينگل وجود ۾ آيو.
اهو ٽِه ڪنڊو ميامي، برمودا ۽ پورٽو ريڪو جي سامونڊي حصي تي ٻڌل آهي ۽ ڪي واضح انگ اکر ته موجود ناهن پر گذريل صدي دوران ان هنڌ تي ڪيترائي سامونڊي ۽ هوائي جهاز غائب ٿيا.
ماضي ۾ به ان خطي جي حوالي سان ڪهاڻيون موجود آهن، جهڙوڪ ڪرسٽوفر ڪولمبس ان علائقي ان علائقي ۾ ڪمپاس سان ٿيندڙ عجيب تبديلين کي لکيو.
پر اوهان کي خبر آهي ته ان خطي جو نالو برمودا ٽراءِ اينگل ڪڏهن رکيو ويو ۽ ڪڏهن اهو دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيو؟
نيشنل جيوگرافڪ ڪجهه عرصو اڳ ان حوالي سان هڪ دلچسپ رپورٽ شايع ڪئي هئي.
رپورٽ موجب ان لاءِ گھڻو پيچيدهه وڃڻ جي ضرورت ناهي حقيقت ۾ برمودا ٽراءِ اينگل جي نالي کي 60 سال به ناهن ٿيا.
ان خطي جو اهو نالو آگسٽ 1964ع ۾ ان وقت مشهور ٿيو جڏهن Vincent Gaddis، Argosy نالي ميگزين لاءِ فلائٽ 19 جي گمشدگي تي هڪ اسٽوري لکندي برمودا ٽراءِ اينگل جي اصلاح اسعتمال ڪئي.
ان مضمون کان پوءِ اهو خطو سڄي دنيا ۾ پراسرار ڪهاڻين کي وجود ڏيڻ لڳو.
اهڙيون ڪيتريون ئي ٿيوريز موجود آهن جن مان سامونڊي جهازن ۽ جهازن جي گمشدگي جي امڪاني وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن عام افواهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته تمام وڏي سامونڊي حيوان، خلائي مخلوق ۽ اهڙن ڪيترن ئي عجيب خيلان کي برمودا ٽراءِ اينگل سان سلهاڙيو ويندو آهي.
پر مختلف حلقن جي خيال ۾ امڪاني حقيقت گھڻي دلچسپ ناهي.
انهن حلقن موجب قدرت جي طاقت، انساني غلطين، ڊزائين ۾ خامين يا رڳو بدقسمتي سان گمشدگين جي وضاحت ڪري سگھي ٿي.
يو ايس نيول Historical فائونڊيشن جي تاريخ دان ريلي موجب ان خطي ۾ گھڻو سفر ڪيو ويندو آهي ۽ اهو وچين دور کان گھڻو مصروف رستو آهي.
هن چيو ته اتي ڪجهه سامونڊي جهازن ۽ جهازن جو غائب ٿيڻ ڪجهه ائين آهي جيئن اسان چئون ته نيو جرسي جي شاهراهن تي گاڏين جا حادثا گھڻا ٿي رهيا آهن.
يو ايس ڪوسٽ گارڊ جي ليفٽيننٽ اي ايل رسل ان حوالي سان آفيشل رد عمل ۾ لکيو ته اسان جو تجربو آهي ته قدرت ۽ انسانن جي اڳڪٿي نه ڪندڙ رويا هر سال ڪيترين ئي سائنس فڪشن ڪهاڻين کي پوئتي ڇڏي ڏين ٿا.
ڪجهه وڌيڪ دلچسپ حقيقتون
برمودا ٽراءِ اينگل جو خطو غير معمولي آهي.
اهو اسان جي سياري جي رڳو ٻن اهڙن هنڌن مان هڪ آهي جتي اتر ۽ ڏکڻ مقناطيسي قطب پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ ان جي ڪري ڪمپاس متاثر ٿيندا آهن.
ٻيون خطو جاپان جو اوڀر سامونڊي حصو آهي جنهن کي ڊيولز سي به چيو ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح دنيا جي ڪجهه گھرن پاڻين جون ڪهاڻيون اُتي موجود آهن ۽ جهازن يا سامونڊي جهازن جو ملبو سمنڊ جي سطح کان ميل هيٺ ڪٿي غائب ٿي سگھي ٿو.
برمودا ٽراءِ اينگل جي خطي جي ڏکڻ پاسي سمنڊ جو تهه 19 هزار فوٽ اونهائي ۾ آهي جڏهن ته پورٽو ريڪو ۾ هڪ جاءِ تي اها گهرائي 27 هزار 500 فوٽ آهي.
مونگي جا جبل ۽ براعظمي پليٽن سان گڏوگڏ اتان جي پاڻي ۾ بحري طاقت مضبوط آهي جنهن سان نيويگيشن مسئلا وڌندا آهن.
پوءِ اتان جي موسم به پل پل ۾ مزاج تبديل ڪندڙ آهي.
آمريڪا جي Marine Prediction Center جي ماهر ڊيو فيٽ موجب ان خطي ۾ بحري ڪرنٽ موسم تي اثرانداز ٿيندڙ عنصر آهي.
پر انهن سمورن عملن جي باوجود برمودا ٽراءِ اينگل کي دنيا جو پراسرار ترين هنڌ تصور ڪيو ويندو آهي.