عوام کان معافي ڪير گھرندو؟

ذلفي چاچڙ

پاڪستان جي تاريخ ۾ اھڙو ڪوبه سياستدان اقتدار جي مسند تي ناھي ويٺو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي ھٿان استعمال نه ٿيو ھجي، پر ان معاملي ۾ عمران خان سڀني کان اڳڀرو رھيو آھي. ڪنھن به شيءِ جي اھميت استعمال ٿيڻ کان پوءِ بنهھ گھٽجي ويندي آھي، گھڻو استعمال ٿيندڙ شيون جلدي ناڪاره بڻجي وينديون آھن جن کي ڪنھن ڪٻاڙخاني يا ڊسٽ بن ۾ اڇلايو ويندو آھي. اھڙي طرح عمران خان پڻ گھڻو استعمال ٿيڻ سبب سياسي دنيا جو ردي شخص بڻجي ويو آھي، جنھن جي سياست ھاڻ زوال پذير ٿيڻ لڳي آھي، ڇو ته منجھس سياسي بصيرت ۽ صلاحيت نه ھجڻ سبب ھو مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطرن کان بي خبر رھيو، عمران خان پنھنجون اکيون ھوندي به ٻين جي اکين سان ڏسندو رھيو ۽ پنھنجا ڪن ھوندي به ٻين جي ڪنن سان ٻڌندو رھيو، اھڙن ماڻھن کي حالتون ڪٿي جو به ناھن ڇڏينديون ۽ انھن جو وس پنھنجي پاڻ تي به ناھي ھلندو. اڄ عمران خان جن حالتن مان گذري رھيو آھي، ان جو ڪو ٻيو نه پر ھو اڪيلو پاڻ ئي ذميوار آھي، ڇاڪاڻ ته ھن سياست ۾ جيڪي منفي لاڙا متعارف ڪرايا ۽ سياسي مخالفن سان جيڪو دشمنن جھڙو ورتاءُ ڪيو يا سندن خلاف جيڪا غير سياسي ۽ غير پارلياماني زبان استعمال ڪندو رھيو، اڄ ان جي کيس قيمت ادا ڪرڻي پئجي رھي آھي. ماضي قريب ۾ جڏھن کيس وزارت عظميٰ تان عدم اعتماد جي رٿ ذريعي ھٽايو ويو ھو ته عمران خان جي رويي ۽ لھجي مان ايئن لڳي رھيو ھو، جھڙوڪ ھو ڊگھو عرصو اقتدار ۾ رھڻ جي پلاننگ ڪري رھيو ھو، خان صاحب پاڻ کي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀيٽ ڏيندي چيو ھو ته مخالف ڌر  آمريڪا جي سازش جو حصو بڻجندي مونکي اھڙي طرح عھدي تان ھٽايو آھي، جيئن ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ھٽايو ويو ھو، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي آمريڪي سازش تحت ئي ھڪ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کيس ڦاسي ڏني وئي ھئي پر پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ ڏينھن تائين ٻي ڪنھن به وزيراعظم پنھنجو آئيني مدو پورو ناھي ڪيو، کين ڏيھي يا پرڏيھي سازشن ذريعي ھٽايو ويندو رھيو آھي، محترمه بينظير ڀٽو کي ٻه ڀيرا جڏھن ته نواز شريف کي ٽي ڀيرا سندن مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ھٽايو ويو ھو، شايد ان خطري سبب ئي آصف علي زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ جي بدران صدر ٿيڻ قبول ڪيو ھو. سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل ھن ملڪ جي نه ته عدليه آزاد آھي ۽ نه ئي پارليامينٽ پاور فل آھي. طاقتور ماڻھو جڏھن چاھين پنھنجي حق ۾ ڪا به قرارداد پارليامينٽ مان پاس ڪرائي صدر جي جعلي صحي سان ان کي آئيني ۽ قانوني شڪل ڏياري سگھن ٿا، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جي بدران خاص ماڻھن جي ھڪ ھٽي قائم ٿيل آھي، ڄڻ ھتان جا سڀئي ادارا ھڪ اداري جي ماتحت ڪم ڪندا ھجن، اھو ئي سبب آھي جو مني صدي گذرڻ جي باوجود به ملڪ ترقي ڪري ناھي سگھيو، جڏھن ته اسان جي ملڪ کان ھڪ ڏينھن ننڍو پاڙيسري ملڪ ڀارت چنڊ تي پھچي چڪو آھي. لاتعداد ناڪامين جي باوجود به ادارن جي جمھوري عمل ۾ مداخلت جي بس ٿيندي نظر نٿي اچي ۽ ايندڙ وقت ۾ غير سياسي قوت سياسي دنيا ۾ نت نوان تجربا ڪرڻ لاءِ وڃي رھي آھي.

توشاخانا ڪيس ۾ عمران خان کي جيل ڀيڙو ٿئي ڪيئي ڏينھن گذري چڪا آھن، 9 مئي تي پارٽي طاقت جو مظاھرو ڪري ھن پاڻ ئي عوامي ردِعمل جي رستاروڪ ڪري ڇڏي آھي نه ته سندس ڪيسن مٿان اثر انداز ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي پارٽي جي طاقت وسيلي ڪنھن حد تائين روڪي سگھيو ٿي، عمران خان نه رڳو ملڪي پر عالمي سطح تي پڻ اڪيلو ٿي چڪو آھي جو کيس بچائڻ لاءِ ھن وقت تائين ڪو به دوست ملڪ اڳتي وڌي حڪومت سان رابطو ناھي ڪيو، ان جو ھڪ سبب اھو به آھي ته عرب شھزادن جون کيس ڏنل قيمتي سوکڙيون ھن مارڪيٽ ۾ ڄڻ نيلام ڪري ڇڏيون ھيون، جنھن سبب اھي کائنس ناراض آھن. ٻيو ڪو چارو نه ڏسندي بشرا بي بي ھڪ پيغام ۾ نواز شريف کي چيو آھي ته عمران خان کي معاف ڪيو وڃي، جيڪو چونڊن ۽ پي ٽي آءِ سياست ۾ حصو نه وٺندي، بشريٰ بي بي جو اھو عمل انفرادي ھرگز ناھي، ان ۾ يقينن عمران خان سميت پارٽي قيادت جي رضا به شامل ھوندي، ڇوته ويجھڙ ۾ بشرا بي بي خان صاحب سان جيل ۾ ملاقات پڻ ڪري چڪي آھي، جتي شايد منجھن اھو طئي ٿيو ھجي ته جيل مان نڪرڻ لاءِ نواز شريف کان معافي گھرڻ سان گڏ  سياست تان ھٿ پڻ کنيو وڃي. عمران خان پنھنجو گھيرو تنگ ٿيندي ڏسي ان کان اڳ ۾ ملڪ رياض جي معرفت آصف علي زرداري سان پڻ ٺاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آھي، پر ان معاملي ۾ مفاھمت جي ماھر به کيس ڪا اھميت نه ڏني.

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا نواز شريف جي معاف ڪرڻ سان عمران خان جي سر تي لٽڪيل ڪيسن جي تلوار ھٽي ويندي؟ جڏھن ته ان جو جھيڙو سڌو سنئون اسٽيبلشمينٽ ۽ طاقتور ماڻھن سان آھي، جن جي عتاب ھيٺيان اچي خود نواز شريف به گھڻو ڀوڳي چڪو آھي، ساڻن وچ ۾ اڃا به ڪيئي معاملا منجھيل آھن، جن جي حل ۽ واضح ٿيڻ تائين نواز شريف وطن واپس اچي نه سگھندو. نواز شريف ڏانھن اماڻيل بشرا بي بي جي پيغام مان ھڪ ڳالهھ اھا به واضح ٿي سامھون اچي ٿي ته طاقتور قوت عمران خان کي چونڊن ۽ سندس پارٽي جو سياست ۾ حصو نه وٺڻ واري آڇ تي به کيس رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، ان مان لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ عمران خان نااھل ٿي ويندو ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي. پاڪستان ۾ ڪجهھ به ناممڪن ناھي، ٿي سگھي ٿو عمران خان کي معاف ڪيو وڃي، سندس اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ٿي وڃن ۽ ھو جيل مان نڪري ٻاھرين ملڪ ھليو وڃي پر عوام کان معافي ڪير گھرندو؟ جيڪو نيازي جي ناقص پاليسن سبب ھڪ وڏي عذاب ھيٺ اچي چڪو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.