جمهوريت ۽ چونڊن خلاف چالاڪيون

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾عام چونڊن  ۾ دير ڪري  ۽ ملتوي ڪرائڻ ۽ جمهوري سرشتي خلاف چالاڪيون ۽ ڪارروائيون منظر عام تي اچي رهيون آهن. ملڪ ۾ پيدا ٿيل ان نئين قسم جي بحران ۾ صدر مملڪت، سياسي جماعتن جا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان نوان تڪرار   ۽ اختلاف اڀري سامهون اچي ويا آهن. قومي اسيمبلي جي پنجن سالن واري آئيني مدي پوري ٿيڻ بعد ان کي تحليل ڪري ملڪ  جي وفاق ۽ صوبن ۾ ٽن مهينن يا 90 ڏينهن جي عرصي لاءِ نگران حڪومتون ته ضرور قائم ڪيون ويون آهن پر هاڻي ملڪ ۾ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿيڻ خلاف زمين هموار ڪرڻ ۽ نئين چالاڪين وارو ماحول جوڙڻ واري راند شروع ٿي چڪي آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان نئين آدمشماري جي حوالي سان نيون تڪبنديون ڪرڻ جو جهڙي ريت اعلان ڪيو ويو آهي ان عمل سان ملڪ ۾ چونڊون ٽن بجاء 9 مهينن کان اڳ ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت،  نگران حڪومتن کي مليل ٽن مهينن يا 90 ڏينهن واري مدت ۾پڻ اڻ اعلانيل واڌ ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بجاء پهرين تڪبندين وارو ڪم اڪلائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 4 مهينا گهريا ويا آهن ان بعد چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪرڻ ۽ وقت جو اعلان ڪرڻ واريون ڳالهيون منظر عام تي اچي ويون آهن. اهڙي صورتحال ۾وفاق ۽ صوبن ۾ نگران حڪومتون قائم آهن جن کي پنهنجي مليل ٽن مهينن واري مليل مدي ۾ پڻ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.

ملڪ ۾ پيدا ٿيل نئين قسم جي صورتحال عام چونڊن جي غير يقيني واري حالت ، هن وقت عوام ۾ پکڙيل بي چيني ۽ سياسي جماعتن جي ڳڻتي سان گڏوگڏ رياست جي اندر پڻ آنڌ مانڌ پيدا ڪري رهي آهي.صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي طرفان پڻ پنهنجي آئيني اختيارن کي استعمال ڪرڻ ۽ مُلڪ ۾عام چونڊن ٽن مهينن جي آئيني مدي ۾ ڪرائڻ لاءِ تاريخ  مقرر ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ضروري فيصلا ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي صدر سان ٻن ڏينهن ۾گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ خط پڻ لکيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي لکيل خط ۾ملاقات جي دعوت ڏني وئي آهي. ته جيئن عام چونڊن لاءِ مناسبت تاريخ طئي ڪري سگهجي. ممڪن آهي ته، چيف اليڪشن ڪميشن طرفان 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪيو وڃي ان صورت ۾ صدر مملڪت پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪري ۽ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو پاڻمرادو اعلان ڪري ڇڏي ۽ پوءِ ملڪ جي رياستي، ادارن ۽ سياست ۾ هڪ نئين قسم جو ٽڪراء ۽ ڇڪتاڻ شروع ٿي وڃي. اليڪشن ڪميشن جي اڻپورن ڪمن ۽ بروقت تڪبنديون ڪرڻ جا انتظام مڪمل نه ڪرڻ ۽ پنهنجيون ذميواريون وقت تي پوريون نه ڪرڻ ۽  سستيء جو مظاهرو ڪرڻ جي سزا عوام ۽ ملڪ جي جمهوري سرشتي کي ڏيڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، جنهنڪري ملڪ هڪ نئين آئيني ۽ سياسي بحران جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ پنهنجي مقرر وقت کان 4 مهينا اڳتي وينديون نظر اچي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ملڪ ۾ قائم نگران حڪومتن جو مدو پڻ ٽن مهينن کان اڳتي وڌي 7 کان 8 مهينن تائين ٿيندو صاف نظر اچي رهيو آهي اهڙي قسم جي صورتحال سان  ملڪ جا بحران ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٿيڻ وڃي رهيا آهن.

هوڏانهن، چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان عام چونڊن ۽ تڪبندين واري معاملن تي ملڪ جي سياسي جماعتن جي قيادت کي گڏجاڻيون ڪري پنهنجيون سفارشون ۽ رايا ڏيڻ جا پيغام۽ دعوتون موڪليون ويون آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن سان ملڻ وارو سلسلو پڻ شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي .يقينن انهن گڏجاڻين ۽ ملاقاتن ۾ عام چونڊون 6 مهينن بعد ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي موقف تي جماعتن کي رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي پر ملڪ جي سياسي جماعتن  جي اڪثريت عام چونڊون 90 ڏينهن واري آئيني مدي اندر ڪرائڻ جي حق ۾ آهن. خاص طور تي ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي جماعتون پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف کان علاوه جماعت اسلامي، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان  صوبن جي وڏين جماعتن ۾عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) نيشنل پارٽي ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي مسلم ليگ نواز ۽ سندس ڪجهه هم خيال ننڍيون جماعتون عام چونڊن لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجي تياري يا ميان نواز شريف جي ملڪ ۾ واپس اچڻ تائين چونڊون روڪڻ چاهين ٿيون ڇاڪاڻ جو انهن کي هن وقت چونڊن ۾ پنهنجي ڪنهن وڏي ڪاميابي جا امڪان نظر نه ٿا اچن.

ملڪ ، هڪ پاسي چونڊيل حڪومت ۽ پارليامان جي موجود نه هجڻ ۽ عارضي حڪومت واري بحران جو شڪار آهي ته ٻئي پاسي مختلف بهانن سان چونڊن ۾ دير ٿيڻ ۽ ملڪ جو جمهوري سرشتو ئي مفلوج ٿيڻ واري انديشن ۽ خطرن جو شڪار آهي. جڏهن ته  اليڪشن کان اڳ ملڪ ۾تڪبنديون مڪمل ٿيڻ به ممڪن ناهي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن جون تڪبنديون ٿيڻ بعد جڏهن قومي اسيمبلي ۽ صوبن جي اسيمبلين جي سيٽن ۾ ڦير ڦار به پارليامينٽ جي 2ڀاڱي 3 جي اڪثريت ۾ منظوري کانسواءِ مڪمل ۽ آئيني صورت اختيار به ڪري نه ٿيون سگهجن ته اهڙي صورتحال ۾جڏهن قومي اسيمبلي پڻ موجود ئي نه آهي ۽ هن وقت جيڪي به تڪبنديون ٿينديون اهي صرف صوبائي تڪن تي جي ڪجهه ڦيرڦار ڪرڻ کانسواءِ انهن ۾ ڪا آئيني تبديلي ڪري ئي نه سگهبي تنهنڪري اهو سمورو عمل اڻپورو ئي رهندو.اهڙي صورتحال ۾تڪبدين جي نالي ۾ ملڪ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي وقت تي چونڊجڻ کان روڪڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ۽ آئيني ۽ قانوني عمل نه ٿيندو پر اهڙي قسم جي ڪاموراشاهي واري سوچ ، ضد ۽ زورآوري سان چونڊون هن ڀيرو اڳتي وڌائڻ کانپوءِ اهي ڪڏهن ٿينديون ان تي ڪنهن به ڌر کي ڪو اعتبار ۽ ڪنهن تي يقين ئي ناهي، ڇاڪاڻ جو آئين جي هڪ ڀيرو لتاڙ ڪرڻ يا آئيني ليڪو لتاڙڻ بعد هر قسم جي غير آئيني قدمن ۽ عمل جو جيڪو سلسلو شروع ٿيندو ته ان کي ڪير به روڪي نه سگهندو ۽  ملڪ جو سمورو پارلياماني ۽ جمهوري سرشتو ئي خوفناڪ حادثن جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

اهو پڻ امڪان آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي صدر مملڪت طرفان پنهنجي آئيني اختيارن کي ڪتب آڻيندي چونڊن جي تاريخ جو پاڻمرادو اعلان ڪيو وڃي ۽ اڳتي هلي سپريم ڪورٽ طرفان پڻ انهي جي تائيد جو حڪم اچي ته ناممڪن ناهي. ملڪ کي چونڊن ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ جي خطري کان بچائڻ لاءِ حامي جماعتون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن طرفان سياسي مهم ۽ جلسن جلوسن ۽ عوامي طاقت واري تحريڪ پڻ شروع ٿيڻ جا گهڻا امڪان آهن. ڇاڪاڻ جو هي وقت سياسي سرگرمين لاءِ بلڪل درست ۽ مناسب پڻ آهي. ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعا ۽حادثا پڻ هاڻي ملڪ کي نئين سياسي رخ تي کڻي وڃي رهيا آهن . ممڪن آهي ته ملڪ  ۽ هتي جو جمهوري سرشتو هن ڀيري روائتي شينهن ۽ چيتن جو شڪار ٿيڻ کان بچي وڃي ۽ ايندڙ دور عوامي طاقت ۽ جمهوري تلوارن جي حفاظت ۾ فتحياب تي نڪري نروار ٿئي۽ ملڪ ۾ عوام جو چونڊيل حقيقي پارلياماني ۽ جمهوري سرشتو وري بحال ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.