اپوزيشن اتحاد جو 27هين ترميم خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 27هين ترميم خلاف سڄي قوم اٿي بيهي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته مون کان آئين جي تحفظ جو حلف ورتو ويو آهي، عوام به پڇي رهيو آهي ته تحريڪ ڪڏهن شروع ٿيندي، جهڙي ريت اهي آئين جا بنياد لوڏي رهيا آهن، تحريڪ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو.
هن چيو ته اسان جي تحريڪ جو هڪ ئي نعرو هوندو جمهوريت زنده آباد آمريت مرده آباد، اسان جو ٻيو نعرو قيدين جي آزادي بابت هوندو، اسان ٻڌائينداسين ته جيڪو عوام چاهيندو ائين ئي ٿيندو، اسان ٻڌائينداسين ته آئين بالادست، پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.