استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪيه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ٻين سينيئر اسرائيلي عهديدارن خلاف نسل ڪشي جي الزام ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
استنبول جي پراسيڪيوٽر آفيس جي بيان موجب 37 شڪي ماڻهن جي فهرست ۾ اسرائيلي بچاءَ وارو وزير ڪاٽز، قومي سلامتي وارو وزير اتاماربن – گور ۽ فوج جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ايئل زامير شامل آهن پر مڪمل فهرست جاري ناهي ڪئي وئي.
ترڪيه الزام هنيو آهي ته ڄاڻايل عهديدارن آڪٽوبر 2023 کان غزا تي اسرائيلي حملن دوران نسل ڪشي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي منظم طريقي سان انجام ڏنو.
بيان ۾ چيو ويو ته 17 آڪٽوبر 2023 ۾ الاهلي هپٽسٽ اسپتال تي حملي ۾ 500 ماڻهو مارجي ويا، 29 فيبروري 2024 ۾ اسرائيلي فوج ڄاڻي واڻي طبي سامان تباهه ڪيو ۽ غزا کي مڪمل طور گهيري ۾ رکيو، جنهن سان متاثرن کي انساني امداد تائين پهچ نه ملي.
بيان ۾ ترڪيه – فلسطيني فرينڊ شپ اسپتال جو به ذڪر ڪيو ويو، جيڪا ترڪيه غزا ۾ تعمير ڪئي هئي ۽ مارچ ۾ اسرائيل ان کي نشانو بڻايو.
هوڏانهن اسرائيلي پرڏيهي وزير گيدون سعار ايڪس تي ردعمل ڏيندي لکيو ته اسان ان قدم کي ترڪ صدر طرفان هڪ پروپيگنڊا ڪوشش طور رد ڪيون ٿا.
You might also like