سنڌي ۾ چوڻي آھي تھ ”ڏاچي ھڻي ڏھ تھ توڏو ھڻي تيرنھن“ ان جيان اڳي ئي مھانگائي ۾ پيڙجندڙ ماڻھن مٿان وري نيپرا وارن قيمت واڌئي عوام مٿان بجلي ڪيرائي وڌي آھي.اڳوڻين حڪومتن پاران عالمي ادارن آڏ و گوڏا ٽيڪڻ بعد ملڪ ۾ مھانگائي جو جيڪو طوفان آيو آھي ان غريب غربي سان گڏ مڇي ماني واري ماڻھو جو بھ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.ٿوري گھڻي عوامي ريليف جي جيڪا اميد ھئي سان بھ پوري ٿيندي نطر اچي رھي آھي.تازي اعلان موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا 40 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي. نيپرا ۾ مالي سال 23-2022 جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ته ٻڌڻي ٿي.جنھن ۾ نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا 40 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اها منظوري مالي سال 23-2022ع جي چوٿين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ ڏني وئي آهي. بجلي جي قيمت لائيف لائن صارفين تي لاڳو نه ٿيندي. نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت ٻڌڻي جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
ٻڌڻي دوران نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته دعا ڪريو ته الله بهتر ڪري، اسان به صارفين وانگر بل ادا ڪريون ٿا. واضح رهي ته نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سرڪاري ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ قيمتن ۾ واڌ جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
ملڪ ۾ ھن وقت جيڪا مھانگائي جي صورتحال آھي ان ۾ عام ماڻھو جي بجيٽ اڳ ۾ ئي آئوٽ ھئي مٿان وري وقفي وقفي سان بجلي،پيٽرول جو اگھه وڌايو وڃي ٿو، ان جو سڌو عوام جي بجيٽ تي بار پوي ٿو.جنھن سان ٿوري گھڻو ساھ کڻندڙ ماڻھو پڻ وڌيڪ دٻاءَ جو شڪاري ٿي رھيو آھي.
ڪراچي ۾ واپاري برادري پاران بجلي گيس جي لوڊشيڊنگ، واڌو بلن ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف ريگل چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو.جنھن ۾ شھرين بجلي بلن کي باهه ڏئي بل ادا نه ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.واپارين جو چوڻ ھو ته ڪي اليڪٽرڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري واڌو بل موڪلي واپارين سان ظلم ڪري رهي آهي. لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، بجلي، گيس، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي واپارين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ ملڪي معيشت جو ڦيٿو هلڻ ڏنو وڃي،هنن جو چوڻ ھو تھ آءِ ايم ايف جي قرض ۽ ان جي چڙھندڙ وياج جو بار واپارين ۽ عام ماڻهو تي وڌو ويو آهي جنهن جي عوام ۾ هاڻي سگهه ناهي رهي، حڪمران پنهنجون عياشيون گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺن، حڪومت هن تازو تيل جي قيمتن ۾ 37 روپيا کان مٿي واڌ ڪري عوام جو رت ست نپوڙي ڇڏيو آهي.
واپارين موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان لازمي ڳالھه ھوندي آهي. ڇاڪاڻ جو ان سان ھر شي جي قيمت تي سڌو اثر پوي ٿو. ٻئي طرف ملڪ ۾ هزارين نوجوان ۽ مزدور بيروزگار آهن، ڪاروبار تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، ھنن حڪومت کان گھر ڪئي تھ ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس ختم ڪيو وڃي .
ٻئي پاسي مختلف مبصرن مھانگائي تي تبصرو ڪندي ان کي عوام دشمن قدم قرار ڏنومبصرن موجب اھو خيال ھو تھ ٽيڪنوڪريٽس ڊالر کي قابو ڪري سگهن ٿا ۽ ملڪي معيشت نگران ٽيڪنوڪريٽس بھتر ڪندا آهن.پر ھن وقت نتيجو ابتو نڪري رھيو آھي. ڊالر هفتي ۾ بي قابو ٿي ويو آهي،عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو معيشت آهي، ماني 30 رپين جي ٿي وئي آهي، اٽي جو اگهه سال ۾ 45 سيڪڙو وڌيو آهي. ان صورتحال ۾بجلي وڌيڪ مهانگي ٿي وئي آهي، عوام ۾ ڪاوڙ آهي، لوڊشيڊنگ جاري آهي، روز هتي ڪو نه ڪو الميو پيدا ٿي رھيو آهي.
ملڪي معاملن کي ھلائڻ جي لاءِ جيڪڏھن نگران حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏئي سگھجن ٿا تھ پوءِ اھي عوام کي رليف ڏيڻ واري سلسلي ۾ ڪو بھتر قدم کڻڻ کان ڇو لاچار آھن. ان سان ماڻھن جا مسئلا اڃا بھ وڌندا ۽ پوءِ اھو نٿو چئي سگھجي تھ پريشان حال ماڻھو ڪھڙو رخ اختيار ڪن ٿا.وقت جي سرڪار کي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ڏانھن خاص ڌيان ڏئي ڪي اھڙا قدم کڻڻ گھرجن جنھن سان ماڻھن کي فائدو پھچي، ٻي صورت ۾ مھانگائي جي اھڙي اثر سان سموري معاشري ۾ خطرناڪ حالتون پيدا سگھن ٿيون.
حيدرآباد جي ٻھراڙي جا اسڪول نصابي ڪتابن کان محروم
حيدرآباد ضلعي سميت سنڌ جي ڪجھه علائقن مان اھا شڪايت اچي رھي آھي تھ سرڪاري اسڪولن کي نصابي ڪتاب وصول نھ ٿيا آھن.جنھن ڪري ھزارين شاگرد پريشاني ۾ مبتلا آھن.ان ڪري ٻارن جو تعليمي سلسلو پڻ شروع نھ ٿي سگھيون آھي.حيدرآباد ۽ لطيف آباد تعلقن جي ٻھراڙي وارن ڪافي اسڪولن کي سنڌ سرڪار پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ملندڙ مفت ڪتاب نھ ملڻ سبب انھن جي تعليم رڪجي وئي آھي.اسان جي حيدرآباد واري عيوضي موجب کٿڙ،سيري،ھوسڙي،زيل پاڪ سيمينٽ،سچل سرمست ڪالوني ۽ نارا جيل جي علائقن ۾ قائم سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران شايع ڪرايل سنڌ جي اسڪولن جي شاگردن جي مفت ڪورس اڃا انھن کي نھ مليو آھي.لاڳاپيل اختيارين جي لاپرواھي جي نتيجي ۾ شاگردن جو قيمتي وقت زيان ٿي رھيو آھي.پھرين آگسٽ کان تعليمي سال تھ شروع ٿي ويو آھي پر ڪتاب نھ ھئڻ ڪري شاگرد ۽ استاد ڳڻتي جو شڪار آھن.ياد رھي تھ گرمين جي موڪلن ختم ٿيڻ بعد پھرين آگسٽ کان اسڪول کلي ويا آھن. جنھن جو مطلب تھ لڳ ڀڳ ھڪ مھينو ٿي رھيو آھي پر ان دوران ڪتابن فراھم ڪرڻ جي ڪم کي يقيني نھ بڻايو ويو آھي.
ھئڻ تھ ايئن گھرجي جو سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو اھڙو بندوبست ڪري جو وقت کان اڳ ئي ڪورس جا ڪتاب لاڳاپيل اسڪولن ۾ پھچي وڃن،جئين ٻارن جو وقت زيان نھ ٿئي پر ھن اھم معاملي ۾ پڻ روائتي سستي جو مظاھرو ڪيو ٿو وڃي. جنھن سان شاگردن جو گھڻو نقصان ٿي رھيو آھي.
اسان حڪومت جي تعليم واري وزير کي گذارش ڪريون ٿا تھ شاگردن جي وڌيڪ قيمتي وقت ضايع ڪرڻ کان بچايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوتاھي ڪندڙ عملي خلاف جوڳي ڪارروائي ڪري ڪتاب فراھم ڪيا وڃن.