توهين مذهب جا واقعا ۽ اقليتن جي تحفظ جو سوال

رياض ابڙو 

ڪجھه  تاريخي حقيقتون رڳو مفروضا هجن ٿيون جن جي زميني حقيقت مورڳو نه جي برابر هجي ٿي ڇو ته شين کي هاڻي سائنٽيفڪ بنيادن تي پرکي، ماپي ۽ جانچي سگهجي ٿو . ڪنهن ڳالھه  جي پڪ تڏهن ٿيندي، جڏهن ان جي ڪا پريڪٽيڪليٽي يا اثرائتي ڳالھه  سامهون اچي. ان ڳالھه  ۾ ڪا سچائي هجي ٿي يا رڳو ڳالھه  به ڳالھه  نه ٿي رهي يا ممڪنات به هجن ٿيون يا اصول وري وهمن جي پختگيءَ جا نتيجا هجن.

ان ڪري مذهبي راوداري ۾ ڪنهن به ڳالھه  کي ڪنهن به بنياد تي رد ڪري انهن ماڻهن کان جيئڻ جا حق کسي نه ٿا سگهن يا سندن کي هراسان ڪري انهن جي مذهبي ڪليسائن ۽ گرجا گهرن کي ان بنياد تي باهيون ڏجن ته اهي ڪجھه  ڪڇي نه سگهندا جو اسان وٽ اڪثريت اقليت تي حاوي رهندي آئي يا جن شين کي جي معاشرتي ۽ نسلي رنگن جي ساهمي ۾ تورجي يا پرکجي ته اهي شيون ضعيف ثابت ٿينديون يا وقت جي ليبارٽريءَ ۾ اهي سچ ڪوڙ ٿي ويندا ۽ ڪوڙ سچ ٿي ويندا.

آمريڪا ۾ 25 مئي 2020 تي هڪ ڪاري نسل جي ماڻهوءَ (جارج فلائيڊ) کي آمريڪي پوليس جي هڪ اهلڪار (ڊرڪ چاون) سندس ڪنڌ تي گوڏو رکي ماري ڇڏيو پر آمريڪا ۾ پوءِ به نسلي فساد نه ٿيا ڪنهن نسلي جهيڙن منهن نه ڪڍيو يا انهن کي پڪ هئي ته قانوني جي ڀڃڪڙي جي هڪ هنڌ يا ڪنهن هڪ شخص ڪئي آهي ته ان جي باھ ۾ سڄي آمريڪا کي وڪوڙي نه ٿو سگهجي ان ڪري ساڳي ڳالھه  نيوزيلينڊ جي به ڪري سگهجي ٿي ته اتي به گوري نسل جي ماڻهوءَ (برٽن ٽارنٽ) 15 مارچ 2019 تي جڏهن مسجد ۾ گهري 52 مسلمانن کي ٿڏي تي ماري ڇڏيو ته انهن جي وزيراعظم (جسيندا آرڊن) فورن هٿيارن تي پابندي هڻي ڇڏي ۽ مسلمانن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو ۽ انساني رواداريءَ جا سبق ڏيڻ شروع ڪين.

پر اسان وٽ ايئن ناهي. جيڪي به مذهبي ڏڦيڙ شروع ٿين ٿا اهي ٿين ئي پنجاب کان ٿا يا جيڪي به مندرن، ڪليسائن، گرجا گهرن يا ديني ڪتابن جون جيڪي بي سبب بي حرمتون ٿين ٿيون اهي ٿين ئي پنجاب کان ٿيون، ان ڪري جو قانون ناهي. ماڻهن جي لاءِ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ آسان ٿي وئي آهي انهن کي ڪو ڊڄ ناهي ته جي انهن اقليتن جي عبادت گاهن کي ساڙي راک ڪري ڇڏيو. انهن جي ماڻهن کي يا انهن ٻارن ۽ ٻڍن کي ماري ناڙ ڪري ڇڏيو ته قانون انهن کي انهن خونن ۽ رهزنين جي بدلي ڪجھه  به نه ڪندو يا ان کان اڳ آسيا بيبي سان جيڪو ٿيو يا جاويد مسيح سان جيڪو ٿيو يا سلمان تاثير (گورنر پنجاب) سان جيڪو ٿيو سريلنڪن مينيجر سان جيڪو ٿيو جو مذهبي انتهاپسند ماڻهن کيس فيڪٽريءَ جي ڇت تي ڊوڙائي ڊوڙائي ساڻو ڪري تشدد ڪري ماري ڇڏيو.

انتهاپسند ان ڪري ساڳي ڳالھه  ڪجي ته هن خطي ۾ يا خاص پنجاب جي وهشت يا مذهبي جونيت ۾ ماڻهو يا خاص اقليتون محفوظ ناهن ۽ نه ئي ٿي سگهن ٿيون ان ڪري انهن کي پڪ آهي ته قانون ڪجھه  به نه ڪندو، قانون وڪائو آهي يا جيڪو پڪڙبو اهو يا ته هوند ڳچي سنهڙي جي ڪري قانون جي ڦندي ۾ نه ايندو يا اهو به چوندا آهن ته غريب ماڻهوءَ جي ڳچي سنهڙي ٿيندي آهي ان ڪري ان ۾ جنهن تنهن جو هٿ پئجي سگهجي ٿو. ائين به لڳندو آهي ته پنجاب ۾ جيڪي به اقليتون رهن ٿيون انهن جي ڳچي سنهڙي آهي ان ڪري هر مذهبي انتهاپسند ماڻهن جا هٿ پئجي ٿا وڃن ۽ ماڻهو قانون کان نه ٿا ڊڄن يا کين پڪ هوندي آهي ته قانون هيل تائين ڪنهن جو ڇا بگاڙيو آهي جو هاڻي ڪجھه  ٿيندو ان ڪري قانون ۽ مذهب انهن جي هٿ وس آهن اهي جيئن چاهن ڪري سگهن ٿا.

اها به حقيقيت مڃڻ گهرجي ته هتي ڪير به آزاد ناهي ته هو پنهنجي مسجدن، ڪليسائن، گرجا گهرن يا مندرن ۾ آسانيءَ سان يا سڪون سان عبادت ڪري سگهي ماسوا ان جي ته اهي اقليتن يا اڪثريتن جي زمري ۾ اچن، ان ڪري اڪثريت ۽ اقليت به معني ٿي رکي ان ڪري مذهبي رواداري به مaعاشي ۽ معاشرتي طاقت تي ڀاڙن ٿيون (الهامي طاقت انهن وٽ سيڪنڊري يا ثانوي حيثيت ٿيون رکن) يا جيڪي مائينڊ سيٽ مسجدن جي ممبرن جي توسط سان جڙن ٿا اهي هڪ نه هڪ ڏينهن انهن اقليتن تي مٿان پاڻ کي اڪثريت ڄاڻائي غلبو حاصل ڪري ٿا وڃن. ڪٿي ظلم ۽ بربريت آهي ئي اڪثريت جي ڪري ان ڪري اقليتون انهن معاشرن ۾ شودر ۽ ڀيل باگڙي ٿي ٿا وڃن ان ڪري ته معاشي طاقتن جي پاسن کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي ، دنيا جا مثال ائين به ڪٺا ڪري سگهجن ٿا ته ڪنهن به مهانگائي جي ڪري وزير خزانا جي گهر کي ناهي ساڙيو پر انهن سدائين انهن واٽ ويندن جي گاڏين کي ساڙي راک ضرور ڪيو هوندو ان ڪري ماڻهن جي طاقت جو به هٿ جنهن تائين پڄي ٿو يا جيستائين پڄي ٿو اهي به وسئون نه ٿا گهٽائن.

20 هين صديءَ ۾ جڙانوالا ڀارتي قومي تحريڪن جو مرڪز رهيو هيو يا اهو جڙانوالا جنهن ڀڳت سنگهھ کي جنم ڏنو، اهي سِکَ جن انگريز جي دور ۾ آزاديءَ جون جنگيون لڙيون ۽ اتي ماڻهن ۾ جاڳرتا آندي ۽ ماڻهن ۾ انگريز راڄ جي خلاف بغاوت جا علم کڙا ڪيا ۽ ماڻهن کي آزاديءَ جا خواب ڏيکاريا ۽ اهي جڙيانوالا جا سِکَ هيا جن هاري تحريڪون هلايون جن ڀڳت سنگھ جي اڳواڻيءَ ۾ سوڀون ماڻيون. جن جڙيانوالا جي سِکنَ ”گدر“ نالي سياسي پارٽي جو بنياد رکيو يا جنهن آزاديءَ جي تحريڪن ۾ اسان جي آزادي جي اڳواڻن به مانُ رکيو. جن ماڻهن ۽ سياسي پارٽين ماڻهن ۾ آزاديءَ جي جاڳرتا آندي پر ظلم اهو آهي ته هتي ڪنهن به شيءِ کي تاريخي حيثيت ۾ مڃجي نه ٿو يا جيڪي به شيون آهن يا جيڪي به فلسفا آهن انهن کي مذهبي تارازيءَ ۾ توري تڪي ٿا هلن.

76 سالن کان وٺي جيڪي ماڻهو ڪليسائن ۽ گرجا گهرن ۾ عبادتون ڪندا ٿا اچن انهن کان سندن آزادي کسي ٿي وڃي جنهن جو ازالو ان صورت ممڪن آهي ته ماڻهن کان مذهبي حق نه کسجن ۽ انهن کي پنهنجن پنهنجن عبادتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ ڏني وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.