اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ 5 قسمن جي سرنجن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته تونسه ۽ اسلام آباد ۾ ايڊز جي ڪيسن ۾ واڌ جون خبرون سامهون آيون آهن.
صحت واري وزير چيو ته مرض کي روڪڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙي هئي.
ڪيسن ۾ واڌ جو ڪارڻ بيان ڪندي هن چيو ته استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال سبب ايڇ آءِ وي ايڊز جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي. مصطفيٰ ڪمال موجب ملڪ ۾ ڪُل 3 لک 66 هزار ماڻهو ايڊز جو شڪار آهن، پر ايڇ آءِ وي ايڊز ڪو لا علاج مرض ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته صوبن سان گڏجي هن مرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، حڪومت طرفان پنج قسمن جي سرنجن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
You might also like