قومي اقتصادي ڪائونسل وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 3669 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اعلان کان اڳ، پاڪستان جي قومي اقتصادي ڪائونسل وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 3669 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جي شرح جو هدف 4 سيڪڙو ۽ مهانگائي ۾ واڌ جو هدف 8.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن موجودا حالتن نظر ۾ رکندي پنهنجن سالياني ترقياتي پروگرامن ۾ 1046 ارب رپين جي گهٽتائي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ايندڙ مالي سال لاءِ وفاق جو ترقياتي بجيٽ 126 ارب رپين جي ڪٽوتي کانپوءِ هاڻي 1000 ارب رپيا مختص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبن پنهنجي ترقياتي پروگرامن لاءِ مختص بجيٽ ۾ 920 ارب رپيا گهٽ خرچ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ڪيترائي ڀيرا دير ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٿيل قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي معاشي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ رعايتون متعارف ڪرائڻيون پونديون.
هن چيو ته پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ته حاصل ڪري ورتو آهي، پر هاڻي ترقي جي رفتار کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ٿين، پيداوار وڌي ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿئي.
وزيراعظم چيو ته هن وقت خطي ۾ جاري بحران باوجود پاڪستان آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
اجلاس ۾ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي شرڪت ڪئي، پر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز بيماري سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهي.
اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بجيٽ بابت صوبن سان مشاورت ڪري رهي آهي ۽ وفاق توڙي صوبن وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي.
اجلاس کانپوءِ پلاننگ ڪميشن جي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته وفاق ۽ صوبن ايندڙ مالي سال ۾ نوان ترقياتي منصوبا شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هنن چيو ته دفاعي سلامتي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ضروري رٿائن کانسواءِ ايندڙ مالي سال ۾ ڪو به نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو.
پلاننگ ڪميشن موجب، پنجاب ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 749 ارب رپيا، سنڌ 706 ارب رپيا، خيبرپختونخواهه 455 ارب رپيا ۽ بلوچستان حڪومت 308 ارب رپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪندي.
ٽنهي صوبن پنهنجي سالياني ترقياتي پلان ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، پر بلوچستان لاءِ مختص صوبائي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي وئي آهي.
آزاد ڪشمير ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 88.8 ارب رپيا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن لاءِ 56 ارب رپين جو ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.