اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) پاڪستان مان گئس سيڪٽر جي گردشي قرضن جي معاهدي جي شرطن تي سختي سان عملدرآمد جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري نگران وزير شمشاد اختر جي آءِ ايم ايف اختيارين سان ورچوئل ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ايڪسچئنج ريٽ، پاور ۽ گئس سيڪٽر جي گردشي قرضن تي ڳالهه ٻول ٿي.
ذريعن موجب، نگران ناڻي واري وزير مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچئنج ريٽ تي آءِ ايف کي اعتماد ۾ ورتو ۽ خاطري ڪرائي ته ايڪسچئنج ريٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪائي مصنوعي پاليسي نه جوڙي ويندي ۽ ايڪسچئنج ريٽ جو تعين مارڪيٽ پاڻ ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير شمشاد اختر آءِ ايم ايف اختيارين کي ٻڌايو ته پاور سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٽيرف ريٽ وڌايو ويو آهي.
ناڻي واري وزير موجب، جون 2024 تائين پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2128 ارب تائين محدود ڪيو ويندو ۽ پاور سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ سبسڊيز ختم ڪيون پيون وڃن.
ذريعن موجب ميٽنگ ۾ گئس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان اڳواٽ طئي ٿيل اسڪيم تي ڳالهه ٻول ٿي.
نگران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف اختيارين کي معاهدي جي شرطن تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو جڏهن ته آءِ ايم ايف اختيارين پاڪستان کان معاهدي جي شرطن تي سختي سان عملدرآمد جو مطالبو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير شمشاد اختر طرفان آءِ ايم ايف اختيارين کي اقتصادي جائزو شروع ٿيڻ کان اڳ معاهدي جي شرطن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.