اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) آمريڪا کي پاڪستان ۾ آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊن سان ڪهڙي دلچسپي آهي، آمريڪي سفير جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه آهي.
نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ کليل مداخلت آهي. جڏهن ته اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان آمريڪي سفير سميت مختلف ملڪن جي سفيرن ملاقات ڪئي هئي.
تازي ملاقات به ان ملاقات جي ڪڙي محسوس ٿي رهي آهي. جنهن جو نگران حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز جمعو 25 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي