”سسئي لنگهيو سو ، مرد جنهن مات ڪيا“

زرار پيرزادو

¨ اها ڪنهن به ليکڪ يا ليکڪا جي برابر بدقسمتي هوندي آهي جيڪڏهن ان کي ڪو سٺو  نقاد نٿو ملي. ظاهر آهي ته ليکڪ پاڻ کي ته ڪو مقام نٿو ڏئي سگهي اهو ڪم نقادن جو ئي هوندو آهي.

¨ اصولي طور تي هر ليکڪ/ ليکڪا کي نقاد جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو سندن لکڻين کي جائز مقام ڏياري سگهي يا ساڻن ادبي انصاف ڪري سگهي. سٺو نقاد نه ملڻ ڪري اڪثر تمام سٺا ليکڪ ۽ شاعر دٻجي ويندا آهن ۽ اڀري ناهن سگهندا.

¨ اهڙو احساس مون کي ٻين ڪيترن ليکڪن ليکڪائن سان گڏ نوجوان ڪالم نگارا ۽ شاعره صنوبر خاصخيلي جي تحريرن ۽ خاص ڪري سندس شاعري کي پڙهندي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته ڪاش صنوبر خاصخيلي کي ڪو سٺو نقاد ملي، جيڪو هن بيحد ذهين، گهري، اڏول ۽ نظرياتي ليکڪا ۽ شاهره سان انصاف ڪري سگهي.

¨ اسان وٽ الميو اهو آهي ته سينيئر اديب، نوجوانن کي پڙهندا ئي ناهن، پنهنجي دور ۾ ئي ڦاٿل رهندا، مٿان وري دعويٰ ڪندا ته نئون نسل سٺو نٿو لکي.

¨ صنوبر خاصخيلي انهن ليکڪائن مان هڪ آهي جنهن گهرو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو تنهن ڪري سندس لکڻين ۾ ڪمال جي پختگي ۽ گهرائي ملندي آهي.

¨ سندس شاعري ته مان پڙهي ئي ناهيان سگهندو، پڙهندو آهيان ته سندس شعري مجموعي جي ترت ڇپجڻ جو احساس شدت سان ستائڻ لڳندو آهي. سو سندس شعري مجموعو صنوبر جو خواب هجي يا نه هجي پر منهنجو ضرور آهي.

¨ اها خواهش ممڪن آهي ته ان لاءِ به هجي ته جيئن سندس شاعري جو ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ کيس ڪو نقاد ملي پئي، سنجيده اڀياس ٿي سگهي ۽ سندس شاعري کي جوڳو مقام ملي سگهي.

¨ صنوبر خاصخيلي کي پاڻ ذاتي طور ڪنهن مقام تي پهچڻ جي ڪا چنتا ناهي، نه ئي هُوءَ ان مقصد تحت ڪو لکي ٿي پر سندس پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مان ان جي سخت ضرورت محسوس ڪريان ٿو.

¨ صنوبر خاصخيلي هڪ ئي وقت نثر ۽ نظم جي ليکڪا آهي ۽ جيڪا ليکڪا شاعره هجي ته يقينن ان جو نثر به شاعراڻو ئي هوندو آهي. ان نظم يا نثر ۾ جيڪڏهن وري نظرياتي، بي باڪ، اصولي، سچو ۽ کرو ذهن شامل ٿي پوي ته اهو مواد پوءِ وري ڪا آڳ ڪو ٻارڻ بڻجي ويندو آهي.

¨ صنوبر جو جهڙو نالو آهي تهڙو ئي سندس شخصي وجود آهي. جيڪا تعريف صنوبر وڻ جي آهي سا ئي صنوبر جي شخصيت جي آهي. صنوبر جي وڻ جيان سندس شخصيت به بيحد اوچي، گهڻ رخي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري هوندي آهي.

¨ جڏهن فيس بڪ تي سندس وال تي موجود عورت مخالف مردن جي روايتي ۽ گندي سوچ کي پڙهندو آهيان ته مان ئي گُهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪندو آهيان، سوچيندو آهيان ته صنوبر ان گندي سوچ جي ماحول ۾ ڪيئن موجود آهي پوءِ مونکي محسوس ٿيو ته شايد ان ڪري جو صنوبر مردن جي گندي سوچ واري ان سماج اندر ئي پيدا ٿي آهي تنهن ڪري ان لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. هُوءَ روز جي معمول ۾ اهڙي گندي سوچ، گندي نظر ۽ گندن گفتن جي منهن مقابل رهندي آئي آهي.

¨ نئين ڳالهه البت اها آهي ته صنوبر اتي پنهنجي ڳالهه ڪندي آهي جيڪا وڏي ۽ غير معمولي ڳالهه هوندي آهي. فيس بڪ تي مون اهو به ڏٺو آهي ته اتي صنوبر خاصخيلي جهڙين عورتن جو ڪردار، اخلاقي طور مردن کان تمام گهڻو مٿانهون هوندو آهي. فيس بڪ تي اهي عورتون مردن کي اهو سيکارينديون آهن ته عورتن سان ڪيئن ڳالهائبو آهي.

¨ ان گروپ جي ڄڻ صنوبر ليڊر آهي. مردن جي اڳواڻ آهي. گهٽ ۾ گهٽ سندس ان اهميت کي ڏسي خوشي ٿيندي آهي. صنوبر آهي به ليڊر، هڪ دانشور جيڪا پنهنجي ڪالمن ۽ شاعري سان اسان جي سماج ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي اصلاح ڪندي آهي.

¨ پر جيئن مون مٿي لکيو ته اسان جا سينئر اديب نون ليکڪن کي پڙهن ئي نٿا تنهن ڪري انهن کي سنڌ جو عظيم سياسي، ادبي ۽ تاريخي تسلسل نوجوانن ۾ نظر نٿو اچي. جڏهن ته صنوبر فڪري طور ماروي به آهي ته سسئي به آهي.

¨ مونکي صنوبر خاصخيلي جي فڪر ۾ اڄ جي نورالهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، فهميده حسين، سلطانه وقاصي، عطيه دائود وغيره نظر اچي ٿي جنهن جي تحريرن ۾ انهن ڄاڻايل عورتن جي ڪم جو تسلسل به نظر اچي ٿو.

¨ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي چوندي آهي ته اسان جهڙيون الائي ڪيتريون باصلاحيت عورتون ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ موجود آهن پر فرق اهو آهي ته ڪنهن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي ٿو ڪنهن کي نٿو ملي.

¨ صنوبر خاصخيلي به جيئن ته سنڌ جي ننڍي شهر ميهڙ سان تعلق رکي ٿي تنهن ڪري شهري عورتن جي ڀيٽ ۾ کيس ٽي وي ۽ اسٽيجن جا اهي موقعا نٿا ملن جيڪي سندس غير معمولي صلاحيتن کي آشڪار ڪري سگهن.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اڄ صنوبر خاصخيلي نالي ان نوجوان ليکڪا، ڪالم نگارا ۽ شاعره جو جنم ڏينهن آهي جنهن سان صرف ڀٽائي صاحب جو هيءُ شعر ئي انصاف ڪري سگهي ٿو ته ”سسئي لنگهيو سو ، مرد جنهن مات ڪيا“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.