نوشھرو فيروز جي ڳوٺ خانواھڻ جي رھواسڻ ڏھن سالن جي معصوم نياڻي فاطمه راڻي پور جي پير اسد شاھ وٽ نوڪرياڻي بيٺل ھئي. معصوم نياڻي ھن جي گھر ۾ نوَ مھينن کان ڪم ڪري رھي ھئي، جنھن جي سي سي ٽي وي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رھي آھي. اھو ته ھن تي قدرتي ڏمر ٿيو آھي ورنه ھنن ڳالھه کي ته لڪائي ڇڏيو ھو. جنھن وڊيو ۾ اھو ڏيکاريو پيو وڃي ته معصوم نياڻي تڙپي رھي آھي ۽ ڀرسان پير سمھيو پيو آھي ته ھن درندي کان اھو نٿو پڄي ته ان معصوم نياڻي کي سکڻو ڪو دلاسو ئي ڏي يا ڊاڪٽر تائين پھچائي سگھي. ھوءَ تڙپي ٿي ۽ تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ٿي. هو ستل ئي رهيو ۽ معصوم ٻارڙيءَ جون رڙيون بظاهر هو ٻڌي نه سگھيو. جڏھن فوت ٿي وڃي ٿي پوءِ ھي ڇو ٿو اٿي يا انھيءَ انتظار ۾ ھو ته ھوءَ مري وڃي ته پوءِ اُٿان. جيڪڏهن فاطمه جي جاءِ تي ھن جي پنھنجي نياڻي ھجي ھا ته ڇا ان کي به ائين تڙپندو ڇڏي ڏي ھا. جڏھن ته پاڻ(اسد شاھ) پنھنجي بيان ۾چوي ٿو “اھي نوڪر اسان جا ٻچا آھن. اسان ھنن کي اي سي واري ڪمري ۾ سمھاريندا آھيون، جيڪو اسان کائيندا آھيون اھو ھنن کي کارائيندا آھيون.
” ٻئي ھنڌ ھن جي گھر جي نوڪرياڻيءَ جو بيان آھي ته اسان کي سڄو سڄو ڏينھن ماني نه ملندي ھئي، بک تي تڙپندا ھئاسين. اسد شاھ جي گھر واري(بيبي حنا) تڙپائي تڙپائي ماريندي ھئي. اھا عورت جنھن جي وجود مان ڪيترا ئي معصوم جنم وٺن ٿا. اھا ظالم ڪيئن ٿي سگھي اھا ايتري بي رحم ڪيئن ٿي سگھي. ھن ظالم عورت کي انھن معصومن جو ڪو احساس ئي نه آيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جو ارشاد مبارڪ آھي ته “جيڪو توھان کائو اھو ھنن(غلامن) کي کارايو ۽ جيڪو توھان پھريو اھو ھنن کي پھرايو.” پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي تشريف آوري کان اڳ عرب ۾ اھو رواج ھو ته نياڻين کي جيئري ئي دفن ڪيو ويندو ھو. جڏھن ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي ظھور سان نياڻين کي عزت ملي انھن کي اھي حق مليا جيڪي اسلام اچڻ کان اڳ ھنن کي نه ملندا ھئا.
ھاڻي ائين لڳي ٿو ھي دور اھو ساڳيو موٽي آيو آھي ھاڻي به سنڌ ڌرتيءَ وحشي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ مذھبي ٺيڪيدارن جي ڪوڙين ڪرامتن سان ڀري پئي آھي. جتي سادن ۽ اٻوجھه ماڻھن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. ڇا ھي اھا سنڌ ڌرتيءَ آھي؟ جتي غير اچي پناھون وٺندا ھئا، ڇا ھيءَ اھا سنڌ ڌرتيءَ آھي جنھنجي خوشحالي جي لاءِ جوڌن جوانن پنھنجا سيس نوائي ڇڏيا، پنھنجا گھر, ٻار ٻچا سڀ قربان ڪري ڇڏيا. ڇا ھي اھا سنڌ ڌرتيءَ آھي جنھن شاھ لطيف، سچل سر مست جھڙا عظيم انسان پيدا ڪيا. جن ماڻھن ۾ سجاڳي جو شعور بيدار ڪيو. جن اچي امن جون فتوائون ڏنيون. ڌرتيءَ ته يقينن اھا ئي آھي پر ھتي وحشي صفت انسان داخل ٿيا آھن، جن جي ڪري سڀ امن امان ختم ٿي ويا آھن.
منھنجو سوال آھي انھن ماڻھن کان ته توھان پنھنجن نياڻين يا عورتن کي پيرن جي حويلين ۾ ڇڏيو ڇو ٿا؟ ڇو؟ انھن معصوم نياڻين کي اھڙن درندن جي حوالي ڪيو ٿا؟ جن کي انسانيت جو ذري برابر به احساس ناھي. . خدارا پنھنجن گلڙن جي پاڻ حفاظت ڪريو. توھان جا گلڙا صرف توھان وٽ ئي محفوظ آھن. پنھنجون عزتون انھن وحشي درندن جي حوالي نه ڪريو، جو بعد ۾ انھن جا توھان کي لاش ملن. انھن وحشي بگھڙن کي ڪھڙي خبرته نياڻيءَ جو اصل مقام ڇا آھي؟ ھي اھي بگھڙ آھن جيڪي سادن ماڻھن جي سادگيءَ کي لٽيندا رھن ٿا. اميري جو پوش پائي سرمائيدارسڏرائيندا آھن.
ڪاش! اسان جي عوام ۾ايترو شعورھجي ھا، جو اھڙن وحشي صفت انسانن جو شڪار نه ٿين ھا. جيڪڏھن اسان پنھنجين نياڻين کي اھڙن بگھڙن کان نه بچائينداسين ته الائي جي اڃان ڪيتريون فاطمائون انھن بگھڙن جو شڪار ٿينديون رھنديون. اسان جي ھن سنڌ ڌرتيءَ تي صرف غريبن جون نياڻيون يا عورتون سرمائيدارن جي وحشانيت جو شڪار ڇو ٿيون ٿين اھڙا ڪيس پيرن،ميرن ۽ وڏيرن جي عورتن يا نياڻين سان ڇو نٿا ٿين؟ اھي تڪليفون صرف غريب جي ئي حصي ۾ ڇو آھن. اھڙن ملحد ماڻھن لاءِ توھان ۽ اسان وٽ ڪابه حيثيت نه ھجڻ گھرجي. اي ظالم انسان رب پاڪ وٽ دير آھي پر انڌير نه آھي .