ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي پيٽروليم ليوي جي وصولي خلاف جماعت اسلامي جي عورتن واري شعبي جي سڏ تي ڪراچي ۾ شاهراه قائدين تي عورتن جو احتجاجي مارچ ڪيو ويو. ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندي چيو ته شاهراه قائدين تي گڏ ٿيل عورتون پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ جا ماڻهو مطالبو ڪن ٿا ته حڪومت پيٽروليم ليوي ختم ڪري پيٽرول سستو ڪري ۽ آءِ پي پيزسان ڪيل عوام دشمن معاهدا ختم ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن آءِ پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ڪيو وڃي ته حڪمران ٽولو، جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف به شامل آهن، بي نقاب ٿي ويندو. عورتن جي وڏي شرڪت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فارم 47 واري نظام کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو ته 7 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ پيٽروليم ليوي، آءِ پي پيز مافيا، ڪڻڪ مافيا ۽ ٻين مافيائنخلاف زبردست احتجاج ٿيندو. ان ڏينهن ئي ايندڙ تحريڪ بابت لائحه عمل جو اعلان پڻ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي کان چترال تائين اهم شاهراهون بند ڪيون وينديون، جڏهن ته صرف ايمبولينسن کي رستو ڏنو ويندو. هن چيو ته رياست عوام جي آهي، ڪنهن مخصوص اداري يا طبقي جي نه. پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ عوام جي جدوجهد سان حاصل ٿيو هو. هن الزام لڳايو ته گذريل 78 سالن کان هڪ مخصوص اشرافيه ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي آهي ۽ 35 سال سڌي مارشل لا ذريعي حڪومت ڪئي وئي.هن چيو ته محسن نقوي پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي ته موجوده حڪمران ملڪ هلائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جماعت اسلامي جو واضح موقف آهي ته "جيڪو چونڊن ۾ کٽي، ان کي حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي، فارم 47 ذريعي ڪنهن کي به عوام تي مسلط نه ڪيو وڃي.”جماعت اسلامي پاڪستان جي حلقه خواتين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر حميرا طارق جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ شروع ٿيو. مارچ کي امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر خان، ڊاڪٽر حميرا طارق، ڊپٽي سيڪريٽري ثمينه سعيد، سنڌ جي ناظمه رخشنده منيب ۽ ڪراچي جي ناظمه جاوداں فهيم خطاب ڪيو، جڏهن ته نظامت جا فرض توفيق الدين صديقي انجام ڏنا.