گذريل مضمون ۾ اسان اهو سوال اٿاريو هو ته ڇا هر اها جدوجهد، جيڪا ڪنهن جزوي مطالبي کان شروع ٿئي ٿي، ان کي صرف ان ڪري رد ڪري ڇڏجي جو سڀاڻي ان جا ڪي ڪردار اقتدار جي راهدارين ۾ گم ٿي سگهن ٿا؟ اسان اها ڳالهه ڪئي هئي ته تاريخ مڪمل انسانن جي انتظار ۾ ڪڏهن به نه بيٺي آهي ۽ شعور به ڪنهن ڪتاب جي بند ورقن ۾ تيار نٿو ٿئي، پر زندگيءَ جي ٽڪراءَ، سوالن ۽ مزاحمت جي باهه مان جنم وٺندو آهي. پر هتي هڪ ٻيو، وڌيڪ بنيادي سوال سامهون اچي ٿو: جيڪڏهن شعور جدوجهد مان پيدا ٿئي ٿو، ته پوءِ ڪي جدوجهدون صرف احتجاج رهجي وڃن ٿيون، جڏهن ته ڪي تاريخ جو رخ ئي بدلائي ڇڏين ٿيون؟
ان سوال جو پهريون سنجيده جواب شايد ڪارل مارڪس وٽ ملي ٿو. مارڪس لاءِ فلسفو صرف دنيا جي تشريح ڪرڻ جو نالو نه هو پر فلسفي جو اصل مقصد دنيا کي تبديل ڪرڻ هو. سندس مشهور جملو "فلسفين دنيا جي مختلف نمونن سان تشريح ڪئي آهي، پر اصل ڪم ان کي تبديل ڪرڻ آهي” هي رڳو هڪ انقلابي نعرو نه، پر فڪر ۽ عمل جي لاڳاپي جو بنيادي اعلان آهي. مارڪس جي نظر ۾ انسان جو شعور جامد شيءِ نه آهي، جيڪو ڪنهن درسگاهه يا لائبريري مان تيار ٿي ذهن ۾ داخل ٿئي. شعور انسان جي سماجي عمل، سندس تجربي ۽ سندس جدوجهد سان گڏ گڏ ٺهندو ۽ بدلجندو رهي ٿو. هو ان لاڳاپي کي Praxis، يعني عمل ۽ شعور جي جدلياتي وحدت، جو نالو ڏئي ٿو.
هي تصور اسان کي هڪ اهم نتيجي تائين وٺي وڃي ٿو. جيڪڏهن شعور پاڻ جدوجهد جي عمل ۾ ٺهندو آهي، ته پوءِ ڪنهن به تحريڪ کي ان جي شروعاتي مرحلي ۾ مڪمل نظرياتي شعور جي ڪسوٽي تي پرکڻ، تاريخ جي حرڪت کي سمجهڻ کان انڪار ڪرڻ برابر آهي. ڪو مزدور جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي اجرت لاءِ آواز اٿاري ٿو، ته لازمي ناهي ته هو سرمائيداري نظام جي سموري تنقيد کان واقف هجي. ڪو شاگرد جڏهن يونيورسٽي يا ڪنهن ڀرتي ڪندڙ اداري جي ناانصافيءَ خلاف احتجاج ڪري ٿو، ته ضروري ناهي ته هو رياست، قوميت، جمهوريت يا طبقاتي استحصال جي سڀني بحثن کان آگاهه هجي. پر جدوجهد جو عمل ئي آهستي آهستي سندس شعور کي وسيع ڪندو آهي. عمل صرف شعور جو نتيجو نه هوندو آهي، عمل شعور جو استاد به هوندو آهي. پر جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ هڪ ٻيو سوال به جنم وٺي ٿو. جيڪڏهن جدوجهد شعور پيدا ڪري ٿي، ته پوءِ سماج جا وڏا حصا ڊگهي عرصي تائين ناانصافيءَ کي خاموشيءَ سان ڇو قبول ڪندا رهن ٿا؟ ڇو ڪيترائي ماڻهو ظلم کي قسمت، سفارش کي روايت ۽ ڪرپشن کي نظام جو فطري حصو سمجهي ويهندا آهن؟ آخر اها ڪهڙي قوت آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي ئي زنجيرن سان محبت ڪرڻ سيکاري ٿي؟ ان سوال جو شايد سڀ کان گهرو جواب اطالوي مفڪر انتونيو گرامچي وٽ ملي ٿو.
گرامچي جو خيال هو ته ڪنهن به سماج ۾ حڪمران طبقا صرف فوج، پوليس، عدالتن يا قانون جي زور تي حڪمراني نٿا ڪن، بلڪه هو ماڻهن جي ذهنن تي به پنهنجي بالادستي قائم ڪندا آهن. هو ان کي هيجموني (Hegemony) سڏيندو هو. هيجموني جو مطلب صرف سياسي اقتدار نه، پر اهو ذهني ماحول به آهي، جنهن ۾ مظلوم ماڻهو پاڻ ئي ظلم کي فطري سمجهڻ لڳن ٿا. جڏهن سفارش کي رواج، ڪرپشن کي مجبوري، ۽ ناانصافي کي قسمت سمجهي قبول ڪيو وڃي، تڏهن حڪمران صرف ادارن تي نه، پر ماڻهن جي شعور تي به حڪمراني ڪري رهيا هوندا آهن.
انهيءَ ڪري گرامچي جي نظر ۾ هر اهو سوال، جيڪو ماڻهن کي خاموشيءَ مان ٻاهر ڪڍي، هر اها مزاحمت، جيڪا ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري، ۽ هر اهو احتجاج، جيڪو ماڻهن کي پنهنجي حالت بابت سوال ڪرڻ سيکاري، دراصل هيجمونيءَ جي ديوار ۾ پهريون ڏار هوندو آهي. اها ڳالهه شايد اڄ سنڌ جي نوجوانن جي موجوده جدوجهد کي سمجهڻ لاءِ به سڀ کان اهم آهي. جڏهن ڪو نوجوان پهريون ڀيرو اهو چوي ٿو ته منهنجو حق سفارش بدران ميرٽ تي ڇو نه ملي؟ ته شايد هو اڃا قومي سوال، طبقاتي استحصال يا رياستي ڍانچي جي مڪمل تنقيد تائين نه پهتو هجي، پر هن هڪ اهم ذهني قيد ضرور ٽوڙي ڇڏيو آهي: هن خاموش رهڻ کان انڪار ڪيو آهي.
ترقي پسند سياست جي اصل ذميواري به هتي شروع ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪو نوجوان اڄ صرف ميرٽ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي اهو چئي رد ڪري ڇڏڻ ته سڀاڻي تون به نظام جو حصو بڻجندين، دراصل گرامچي جي سموري فڪر جي ابتڙ آهي. شعور کي حڪم سان پيدا نٿو ڪري سگهجي پر شعور گفتگو، تجربي ۽ جدوجهد جي ڊگهي عمل مان جنم وٺندو آهي. سياسي ڪارڪن جو ڪم ماڻهن جي شعور تي فيصلو ٻڌائڻ نه، پر ان کي اڳتي وڌائڻ هوندو آهي.
سنڌ جي سياسي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته چار مارچ 1967ع رڳو هڪ شاگرد تحريڪ نه هئي، پر شعور جي ارتقا جو هڪ اهم مرحلو هئي. ان تحريڪ جي شروعات ڪنهن انقلابي منشور سان نه ٿي هئي. بظاهر اهو تڪرار وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسن عبدالرحمان جي برطرفيءَ تي هو، پر جيئن جيئن شاگرد جدوجهد جي عمل مان گذرندا ويا، تيئن تيئن کين احساس ٿيندو ويو ته مسئلو ڪنهن هڪ فرد، هڪ آفيس يا هڪ انتظامي فيصلي جو نه، پر سياسي اختيار، قومي تشخص ۽ نمائندگيءَ جي سوال جو آهي. هڪ جزوي مطالبو آهستي آهستي قومي شعور جي علامت بڻجي ويو. تاريخ جي حرڪت جو اهو ئي اصول آهي ڪيئن انسان اڪثر هڪ در کولڻ نڪرندو آهي، پر رستي ۾ کيس ڪيترائي نوان دروازا نظر اچڻ لڳندا آهن.
اڄ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سامهون ويٺل نوجوانن جي جدوجهد کي به انهيءَ جدلياتي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ممڪن آهي ته سڀئي احتجاج ڪندڙ سڀاڻي قومي سياست جا سپاهي نه بڻجن، جيئن اهو به ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو اقتدار جي راهدارين ۾ پنهنجو اڄ جو عزم وساري ويهن. تاريخ اهڙن تضادن کان خالي ناهي. پر جيڪڏهن ڪنهن تحريڪ جي اخلاقي حيثيت جو فيصلو ان جي ممڪن غدارن جي بنياد تي ڪيو وڃي، ته پوءِ دنيا ۾ شايد ڪا به عوامي تحريڪ جائز نه رهي. فرانس جي انقلاب کان وٺي روس جي انقلاب تائين، آفريڪا جي آزاديءَ جي تحريڪن کان وٺي لاطيني آمريڪا جي مزاحمتي تحريڪن تائين، هر دور ۾ ڪي ماڻهو پنهنجي واعدن تان ڦريا آهن؛ پر تاريخ انهن کي نه، پر انهن تحريڪن جي پيدا ڪيل شعور کي ياد رکندي آهي.
انهيءَ ڪري اصل سوال اهو نه آهي ته اڄ جا احتجاج ڪندڙ سڀاڻي ڪهڙا آفيسر بڻجندا، پر اهو آهي ته اڄ سندن جدوجهد سنڌ جي اجتماعي شعور ۾ ڪهڙو اضافو آڻي رهي آهي؟ جيڪڏهن هڪ نوجوان پهريون ڀيرو اهو محسوس ڪري ٿو ته ڪرپشن ڪا قسمت نه، پر هڪ سياسي مسئلو آهي ۽ اهو ته سفارش ڪا روايت نه، پر ناانصافي آهي ۽ رياستي ادارا عوام کي جوابده هجڻ گهرجن، ته پوءِ اها جدوجهد اڳ ئي پنهنجي وجود جو جواز پيدا ڪري چڪي آهي. شعور جي تاريخ ۾ اهڙا لمحا ئي سڀ کان وڌيڪ اهم هوندا آهن.
هتي ترقي پسند ۽ قومي سياست جو ڪردار به انتهائي نازڪ ٿي وڃي ٿو. سياسي ڪارڪن جو ڪم ماڻهن کي سندن موجوده جدوجهد تان مايوس ڪرڻ نه، پر ان جدوجهد کي وڌيڪ وسيع افق سان ڳنڍڻ آهي. جيڪڏهن اڄ نوجوان ميرٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ته کين اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته ميرٽ جي جنگ آخرڪار سماجي انصاف، قومي حقن، جمهوريت ۽ طبقاتي برابريءَ جي جنگ سان ڪيئن ڳنڍيل آهي. شعور کي مٿان لاڳو نٿو ڪري سگهجي؛ شعور ته گفتگو، تجربن، سوالن ۽ گڏيل جدوجهد مان جنم وٺندو آهي. اهو ئي مارڪس جي Praxis، گرامشي جي Counter-Hegemony، روزا لکسمبرگ جي عوامي جدوجهد ۽ پائولو فريري جي آزاديءَ واري تعليم جو گڏيل پيغام آهي.
شايد تاريخ جو سڀ کان وڏو الميو اهو ناهي ته ڪي ماڻهو اقتدار ۾ وڃي پنهنجو ماضي وساري ويهن پر اصل الميو تڏهن جنم وٺندو آهي، جڏهن اسين انهيءَ خوف کان ماڻهن کي جدوجهد ڪرڻ ئي نه سيکارينداسين. جيڪو سماج پنهنجي نوجوانن کي هر قدم تي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو، اهو آهستي آهستي پنهنجي مستقبل تي به بي اعتمادي ڪرڻ لڳندو. ڇو ته اميد به هڪ سياسي قوت آهي، ۽ اميد جو جنم رڳو انهن سماجن ۾ ٿيندو آهي، جتي سوال ڪرڻ جي آزادي زنده هجي.
تاريخ جو هر رستو منزل تائين نه پهچندو آهي، ڪجهه واٽون اڌ ۾ ئي ختم ٿي وينديون آهن، ڪجهه مسافر رستي ۾ ئي ٿڪجي ويهندا آهن، ۽ ڪجهه منزل تي پهچي پنهنجو ئي رستو وساري ڇڏيندا آهن. پر ان هوندي به انسان رستا ٺاهڻ ڇڏي نٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هوندي آهي ته بيٺل پاڻي سڙي ويندو آهي، جڏهن ته وهندڙ درياهه ئي آخرڪار سمنڊ تائين پهچندا آهن