آمريڪي انٽيليجنس اداري سي آءِ اي (CIA) ۽ اسرائيلي اداري موساد (Mossad) اعتراف ڪيو آهي ته هو ايران جي اعليٰ اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، دنيا جون جديد ترين انٽيليجنس ايجنسيون، آمريڪي سي آءِ اي ۽ اسرائيلي موساد، ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي تائين پهچڻ ۾ ناڪامي کي منهن ڏئي رهيون آهن. رپورٽن موجب، پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ مجتبيٰ خامنه اي انٽيليجنس نيٽ ورڪن کي مڪمل طور گهمري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن گذريل 150 ڏينهن دوران نه موبائل فون استعمال ڪئي آهي ۽ نه ئي ليپ ٽاپ. اولهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هو ڪنهن انتهائي محفوظ ۽ ڳجهي هنڌ تي موجود آهن، جتان هو اليڪٽرانڪ ذريعن بدران هٿ سان لکيل پيغامن ۽ قاصدن ذريعي پنهنجا حڪم پهچائي رهيو آهي، جيئن آمريڪي جاسوسي سيٽلائيٽ سندن هنڌ جو پتو نه لڳائي سگهن.
رپورٽ موجب، هن وقت سي آءِ اي ۽ موساد اليڪٽرانڪ نگراني بدران زميني ايجنٽن تي وڌيڪ ڀاڙي رهيا آهن. موساد ايران اندر جنهن ايجنٽن جي نيٽ ورڪ تي ڀروسو ڪيو هو، اهي به آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان عام آبادي ۽ رهائشي علائقن تي بمباري کان پوءِ مايوس ٿي ويا آهن ۽ ڪا اهم ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
موساد جي اڳوڻي ڊويزن چيف رامي اگرا پڻ اعتراف ڪيو آهي ته مجتبيٰ خامنه اي کي ڳولڻ ايترو ئي ڏکيو ڪم آهي، جيترو شديد تباهيءَ کانپوءِ ڪنهن علائقي ۾ قيدين کي ڳولڻ، جتي سخت نگراني باوجود به ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان کان اڳ آمريڪا ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي کي تهران ۾ سندن آفيس تي حملي دوران شهيد ڪيو هو، جڏهن هو فوجي اختيارين سان اجلاس ڪري رهيو هو. رپورٽ موجب، اهو واقعو ڪنهن ڳجهي جاسوسي آپريشن جي ڪاميابي بدران هڪ کليل عمارت تي حملي جو نتيجو هو.
رپورٽ موجب، هاڻوڪي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايراني دفاعي نظام، آبناءِ هرمز جي بندش ۽ ميزائل حملن جي تناظر ۾ سي آءِ اي ۽ موساد جون روايتي جاسوسي حڪمت عمليون هاڪاري ثابت نه ٿيون آهن.