ڇهه مهينن جي جنگ آمريڪا کان گوڏا کوڙائي ڇڏيا، انتظاميا ڌڙابندي جو شڪار، ٽرمپ پريشان

ايران خلاف جاري ڇهن مهينن جي جنگ دوران آمريڪي انتظاميه اندروني اختلافن، دفاعي هٿيارن جي کوٽ ۽ عوامي مخالفت کي منهن ڏئي رهي آهي. رپورٽن موجب، پيٽرياٽ ميزائلن جا ذخيرا 67 سيڪڙو تائين گهٽجي چڪا آهن، جڏهن ته آمريڪا جي اڪثريت هن جنگ جي مخالفت ڪري رهي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ايران خلاف جاري ڇهن مهينن جي جنگ ۾ آمريڪا سخت ڦاسي پيو آهي ۽ وائيٽ هائوس وٽ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪو واضح رستو نظر نٿو اچي.

رپورٽ موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪي جنگ کي ڊگهو ڪرڻ نٿا چاهين، هاڻي سخت پريشاني جو شڪار آهن. سندن انتظاميه پاڻ ۾ ان ڳالهه تي ورهايل آهي ته جنگ جو اصل مقصد ڇا هجڻ گهرجي؛ ايران جي جوهري پروگرام کي روڪڻ، آبناءِ هرمز کي کليل رکڻ يا ايران جي ميزائل ۽ ڊرون نظام کي تباهه ڪرڻ.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان غير يقيني صورتحال سبب آمريڪي فوج کي واضح حڪمت عملي نٿي ملي. هڪ طرف آمريڪي سينٽڪام (CENTCOM) جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر 10 کان 14 ڏينهن تائين شديد بمباري جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻي پاسي گڏيل چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين خبردار ڪيو آهي ته اهڙي حڪمت عملي سان آمريڪا جو بچيل دفاعي نظام به ڪمزور ٿي سگهي ٿو.

جنگ کان اڳ آمريڪا وٽ 2 هزار 700 کان وڌيڪ پيٽرياٽ ۽ THAAD ميزائل موجود هئا، پر ڇهن مهينن دوران انهن جو انگ گهٽجي هڪ هزار کان به هيٺ اچي ويو آهي، يعني ذخيرن ۾ لڳ ڀڳ 67 سيڪڙو گهٽتائي ٿي چڪي آهي.

رپورٽ موجب، هڪ پيٽرياٽ ميزائل جي قيمت لڳ ڀڳ 40 لک آمريڪي ڊالر آهي ۽ ان جي تياري ۾ تقريبن ٻه سال لڳن ٿا. صدر ٽرمپ جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ وڌندڙ دٻاءُ جي وچ ۾ ڦاٿل آهن. کين اميد هئي ته ايراني اعليٰ قيادت جي خاتمي کانپوءِ ملڪ اندر انتشار پيدا ٿيندو، پر ايران سخت مزاحمت ڪئي ۽ سفارتي محاذ تي به علائقي جي ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو.

عوامي سطح تي به صورتحال آمريڪي انتظاميه لاءِ سازگار ناهي. رپورٽ موجب، آمريڪا جي 67 سيڪڙو بالغ شهرين هن جنگ کي بي مقصد قرار ڏنو آهي. چونڊون ويجهو اچڻ سان صدر ٽرمپ لاءِ وقت ۽ سياسي دٻاءُ ٻئي وڌي رهيا آهن.

ٻئي پاسي، وائيٽ هائوس ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا به ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. رپورٽن موجب، ٽرمپ غير هم آهنگ فوجي حملن جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيل آمريڪا تي واضح حڪمت عملي نه هجڻ جو الزام هڻي رهيو آهي.

You might also like