ايران عام واپاري اشتهاري ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن ذريعي آمريڪي فوجين جي لوڪيشن ڄاڻي کين نشانو بڻائڻ جو نئون طريقو اختيار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايراني انٽيليجنس ادارا واپاري اشتهارن لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي فوجين جي جاگرافيائي هنڌ (لوڪيشن) معلوم ڪري رهيا آهن ۽ انهن بابت حساس ڄاڻ حاصل ڪري سڌن حملن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، اهو نظام اشتهاري ڪمپنين وٽ موجود GPS ڊيٽا تي ٻڌل آهي، جيڪو کليل مارڪيٽ ۾ بنا ڪنهن خاص پابندي جي خريد ۽ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي نگراني رڳو هڪ موبائل فون تائين محدود نه هوندي، پر واهپيدار جي اڪائونٽ سان لاڳاپيل هوندي آهي، جنهن سبب جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجو فون به تبديل ڪري ڇڏي ته به سندس لوڪيشن ٽريڪ ٿيڻ جو امڪان برقرار رهي ٿو.
ان کانسواءِ، ايراني ادارا آمريڪي فوجين طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز مان به اهم ڄاڻ گڏ ڪري رهيا آهن، جن ذريعي فوجي اڏن جي بناوت، رستن ۽ فوجي چرپر بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ٿي.
آمريڪي سينٽڪام (CENTCOM) جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر فوجين کي لکيل هڪ خط ۾ خبردار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ پوسٽون ايران کي آمريڪي فوجي اڏن جي لوڪيشن ۽ حملن کانپوءِ جي صورتحال بابت اهم ڄاڻ فراهم ڪري رهيون آهن.
هن مثال ڏيندي چيو ته 17 جولاءِ تي اردن جي موفق السلطي ايئر بيس تي ٿيل حملي دوران هڪ آمريڪي فوجي ميٽا جي سمارٽ گلاسز ذريعي وڊيو رڪارڊ ڪري انسٽاگرام تي اپ لوڊ ڪئي، جنهن ۾ فوجي اڏي ڏانهن ويندڙ رستو ۽ بنڪر واضح طور تي نظر اچي رهيا هئا.
رپورٽ موجب، اردن ۾ مقرر ڪجهه آمريڪي اهلڪارن کي جلد ئي پنهنجا موبائل فون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. بهرحال، فون ضبط ڪرڻ بابت خبرن آمريڪي فوجين جي خاندانن ۾ ڳڻتي وڌائي ڇڏي آهي، جيڪي اڳ ئي ايران طرفان آمريڪي فوجي اڏن تي ٿيندڙ لڳاتار ۽ جان ليوا حملن سبب سخت خوف ۽ بيچيني جو شڪار آهن.