پورٽ آف اسپين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 344 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڪوئينز پارڪ اوول ۾ جاري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 105.4 اوورن ۾ 344 رنسون ٺاهيون.
ميزبان ٽيم طرفان جسٽن گريوز 73 ۽ ڪپتان روسٽن چيز 70 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته برانڊن ڪنگ 46 ۽ شاءِ هوپ 29 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ساجد خان بهترين بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد علي، عبيد شاهه ۽ علي عثمان جي حصي ۾ ٻه ٻه وڪيٽون آيون.
واضح رهي ته هن ميچ ۾ اويس ظفر ۽ عبيد شاهه پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي 1-0 جي سرسي حاصل آهي.
You might also like