سنڌ جي عظيم عوامي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري انساني عظمت حب الوطني انسان دوستي امن ۽ روحاني قدرن سان ڀرپور آهي. لطيف رڳو سنڌ جو نه پر عالمي سطح جو وڏو شاعر آهي جنهن جي فڪر ۾ انسانيت ۽ آزاديءَ جو پيغام سمايل آهي. پليجي صاحب لطيف کي مولانا رومي، حافظ شيرازي، عمر خيام ۽ فردوسي جهڙن عالمي شاعرن جي صف ۾ شمار ڪيو ۽ سندس شاعري کي عالمي ادب جو اهم سرمايو قرار ڏنو. سو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري رڳو شاعري نه پر سنڌ جي سماجي سياسي ۽ قومي شعور جي تعمير جو ذريعو آهي
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ تصوف اهم حيثيت رکي ٿو پر سندس تصوف رڳو گوشه نشيني نه،بلڪه انسان جي اخلاقي روحاني ۽ عملي سڌاري جو پيغام ڏئي ٿو. تصوف جو مقصد خدا سان محبت نفس جي پاڪيزگي سچائي ۽ انسانيت جي خدمت آهي شاھ سائين به پنهنجي شاعري وسيلي انسان کي سچائي اخلاق ۽ حق جي راهه تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو.
مون هڪ ڀيري سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هاڻوڪي چيئرمين شير مهراڻي جو مارننگ شو ۾ انٽرويو ورتو هو. گفتگو دوران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ذڪر نڪتو ته مون لفظ "لطيف سرڪار” چيو ان تي شير مهراڻي مرڪندي وراڻيو مان شاھ سائين سان سرڪار لفظ نه ٿو ڳنڍيان ڇو ته سرڪارون اچڻيون وڃڻيون آھن پر لطيف سائين ته هميشه رهڻو آهي اهو جملو اڄ به منهنجي ذهن ۾ تازو آهي ڇاڪاڻ ته شاھ لطيف واقعي اهڙي سدا حيات شخصيت آهن، جن جو وجود وقت جي حدن کان مٿانهون آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع ۾ هالا حويلي ۾ جنم ورتو سنڌ جي مختلف علائقن جي سفر دوران هن عام ماڻهن جي زندگي سندن ڏکن خوشين ۽ جدوجهد کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو جنهن سندن فڪر کي وڌيڪ وسعت بخشي سندن لازوال شاهه جو رسالو سنڌي ادب جو اهڙو شاهڪار آهي جنهن ۾ عشق وطن سان محبت صبر جدوجهد قرباني وفاداري ۽ روحانيت جا بي مثال سبق سمايل آهن سسئي مارئي سهڻي مومل ۽ نوري جهڙا ڪردار اڄ به همت خودداري وفاداري ۽ سچائيءَ جون زنده علامتون آهن. ڀٽ شاھ ۾ واقع سندن مزار رڳو هڪ زيارتگاھ نه پر سنڌ جي روحاني ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو مرڪز پڻ آهي هر سال صفر مهيني جي 14، 15 ۽ 16 تاريخن تي ساليانو عرس وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي ۽ ھن سال به تمام خوبصورتي سان پنھنجي پڄاڻي تي پھتو جتي هزارين زائرين عقيدت مند
اديب شاعر فنڪار ۽ سياح گڏ ٿيا. فقير تنبوري جي سُرن تي شاهه جو ڪلام ڳائيندا آهن لطيف ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿيون ۽ سنڌ جي ثقافت پنهنجي پوري سونهن سان جلوه گر ٿي.
ڪنهن به قوم لاءِ ان کان وڏي خوش نصيبي ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو ان وٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جهڙو فڪر ادب ۽ روحانيت جو امين موجود هجي قومون صرف پنهنجي تاريخ سان نه پر پنهنجي فڪر ادب ۽ روحاني ورثي سان به سڃاتيون وينديون آهن سنڌ کي جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخصيت پنهنجي شاعري فڪر ۽ انسان دوست پيغام وسيلي عالمي سڃاڻپ بخشي آهي ته اها شخصيت حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي آهي. ھڪ ڀيرو انعام شيخ ٽي وي پروگرام ۾ مھمان طور شريڪ ٿيا. لطيف سائين جو ذڪر ڪندي چيائون ته اسان جھڙي قوم تي الله سائين کي رحم اچي ويو تڏھن لطيف جھڙي ھستي سان نوازيائين. ھي ڳالھه پليجي صاحب ھيئن ڪئي آھي ته ڪڏھن ڪڏھن قومن جي مٿان تاريخ اوچتو اوچتو بنا اطلاع جي مهربان ٿيندي آهي. قومون ۽ هستيون تاريخ ۾ پھريان ھيٺ ھونديون آھن ته انھن قومن تي اوچتو بنا سبب جي نعمتون عطا ٿينديون آهن. حالانڪ سبب گهڻا وڏا ھوندا آھن، پر اھي بظاھر ڏسڻ ۾ نه ايندا آھن اهڙيءَ طرح سان ڪڏهن ڪيترا عذاب نازل ٿيندا آهن، جن جا بظاهري سبب ڏسڻ ۾ ناھن ايندا اسان جي مٿان تاريخ جي طرفان تمام وڏي نعمت عطا ڪئي وئي. اسان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سبب شاهه لطيف آهي، فقط اھو ھڪڙو ماڻھو ھو جيڪو دنيا جي سائنسدانن، اڳواڻن، شاعرن ۽ مفڪرن جي صفن ۾ اسان جي طرفان نمائندگي ڪري سگهي ٿو. پليجو صاحب چئي ٿو ته مون سڄي تاريخ پڙھي آھي. دنيا جي پنج ھزار سالن جي تاريخ جا ثقافتي سياسي فڪري اقصادي ۽ جنگي پاسا وڏي غور سان ڏسنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اسان جو لطيف ئي اھا وڏي شخصيت آھي جنھن کي دنيا جي وڏن طاقتورن اڻ لڀ بي بها شخصيتن جي وچ ۾ مور واري حيثيت ڏئي سگھون.، ٻيو ڪو به ماڻهون اسان جي پنج ھزار سالن جي تاريخ ۾ معلوم ناھي جيڪو ان جي جاءِ والاري سگهي ته :
ڪوڙي ڪايائون تنھنجيون، لکن لک ھزار ،
پريم تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان
پاڻ سڀ ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته لطيف سائين رڳو شاعر ناھي پر انسانيت جو ترجمان محبت جو سفير ۽ سچ جي واٽ جو رهبر آھي سندن شاعري انسان کي پنهنجي اندر جي سچائي ڳولڻ ظلم آڏو نه جهڪڻ محبت کي زندگيءَ جو بنيادي اصول بڻائڻ ۽ هر حال ۾ اميد جو دامن نه ڇڏڻ جو درس ڏئي ٿي عام طور تي جڏهن درد جو ذڪر ٿيندو آهي ته ذهن ۾ غم ۽ وڇوڙو محرومي ۽ مايوسي جا تصور اڀرندا آهن پر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري درد کي صرف روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ جو نالو نٿو بيان ڪري
پر ڏکن کي سکن جي سونھن جو انوکو تصوير ڏئي ٿو.
لطيف وٽ درد هڪ اهڙي روحاني اخلاقي ۽ فڪري قوت آهي جيڪا انسان کي اندر کان جاڳائي سنواري ۽ زندگيءَ جي اعليٰ مقصد ڏانهن وٺي وڃي ٿي ان ڪري مجموعي طور شاھ جي شاعري درد کي تعميري ۽ تخليقي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿي.
لطيف سائين جي رسالي ۾ عشق فراق جدائي ۽ آزمائشن جا منظر بار بار سامهون اچن ٿا پر انهن جو مقصد انسان کي ڪمزور ڪرڻ نه پر مضبوط بڻائڻ آهي. لطيف جي سورمين سسئي، مارئي، سهڻي مومل ۽ نوري هر هڪ ڏک ۽ امتحان مان گذري ٿي پر اهي پنهنجي محبت ۽ سچائيءَ تان هٿ نٿيون کڻن انهن ڪردارن جو درد شڪست نه پر جدوجهد حوصلي ۽ خودداريءَ جو درد آهي. لطيف جي نظر ۾ اهو انسان ئي معتبر آھي جيڪو تڪليفن کي برداشت ڪري پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو رهي ٿو پوءِ چئي ٿو ”ملي ته ملياس نه ته گھوري جان جتن تان“ جتي ڪو افسوس ناھي. لطيف سيکاري ٿو ته ڏک انسان جي تربيت ڪري ٿو ان جي شعور کي وسيع ڪري ٿو ۽ ان کي زندگيءَ جي حقيقتن کان آشنا بڻائي ٿو. اهڙو درد انسان کي مايوس نٿو ڪري پر ان جي اندر نئين اميد نئون حوصلو ۽ نئين تخليق جو جذبو پيدا ڪري ٿو.سو جيڪڏهن شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي ڏسجي ته هو صرف شاعر نه ھو پر هڪ سماجي مفڪر نفسيات دان ۽ ھن سماج جي ڪڌي رسمن کان باغي به ھو سندس عظمت رڳو شاعري ۾ نه پر ماڻهن جي چونڊ ۾ به نظر اچي ٿي هن بادشاهن سردارن ۽ فاتحن کي نه پر انهن ماڻهن کي پنهنجي شاعري جا اھم ڪردار بڻايا جيڪي سماج ۾ ڪو خاص رتبو نه پيا رکن عورتون، مسافر، فقير پورهيت ۽ ھن ھن سماج جا ڌتاريل سندس شاعري جا سورما ۽ سورميون رهيا.
شاھ لطيف جو منفرد پهلو اهو به آهي ته هن ماڻهن کي سوال ڪرڻ سيکاريو. سندس شاعري پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. انهيءَ ڪري شاھ سائين هر دور ۾ نئون محسوس ٿئي ٿو شاھ عبداللطيف ڀٽائي فطرت انساني جذبن ۽ سماجي حالتن کي اهڙي انداز سان پيش ڪيو آهي جو ان ڪو ٻيو مثال نه ٿو ملي، اڄ جي دور ۾ جڏهن ذهني دٻاءُ بيچيني مايوسي ۽ نااميدي وڌي رهي آهي تڏهن شاھ لطيف جو فڪر اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته زندگيءَ جون تڪليفون انجام نه پر نئين شروعات ٿي سگهن ٿيون.
اڄ جي دنيا اي آئي جي دنيا آھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ترقيءَ جي بلندين تي پھتل هجڻ باوجود نفرت عدم برداشت جنگين مذهبي انتهاپسندي ۽ اخلاقي زوال جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. اهڙي اتي شاهه لطيف جو فڪر اڳ کان به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿو شاھ جا بيت سيکارين ٿا ته عزت محبت انصاف ۽ امن کان سواءِ ڪا به ترقي پائيدار نٿي ٿي سگهي جيڪڏهن اسان پنهنجي سماجي، سياسي ۽ تعليمي زندگيءَ ۾ شاھ جي فڪر کي عملي شڪل ڏيون ته نفرتن جي جاءِ تي محبت تعصب جي جاءِ تي رواداري، ناانصافيءَ جي جاءِ تي انصاف ۽ مايوسيءَ جي جاءِ تي اميد جنم وٺي سگهي ٿي. شاھ لطيف کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو ناهي ته اسين فقط سندن مزار تي حاضري ڀريون پر سندن تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون. جڏهن اسين انسان کي انسان سمجهنداسين سچ جو ساٿ ڏينداسين تڏهن ئي شاھ لطيف جو پيغام پنهنجي حقيقي معنيٰ ۾ عمل ۾ آڻي سگھنداسين
شاھ عبداللطيف ڀٽائي صدين کان پوءِ به سنڌ جي روح جو اهو ازلي آواز آهي جيڪو هر دور جي انسان کي محبت امن برداشت سچائي ۽ انسانيت جي واٽ تي هلڻ جي دعوت ڏئي ٿو، ھر ھنڌ رھنمائي ئي رھنمائي آھي پوءِ اها سياسي ھجي سماجي رھبر لطيف ھر واٽ تي اسان جي جوڙجڪ ڪري ٿو سڌو رستو ڏيکاري ٿو.ان لاءِ ضروري آهي ته ڀٽائي سائين کي اسين بار بار پڙھون ۽ سمجھڻ جي ڪوشش کي جاري رکندا اچون