آءِ سي سي پاران آمريڪي ڪرڪيٽر تي 8 سالن تائين هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آمريڪي ڪرڪيٽر بودوگم اخليش ريڊي تي 8 سالن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، بودوگم اخليش ريڊي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ٽن مختلف ڀڃڪڙين ۾ ملوث رهيو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرڪيٽر 2025ع جي ابوظهبي ٽي ٽين ليگ دوران اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس اٺ سالن جي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
آءِ سي سي موجب، بودوگم اخليش ريڊي تي پابندي 21 نومبر 2025ع کان هوندي.

 

You might also like