ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي فلمساز رام گوپال ورما ۽ سينيئر اداڪارا ارميلا ماتونڊڪر جي لاڳاپن بابت نوي واري ڏهاڪي کان هلندڙ افواهن هڪ ڀيرو ٻيهر پڪڙي زور ورتو آهي.
سينيئر ڀارتي صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي مبينا طور ڳجهي شادي به ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سينيئر صحافي جيوتي وينڪٽيش هڪ يوٽيوب چينل سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اها ڄاڻ ڏکڻ ڀارتي اداڪار چرنجي وي فلم ”جينٽلمين“ جي شوٽنگ دوران ڏني هئي.
جيوتي وينڪٽيش موجب، چرنجيوي کيس چيو ته ”توهان صحافي طور هر ڳالهه تي لکو ٿا، پوءِ رام گوپال ورما ۽ ارميلا جي شادي بابت ڇو نه ٿا لکو؟ “
صحافي دعويٰ ڪئي ته جڏهن هن ثبوت بابت پڇيو ته چرنجيوي ٻڌايو ته اها شادي آنڌرا پرديش جي هڪ مندر ۾ ٿي هئي ۽ کيس ان پنڊت جو فون نمبر پڻ ڏنو، جنهن شادي ڪرائي هئي.
جيوتي وينڪٽيش جو چوڻ هو ته خبر شايع ڪرڻ کان اڳ هن ارميلا ماتونڊڪر سان رابطو ڪري شادي جي تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اداڪارا روئڻ لڳي ۽ چيو ته ”توهان مون بابت ائين ڪيئن ٿا لکي سگهو ؟ توهان مون کي تڏهن کان سڃاڻو ٿا، جڏهن مون فلمي دنيا ۾ قدم رکيو هو.“
صحافي وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته هن رام گوپال ورما سان به رابطو ڪيو، پر فلمساز ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيوتي وينڪٽيش اِها به دعويٰ ڪيو ته ارميلا رام گوپال ورما سان قانوني شادي ڪرڻ چاهي پئي، پر رام گوپال ورما ان لاءِ تيار نه هو، جنهن سبب ٻنهي جا رستا ڌار ٿي ويا.
ياد رهي ته رام گوپال ورما ۽ ارميلا ماتونڊڪر ڪيترين ئي مشهور فلمن، جن ۾”رنگيلا“، ”دوڙ“،”ستيه“۽”پيار تُو ني ڪيا“شامل آهن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.
اُرميلا ۽ رام گوپال ورما جي ڳجهي شادي جو انڪشاف، جوڙو ڌار ڇو ٿيو؟ ڪارڻ به سامهون اچي ويو
You might also like