لزبن (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي شادي جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، رونالڊو پنهنجي پارٽنر جارجينا روڊريگيز سان پرتگال جي ٻيٽ مڊيئرا ۾ شادي ڪندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، مڊيئرا اهو ئي ٻيٽ آهي جتي رونالڊو ڄائو ۽ هن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو.
رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته رونالڊو ۽ جارجينا هلندڙ مهيني 8 آگسٽ تي شادي ڪندا، جڏهن ته ٻنهي طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪا به باضابطا تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي.
برطانوي ميڊيا موجب، مهمانن جي اعزاز ۾ فائيو اسٽار هوٽل ۾ شاندار آجياڻي کان اڳ رونالڊو ۽ جارجينا مڊيئرا جي فنچل ڪيٿڊرل چرچ ۾ شادي جون رسمون ادا ڪندا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شادي جي موقعي تي هڪ لگزري هوٽل جا ٻه فلور ۽ ڪيئي بار جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن بند رهندا، جنهن سبب هوٽل ۾ ڪيل غيرمعمولي انتظامن بابت افواهه زور پڪڙي ويا آهن ته اهي سڀ تياريون رونالڊو ۽ جارجينا جي شادي لاءِ ڪيون پيون وڃن.
واضح رهي ته پرتگالي ميڊيا اڳ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته رونالڊو فيفا ورلڊ ڪپ 2026 کانپوءِ شادي ڪندو.
ياد رهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ جارجينا روڊريگيز جي پهرين ملاقات 2016ع ۾ ٿي هئي، جڏهن ته ٻنهي آگسٽ 2025ع ۾ مڱڻو ڪيو هو.
هڪ انٽرويو دوران رونالڊو به انڪشاف ڪيو هو ته سندس وڏي ڌيءَ جارجينا کي شادي جي آڇ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
رونالڊو گهوٽ بڻجڻ لاءِ تيار، جارجينا کي مڊيئرا ٻيٽ وٺي ويو، شادي جي تاريخ ۽ تفصيل پڌرا
Next Post
You might also like