ايران جي جنگي حڪمت عملي ۽ آبنائي هرمز جو مستقبل

سيد مجاھد علي

فيبروري ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران تي حملن کان اڳ آبنائي هرمز مان عالمي سامونڊي آمدرفت بابت ڪو به تڪرار موجود نه هو. پر جنگ دوران ايران جي پاسدارانِ انقلاب هن اهم سامونڊي لنگهه تي ڪنٽرول قائم ڪري ڇڏيو ۽ هر قسم جي سامونڊي آمدرفت بند ڪري ڇڏي. اهڙيءَ طرح ايران جي سخت گير ملا رجيم کي ختم ڪرڻ يا ايران جي جوهري صلاحيت کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جي مقصد سان شروع ٿيندڙ جنگ هاڻي آبنائي هرمز جي مستقبل سان ڳنڍجي وئي آهي. ايران هر صورت ۾ هن سامونڊي لنگهه تي پنهنجي اختيار کي برقرار رکڻ چاهي ٿو. انهيءَ مقصد لاءِ هن "خليج فارس آبنائي اٿارٽي” نالي هڪ ادارو به قائم ڪيو آهي. ايران جو مطالبو آهي ته هن رستي تان گذرندڙ هر ٻيڙي يا جهاز کي ان اٿارٽي کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي، ۽ ان سان گڏ ايران جي اختيارين کي فيس يا محصول به ادا ڪرڻو پوندو.

آمريڪا، ايران سان اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي شق پنج تحت اهو تسليم ڪيو آهي ته ايران علائقي جي ٻين ملڪن سان گڏجي هن سامونڊي رستي جي مستقل انتظام بابت گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪندو. البت، ساڳئي يادداشت ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته حتمي معاهدي تائين هن رستي تان گذرندڙ جهازن تي ڪا به پابندي لاڳو نه ڪئي ويندي. پر ايران هن شق جي پنهنجي تشريح ڪندي دعويٰ ڪري ٿو ته آبنائي هرمز تي سندس خودمختياري تسليم ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري جيڪو به جهاز ايران جي اختيارين کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ يا مقرر ڪيل رستي کان هٽي گذرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان کي نشانو بڻايو ويندو. اهو ئي اختلاف هاڻي هڪ اهڙي تڪرار جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو جيڪڏهن ڊگهو ٿيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي جون سموريون اميدون ختم ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي حملن ۽ سخت بيانن جي باوجود رابطن جا دروازا بند ناهن ڪيا، ۽ دوحه ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون به جاري رهيون آهن.هاڻي صورتحال آهستي آهستي واضح ٿي رهي آهي ته ايران آبنائي هرمز جي بين الاقوامي حيثيت تبديل ڪرائي، ان تي مڪمل خودمختيار ڪنٽرول قائم ڪرڻ چاهي ٿو.

آمريڪا ۾ صدر ٽرمپ جي حڪومت لاءِ مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن سندس شروع ڪيل جنگ جي نتيجي ۾ دنيا جا ملڪ هن اهم سامونڊي رستي تان آزاد آمدرفت جي مڃيل حق کان محروم ٿي وڃن ٿا ته ان جي ذميواري آخرڪار آمريڪا تي ئي ايندي. پوءِ اها چوڻي سچي ثابت ٿيندي ته "نماز بخشائڻ ويا هئا، روزا ڳچيءَ ۾ پئجي ويا.” يعني آمريڪا ايران کي جوهري صلاحيت کان محروم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو، پر پنهنجي ئي مسلط ڪيل جنگ سبب هڪ عالمي سامونڊي رستي جو ڪنٽرول اهڙي ملڪ ۽ حڪومت جي حوالي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، جنهن تي عالمي اعتماد موجود ناهي. انهيءَ ڪري آمريڪا لاءِ آبنائي هرمز تي ايران جي مڪمل بالادستي قبول ڪرڻ آسان نه هوندو. جيڪڏهن پاسدارانِ انقلاب هن سامونڊي لنگهه تي پنهنجي اختيار قائم رکڻ تي بضد رهيو ته وچ اوڀر ۾ جنگ اڻڄاتل عرصي تائين ڊگهي ٿي سگهي ٿي، ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ به ممڪن نه رهندو. اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ آمريڪا شايد ان اميد سان اها شق قبول ڪئي هئي ته آبنائي هرمز جي انتظام بابت ايران ۽ علائقي جي ٻين ملڪن جي گڏيل سهڪار سان ڪو اهڙو طريقه ڪار تيار ٿي ويندو، جنهن سان عمان ۽ ٻيا ملڪ ايران کي متوازن ۽ اعتدال پسند رويو اختيار ڪرڻ تي آماده ڪري سگهندا. يا وري ايراني قيادت کي اهو احساس ٿيندو ته هن معاملي تي مناسب سمجهوتي ۽ افهام و تفهيم کان سواءِ واشنگٽن سان ڪنهن به حتمي معاهدي تائين پهچڻ ممڪن نه هوندو. پر هاڻي تهران جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي، تنهن مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته ايران لاءِ امن معاهدي کان وڌيڪ اهميت آبنائي هرمز تي مڪمل اختيار حاصل ڪرڻ جي آهي. ايرانين جو خيال آهي ته جيڪڏهن هو هن سامونڊي لنگهه تان گذرندڙ جهازن کان فيس وصول ڪرڻ شروع ڪن ته جنگ دوران ٿيل معاشي نقصانن جي تلافي ڪري سگهندا. ان کان علاوه، هن رستي تي ڪنٽرول قائم ٿيڻ سان انهن خليجي ملڪن تي به ايران جو اثر وڌندو، جيڪي پنهنجو تيل، گئس ۽ ٻيو واپاري سامان هن سامونڊي لنگهه وسيلي دنيا ڏانهن موڪلين ٿا. ايران کي اميد آهي ته اهڙي ريت هو وچ اوڀر کي آمريڪي اثر کان "آزاد” ڪرائي پنهنجي سياسي ۽ معاشي اثر رسوخ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، ۽ آخرڪار عرب ملڪن کي پاڻ کي علائقي جي سڀ کان طاقتور قوت طور تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪندو. پر عرب ملڪن بابت اهڙا اندازا قائم ڪندي ايراني حڪومت هڪ اهم حقيقت کي نظرانداز ڪري رهي آهي. ايران جي خودمختياري لاءِ اصل خطرو اسرائيل کان آهي، جڏهن ته عرب ملڪن سان تڪرار وڌائڻ سان هو عملي طور آمريڪي اثر رسوخ کي گهٽائڻ بدران اسرائيل جي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

انهيءَ دوران عمان آبنائي هرمز جو هڪ متبادل سامونڊي رستو فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني، پر ايران ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايران جو چوڻ آهي ته عمان به ان کي نظرانداز ڪندي عالمي جهازن کي آبنائي هرمز مان آزاد آمدرفت جي سهولت نٿو ڏئي سگهي. اهڙيءَ طرح ايران بين الاقوامي سامونڊي پاڻيءَ ۾ جيڪا آزادي ۽ خودمختياري پنهنجي لاءِ گهري ٿو، ساڳئي حق کي عمان لاءِ تسليم ڪرڻ تي تيار نظر نٿو اچي. گذريل ڏينهن جنهن سامونڊي جهاز تي حملو ڪيو ويو، اهو عمان جي سامونڊي حدن اندر موجود هو، پر ايران ان کي به نشانو بڻايو. ان دوران ايراني قيادت عمان ۽ قطر سان به آبنائي هرمز جي انتظام بابت ڳالهيون ڪندي رهي آهي، پر ايران هر حال ۾ هن سامونڊي لنگهه تي مڪمل خودمختياري ۽ اتان گذرندڙ سامونڊي ٽريفڪ تان محصول وصول ڪرڻ جي مطالبي تي قائم آهي. ٻئي طرف عمان هن طريقيڪار کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ۽ نه ئي ٻيا خليجي ملڪ آبنائي هرمز تي ايران جي مڪمل بالادستي کي مڃڻ لاءِ راضي آهن.

هاڻي گڏيل قومن جي سامونڊي معاملن واري ڪائونسل  پڻ آبنائي هرمز کي ايران جي مڪمل قبضي هيٺ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي. ڪائونسل جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ملڪ کي هن سامونڊي لنگهه ۾ ايران جي هڪ طرفي مداخلت يا بالادستي کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي. پر ايران نه رڳو هن ڪائونسل جي دائري اختيار کي مڃي ٿو، پر انهن عالمي معاهدن کي به قبول نٿو ڪري، جن جي بنياد تي اها ڪائونسل قائم ڪئي وئي ۽ جيڪا بين الاقوامي سامونڊي آمدرفت جي نگراني ڪري ٿي.

جيتوڻيڪ آمريڪي حڪومت هن جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿي، پر جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز واري تڪرار کي وڌيڪ ڊگهو ڪري آمريڪا لاءِ ڏکيائون وڌايون ته پوءِ واشنگٽن وٽ فوجي ڪارروائي کان سواءِ ٻيو ڪو خاص رستو نه رهندو. اهڙي صورت ۾ ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي ٻيهر لاڳو ٿي سگهي ٿي ۽ مٿس معاشي پابنديون به وڌيڪ سخت ٿي سگهن ٿيون. هن معاملي تي ايران کي نه ڪنهن علائقائي ملڪ ۽ نه ئي ڪنهن يورپي رياست جي حمايت حاصل آهي، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ملڪن اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کي جارحيت قرار ڏنو هو. اهڙيءَ طرح ايران پنهنجي ضد سبب آمريڪا جي غيرقانوني جنگ کي به هڪ حد تائين جائز فوجي ڪارروائي جو جواز فراهم ڪري سگهي ٿو.

عمان اڃا تائين ايران سان دوستاڻا ۽ همدرداڻا لاڳاپا برقرار رکيو ويٺو آهي، پر اهو ڇو پنهنجي حصي واري آبنائي هرمز ۾ ايران جي مداخلت برداشت ڪندو؟ في الحال آمريڪي حملن سبب ايران هن معاملي کي "ظالم ۽ مظلوم” جي تڪرار طور پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، پر جيڪڏهن آمريڪا هن تڪرار کان تنگ اچي علائقي مان پنهنجو ڪردار محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪري، تڏهن به عرب ۽ يورپي ملڪ آبنائي هرمز ۾ ايران جي شرطن تي سامونڊي آمدرفت قبول نه ڪندا. ان ڪري اهو تڪرار ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهڻ جو امڪان آهي. آبنائي هرمز تي مڪمل خودمختياري حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ ايران کي هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ جنگ لاءِ تيار رهڻو پوندو، جڏهن ته اتي جي عوام کي به اڻ ڄاتل عرصي تائين سخت معاشي ڏکيائين ۽ مالي بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

 

You might also like