منهنجي خاندان جو چوٿون قتل: هاڻي مان ڪنهن کي دانهن ڏيان؟

ام رباب چانڊيو

اسان جو بابا توهان جو ڏاڍو خيال ڪندو هو، توهان جو چيو مڃيندو هو! هاڻي توهان بابا کي چئو ته اٿي، اسان کي پيار ڏئي! اسان جو بابا سمهي رهيو آهي، کيس چئو ته هاڻي اٿي جاڳي، اسان سان ڳالهائي!“ اهي لفظ منهنجي خاندان جي چوٿين شهيد، رياض علي چانڊيو جي معصوم ٻارڙن جا هئا، جيڪي لاش مٿان روئيندي مون کي پنهنجي شهيد پيءُ کي جاڳائڻ لاءِ چئي رهيا هئا. اها ننڊ، جنهن مان ڪير به جاڳي نٿو سگهي، رڳو قيامت جي ڏينهن خدا جي حڪم سان اسان سڀ جاڳنداسين ۽ ان ڏينهن ئي حقيقي انصاف ٿيندو. رياض علي چانڊيو منهنجي شهيد پيءُ جو سئوٽ هو، جيڪو منهنجي پڦاٽ جو گهر وارو هو. هوءَ هاڻ جوانيءَ ۾ بيواهه ٿي وئي آهي، ۽ سندس ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ يتيم ٿي ويا آهن. اهي يتيم، جيڪي قاتلن کي هميشه پاراتا ڏيندا رهندا ۽ مون کي يقين آهي ته سندن اهي دانهون ضرور بارگاهه الاهي ۾ پهچنديون.

منهنجي زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه هئا. مان سڄي سنڌ ۾ اٿي ويٺي آهيان، سوين ڀيرا عدالتن ۾ پيش ٿي آهيان، ڪيترن ئي مظلومن جي وارثن وٽ تعزيت لاءِ پهتي آهيان، پر ادا رياض جي قتل تي ايئن لڳو ته ڏک ۽ غم جا سڀ لفظ موڪلائي چڪا آهن. مون کي هڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته مان هڪ اهڙي وڏي رڙ ڪيان جنهن سان آسمان ڪِري پوي، پر پوءِ مون کي وري به صبر جو رستو نظر آيو، جيڪو اسان جي عظيم رهنمائن جو رستو آهي.

هي اسان جي خاندان جو چوٿون قتل آهي. ان کان اڳ ساڳين قاتلن ۽ سندن ساٿارين منهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي کي قتل ڪيو هو. سڄي سنڌ ۽ ملڪ جو عوام شاهد آهي ته مون اهو ڪيس ڪيئن وڙهيو، پر انصاف اهو مليو جو ڪجهھ به نه مليو. قتل ڪيس جا مک جوابدار ۽ بڇ ڏيندڙ سڀ آزاد ٿي ويا. حيرت آهي ته قاتلن جي سرپرستن جن ماڻهن کي پاڻ قتلن جو ذميوار قرار ڏنو هو، اهي به عدالتن مان آزاد ٿي ويا.

ادا رياض جي قتل کي چار ڏينهن گذري ويا آهن. واقعي جو ڪيس ڏهن جوابدارن تي داخل آهي، پر مک جوابدار اڃا به آزاد آهن ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته "توهان جا وڌيڪ ماڻهو مارينداسين ۽ سڄو خاندان ختم ڪنداسين.” حيرت جي ڳالهه آهي ته قاتلن کي بچائڻ لاءِ ساڳي سنڌ پوليس ۽ ساڳيا حڪمران اڳوڻو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پوليس کي هدايتون آهن ته قاتلن جو وار به ونگو نه ٿيڻ گهرجي. هاڻي سوال اهو آهي ته هي ڪهڙي حڪومت آهي، هي ڪهڙي جمهوريت آهي، يا هي سراسر يزيديت آهي؟

هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪي آدمخور اسان جي پويان پيل آهن، پر اسان امام حسين عليه السلام جا پيروڪار آهيون. اسان پنهنجي مقصد ۾ اٽل آهيون، يزيد جي بيعت ڪڏهن به نه ڪنداسين. اسان موت قبولينداسين پر ڪنهن جابر اڳيان نه جهڪنداسين. اسان پرامن هئاسين ۽ پرامن رهنداسين، پر قاتل ۽ سندن سرپرست چاهين ٿا ته هي جهيڙو سڄي برادري ۾ پکڙجي. مون کي يقين آهي ته اهي وحشي درندا پنهنجي ناپاڪ سازشن ۾ ناڪام ٿيندا.

ڪڏهن سوچيندي آهيان ته ميهڙ جيڪو ڪنهن وقت پنهنجي مينديءَ جي خوشبوءَ لاءِ مشهور هو، اڄ ان مظلوم خاندان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جن لاءِ زندگيءَ جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. پر فرعونيت ڪڏهن به هميشه قائم نه رهندي آهي. جڏهن فرعونيت عروج تي هوندي آهي ته ڪو موسى به پيدا ٿيندو آهي. اهي نام نهاد طاقتور ڪجهه به سوچين، پر رب جي ذات سڀ کان طاقتور آهي. مان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته مون کي ۽ منهنجي خاندان کي بااثر سردار ۽ سندن ڊيٿ اسڪواڊ مان سنگين خطرو آهي. ادا رياض جو قتل ان جو ثبوت آهي ته انهن کي ‘لائسنس ٽو ڪِل’ (قتل جو پروانو) ڏنو ويو آهي. مان آءِ جي سنڌ، گهرو وزير، سي ايم سنڌ، ڊي جي رينجرز، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم، صدر، آرمي چيف ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي زندگي خطري ۾ آهي. اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، پر جيڪو انصاف ڪري سگهي ٿو، اهو ضرور ڪري.

سو مان گذريل ٽن ڏينهن کان هڪ خوفناڪ خواب ڏسان ٿي، جنهن ۾ مون کي آدمخور منهنجي پويان نظر اچن ٿا. مان ڇرڪ ڀري اٿان ٿي ۽ پوءِ وري ننڊ نٿي اچي، پر خدا جي طرفان دل کي آٿت ضرور ملي ٿي ته انصاف گهڻو پري ناهي.

 

You might also like