ويب ڊيسڪ(ويب ڊيسڪ)اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز دوران ڪيئي تاريخي رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو.
ڪوهلي کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 15 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ رڳو 203 رنسون گهربل آهن.
هو ڀارت طرفان انگلينڊ خلاف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجڻ کان رڳو ٻه سينچريون پري آهي.
ڪوهلي کي انگلينڊ جي سرزمين تي بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ ڀارت لاءِ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجڻ لاءِ رڳو نوَ رنسون کپن.
ون ڊائون پوزيشن عالمي ڪرڪيٽ ۾ 16 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ کيس 81 رنسون ٺاهڻيون پونديون.
کيس ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ خلاف سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي بيٽر بڻجڻ لاءِ 150 رنسون اسڪور ڪرڻيون پونديون.
لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ آل ٽائيم سينچرين جي رڪارڊ جي برابري يا ان کي ٽوڙڻ لاءِ به ڪوهلي کي رڳو ٻه وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪرڻيون پونديون.
ان کانسواءِ انگلينڊ خلاف ڪنهن به ڀارتي بيٽر طرفان سڀ کان وڌيڪ 50 يا ان کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ لاءِ کيس رڳو هڪ وڌيڪ 50+ اننگز جي ضرورت آهي.
You might also like