ملڪ ۾ سياست جي گنجائش ناهي رهي، رياست کي سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي:اختر مينگل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بدقسمتي اها رهي آهي ته هتي سياست وڪري جي شيءِ بڻجي وئي آهي. هتي اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ لاءِ عوام جي حمايت نه، پر نوٽن جي ضرورت پوي ٿي. هتي صحافت کي اهڙن قانونن ذريعي پابند بڻايو وڃي ٿو. ڇا اڄ اهو ظلم ۽ زيادتي ناهي جو ملڪ جون سڀ کان وڏيون مخالف سياسي پارٽيون اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس به نٿيون ڪري سگهن؟ جڏهن اسلام آباد جي اها حالت آهي ته پوءِ جيئن چوندا آهن ته ڪڏهن اسان جي گهٽيءَ ۾ به اچي ڏسو، بلوچستان جي صورتحال ته ان کان به وڌيڪ خراب آهي.عدالتن مان انصاف جي اميد نه  ڪنهن عام شهري کي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن سياستدان کي. اڄڪلهه ججن جي ورهاست اهڙي نموني ٿي رهي آهي، جيئن ريوڙيون ورهايون وينديون آهن. ڄڻ ته باقاعدي ججن جون مقرريون به ريوڙين وانگر ورهايون پيون وڃن. ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ خاص طور بلوچستان جي حالت سڀني جي سامهون آهي. زيارت جي واقعن جو ذڪر خان صاحب ڪيو، هتان واري واقعي جو به خان صاحب ۽ علامه صاحب ذڪر ڪيو، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي جو به ذڪر ڪيو ويو. جيڪڏهن انهن سڀني معاملن تي نظر وجهجي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ انهن مسئلن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. گهٽتائي تڏهن اچي ها، جيڪڏهن حڪومت انهن معاملن ۾ سنجيدگي سان دلچسپي وٺي ها ۽ انهن جي حل لاءِ حقيقي ڪوششون ڪري ها. پر هتي ته جيڪو به اقتدار ۾ ويٺل هجي يا حڪومت جو نمائندو هجي، اهو پريس ڪلب هجي يا جلسو، ڌمڪين کان سواءِ سندس وات مان ٻيو ڪو لفظ نٿو نڪري. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ سڄو بلوچستان ڄڻ "نو گو ايريا” بڻجي ويو آهي، جتي نه ڪو سياسي ڪارڪن وڃي سگهي ٿو، نه سياست ڪرڻ جي گنجائش آهي، نه جلسا جلوس ڪرڻ جي آزادي آهي ۽ نه ئي سيمينار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. جڏهن اسان اهو ئي درد کڻي اسلام آباد يا لاهور ايندا آهيون ۽ اهي ڳالهيون ڪندا آهيون ته انهن کي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي، اسان جون ڳالهيون انهن کي چڀنديون آهن. پوءِ توهان پاڻ اندازو لڳايو، جڏهن اسان جون ڳالهيون انهن کي ايتريون چڀن ٿيون ته ڇا انهن جون گوليون اسان تي اثر نٿيون ڪن؟ اسان جي ٻارن جي سينن ۽ سندن مٿن تي جيڪي گوليون هلايون وڃن ٿيون، ڇا انهن جو درد اسان محسوس نٿا ڪريون؟ اهڙو ڪو ڏينهن نٿو گذري، جنهن ۾ بلوچستان جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ جهيڙا نه ٿيندا هجن. اهڙو ڪو وقت نٿو گذري، جڏهن ماڻهن کي کنڀيو نه ويندو هجي يا سياسي ماڻهن کي زنجيرن ۾ نه جڪڙيو ويندو هجي. جيڪڏهن رياست واقعي بلوچستان، ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين مسئلن جو حل چاهي ٿي ته ان لاءِ سنجيدگي ۽ حقيقي دلچسپي جو مظاهرو ڪري. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن اهو سلسلو اهڙيءَ طرح ئي هلائڻ چاهين ٿا ته هلائين، پر اهو هميشه نٿو هلي سگهي. توهان هن نظام کي گهلي رهيا آهيو، ۽ گهليندي گهليندي پٿر به گهِسجي ويندو آهي. اسان ته آخر انسان آهيون، لوهه به گسجي ويندو آهي، اسان جون هڏيون ته لوهه جون ٺهيل ناهن.

 

You might also like