بلوچستان سميت مسئلن جو بنياد حڪومتي پاليسين ۾ تضاد آهي: زين شاهه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايس يو پي سربراهه زين شاهه چيو ته بلوچستان تي ڳالهيون ڪيون، انهن سان اتفاق ڪندي صرف مان ڪجهه شيون وڌيڪ شامل ڪندس ته اسان جي داخلي ۽ خارجي پاليسي (علائقائي) طور تي غلط آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي به اندروني تضاد آهن يا پبلڪ موومنٽس (عوامي تحريڪون) آهن،  جمهوري سياست ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ به سليڪٽو (چونڊيل) آهي ۽ جعلي اليڪشنز جي ذريعي جيڪو هائبرڊ سسٽم بڻايو ويو آهي، اهو به ناڪام ٿي چڪو آهي. اڪنامڪ  وائز (معاشي طور) ته سواءِ هڪ انڊيڪيٽر جي، باقي ايمپورٽس هيٺ ويون آهن، امپورٽس وڌيون آهن، بل وڌندا پيا وڃن ۽ انڊسٽريل ۽ ٽريڊ ٻئي گهٽ آهن. هڪ انڊيڪيٽر هو، اهو آهي .. پهريان ڏنو ويو سي پيڪ (CPEC) گيم چينجر، پھرين چيو ويو ته اڏام پاڪستان، پاڪستان جون ايمپورٽس وڌنديون ۽ ٻيون شيون اينديون ۽ ٽيون چيو ويو ته ايس آئي ايف سي (SIFC) جيڪا آهي، اها فارن ڊائرڪٽ انويسٽمينٽ آڻيندي. روز نوان نيريٽو آڻيندا آهن، پر انهن مان ڪنهن سان به نه اڪنامڪ اسٽيبلٽي (معاشي استحڪام) اچي سگهي آهي ۽ نه ئي فارن ڊائرڪٽ انويسٽمينٽ اچي سگهي آهي. اندر ماڻهو ناراض هتان تائين آهن ته ڪشمير جيڪو 78 سالن کان اسان جو هڪ نيريٽو هو پاڪستان جو، اهو سڀ ٻوڙي ڇڏيو اٿن.ي صحافت، هي ڪاڪي؟ هي ڪينگرو صحافت؟ ان مان ڇا نڪرندو؟ ڪينگرو ڪورٽس؟ ان مان آڻڻ ڇا ٿا چاهين؟ ۽ هي ڪينگرو پارليامينٽ جيڪا 8 فيبروري 2024 تي آندي اٿن، ان مان ڪهڙو نظام آندو اٿن؟ ته ان جو ڪو به فائدو نٿو ٿئي. آئين کي بائي پاس ڪري، پهريان صدر ڪينالن (نهرن) جي اناؤنسمنٽ ڪئي. هاڻي نئشنل اڪنامڪ ڪائونسل جي معرفت جيڪا اين ايف سي جي ڊسٽريبيوشن هئي، ساڍا 57 فيصد صوبن جي هئي ۽ 42، ساڍا 42 فيصد فيڊرل (وفاق) جي هئي، ان کي تبديل ڪري 35 فيصد ڪيو ويو آهي صوبن جو ۽ 65 فيصد ڪيو ويو آهي وفاق جو. ۽ وفاق کي پئسن جي ضرورت ناهي. چون ٿا ضرورت آهي، چيو ويو آهي ته اهي پئسا نون واٽر پراجيڪٽس ۽ ڊيفينس (دفاع) ۾ استعمال ٿيندا. اهو به ٻڌايو اٿن ۽ اهو ٽن سالن تائين جاري رهندو. وفاق کي ضرورت ناهي، پر 17 منسٽريز جيڪي 18هين ترميم ۾ آيون.

 

You might also like