بلوچستان، خيبر پختونخوا کان پوءِ آزاد ڪشمير تي به ملڪي قيادت مونجهارن جو شڪار

اسلام آباد(ابصار عالم) ملڪ ۾ بلوچستان اندر تيز حملا ٿيا آهن، ڪي پي ۾ صورتحال بهتر ناهي، آزاد ڪشمير  جي صورتحال تي به قيادت مونجهاري جو شڪار آهي. بلوچستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙو ٿيو آهي ته بي ايل اي (بلوچ لبريشن آرمي)، ٽي ٽي پي (تحريڪ طالبان پاڪستان)، آءِ ايس ڪي پي (اسلامڪ اسٽيٽ خراسان پروونس) داعش ۽ مجيد برگيڊ سميت انهن دهشتگرد گروپن هڪ ئي ڏينهن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گڏيل  حملا ڪيا.هاڻي ماڻهو سوال ڪرڻ شروع ڪري رهيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، جيئن مان بار بار سيڪيورٽي وارن سان ڳالهائيندو رهيو آهيان، اهي چون ٿا ته روزانو درجنين اهڙيون انٽيليجنس رپورٽون ملنديون آهن ته فلاڻي هنڌ حملو ٿي سگهي ٿو، فلاڻي شخص کي خطرو آهي، فلاڻي علائقي ۾ دهشتگردي جو امڪان آهي. ان بنياد تي ڪامياب ڪارروايون به ٿينديون آهن، جيڪي سامهون نٿيون اچن پر حقيقت اها به آهي ته ناڪاميون تمام گهڻيون آهن. هڪ سوال جيڪو بار بار سوشل ميڊيا تي هر ماڻهو پڇي رهيو آهي، بلڪه مک ميڊيا تي به اهو سوال اٿاريو ويو آهي، اهو هي آهي ته اسان جا 42 جوان شهيد ٿيا. جيڪڏهن فرض ڪيو ته آمريڪا يا ڀارت جا هڪ ئي ڏينهن ۾ 42 فوجي ماريا وڃن ها ته انهن ملڪن جو ردعمل ڇا هجي ها؟ اسان مسلسل پنهنجن شهيدن جا جنازا کڻي رهيا آهيون. عمران خان ۽ فيض انهن کي واپس آڻي ٻيهر آباد ڪيو، ۽ ان کان پوءِ وري اهو سلسلو شروع ٿي ويو. وچ وچ ۾ ڪڏهن افغانستان تي حملو ڪيو ويندو آهي، پوءِ عيد اچي ويندي آهي ته عيد جي احترام ۾ ڪارروايون روڪي ڇڏبيون آهن. ڪا به تسلسل واري پاليسي نظر نٿي اچي. بلوچستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ گذريل پنجاهه سالن کان ڇا ٿي رهيو آهي؟ خيبر پختونخواهه ۾ گذريل 26 سالن کان ڇا ٿي رهيو آهي؟ آزاد ڪشمير ۾ گذريل ٻن ٽن سالن کان ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ اهو سلسلو ڇو جاري آهي؟ گهرو وزير، جيڪي اڪثر ملڪ ۾ موجود به ناهن، ڪرڪيٽ جو به ٻيڙو غرق ڪيو، اسلام آباد جو به، بلوچستان جو به، خيبر پختونخواهه جو به، ۽ آزاد ڪشمير جو به. بلوچستان بابت ته چوندا هئا ته "اها رڳو ايس اي او جيتري ڳالهه آهي”، جڏهن ته مان اڳ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته ٻه ايس اي او شهيد ٿي چڪا آهن. بلوچستان جا اهي حال آهن. هاڻي چيو پيو وڃي ته اسلام آباد جو ماحول تبديل ٿي ويو آهي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. پر مان ته گذريل 26 سالن کان اهو ماحول بار بار بدلجندي ڏسي رهيو آهيان. بلوچستان ۾ ته اهو مسئلو پنجاهه سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي، خيبر پختونخواهه ۾ 26 سالن کان جاري آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به گذريل ڪجهه سالن کان ساڳيو حال آهي. آخر ڪو پڇي ته جيڪو ماڻهو سالن کان هڪ ئي عهدي تي ويٺو آهي، هن ڇا ڪيو؟ جيڪو ان کان اڳ هو، هن ڇا ڪيو؟ ۽ جيڪو ان کان به اڳ هو، هن ڇا ڪيو؟ ڇا سڀ رڳو دولت گڏ ڪري هليا ويا؟اهي ڳالهيون تلخ ضرور آهن، پر حقيقت تي ٻڌل آهن. جنهن جي دل ۾ پاڪستان لاءِ محبت آهي، اهو اهڙي صورتحال تي ضرور ڏک محسوس ڪندو ۽ پڇندو ته آخر احتساب ڇو نٿو ٿئي؟ آزاد ڪشمير ۾ گڏيل ايڪشن ڪميٽي اندر به اختلاف ظاهر ٿي رهيا آهن. 15 جولاءِ تي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سردار عمر نذير چيو آهي ته اسان جو انهن ماڻهن سان ڪو تعلق ناهي، جيڪي هن اسٽيج کي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪن ٿا. پر سوال اهو آهي ته اهو بيان هاڻي، هڪ مهينو گذرڻ کان پوءِ ڇو آيو؟ هڪ مهيني تائين اسٽيج پاڪستان مخالف تقريرن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو. فوج خلاف نعرا لڳا، فيلڊ مارشل خلاف تقريرون ٿيون، پاڪستان خلاف ڳالهيون ڪيون ويون، پر تڏهن ڪنهن به روڪ نه ڪئي.هاڻي جڏهن ڌرڻو ۽ احتجاج اڳتي نٿو وڌي، تڏهن پاڻ کي انهن ڳالهين کان الڳ ظاهر ڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان به هاڻي انهن جي نيتن تي سوال اٿاري چڪا آهن. ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي حال تي ڇڏڻ گهرجي. اهي هڪ پڙهيل لکيل، پرامن ۽ باوقار قوم آهن. ڪشمير ۾ شرح خواندگي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ، لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو کان به مٿي آهي. اهي پنهنجن حقن لاءِ دليل سان ڳالهائيندڙ ماڻهو آهن، پر انهن کي تشدد جي رستي تي ڌڪيو ويو، جنهن سبب سندن زندگيون وڌيڪ ڏکيون بڻجي ويون.

 

You might also like