سنڌ اندر قيامت تائين ڪو به صوبي نه ٺهندو: بئريسٽر ضمير گهمرو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر بئريسٽر ضمير گهمري سنڌ جي ورهاڱي جي سازش سٽيندڙن کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جو عوام صوبي جي ورهاڱي تي مرڻ لاءِ به تيار آهي.
سينيٽ اجلاس دوران خطاب ڪندي بئريسٽر ضمير گهمري چيو ته سنڌ اندر ڪو به نئون صوبو قيامت تائين قائم نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته سنڌ جو عوام صوبي جي ورهاڱي جي ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪندو ۽ سنڌ جي ورهاڱي تي مرڻ لاءِ به تيار آهي.

 

You might also like