لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي تيارين لاءِ مردن جي ٽيم خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏي پنهنجي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي.
پاڪستان جي ڪپتان فاطمه ثنا چيو آهي ته مردن خلاف مقابلا ٽيم جي تيارين لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيا، ڇو ته ميچز دوران رانديگرياڻين کي دٻاءَ ۾ کيڏڻ ۽ اهم لمحن ۾ بهتر فيصلا ڪرڻ جو موقعو مليو.
فاطمه ثنا چيو ته ”اسان ڇوڪرن سان مقابلو ڪيو، جنهن دوران اسان تي دٻاءُ وڌو ويو، انهن ميچز مان حاصل ٿيل تجربو مقابلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو.“
پاڪستان جي ٽيم لاهور ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي تربيتي ڪئمپ دوران عبدالقادر ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي مردن واري ٽيم خلاف مڪمل ويهه اوورن جون ميچون کيڏيون.
پاڪستان وومينز ٽيم کي ويجهڙ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ دٻاءَ وارن لمحن دوران موقعا ضايع ڪرڻ ۽ خراب فيلڊنگ سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
هلندڙ سال انگلينڊ ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم 5 مان رڳو هڪ ميچ کٽي سگهي، جيڪا نيڌرلينڊز خلاف هئي.
فاطمه ثنا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرياڻي هئي.
هن ٽورنامينٽ ۾ 11 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا خلاف 38 بالن تي 55 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز پڻ کيڏي.
فاطمه ثنا چيو ته وڏي ٽورنامينٽ ۾ دٻاءَ کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي، اهو سمجهڻ ضروري آهي ۽ مردن خلاف کيڏيل ميچز ان سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿيون آهن.
هن چيو ته ”دٻاءَ وارن لمحن ۾ پرسڪون رهڻ انتهائي اهم آهي، گهٻرائڻ بدران پنهنجي محنت تي ڀروسو ڪرڻ ۽ رٿابندي تي عمل ڪرڻ گهرجي.“
فاطمه ثنا جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ سريلنڪا خلاف ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ شامل نه هئي، جنهن ۾ پاڪستان 2-1 تان شڪست کاڌي هئي. هوءَ ان دوران دي هنڊريڊ ۾ برمنگهم فينڪس طرفان کيڏي هئي.
فاطمه ثنا دي هنڊريڊ ۾ کيڏندڙ پاڪستان جي پهرين عورت ڪرڪيٽر بڻي، برمنگهم فينڪس طرفان هن 3 وڪيٽون ۽ 57 رنسون ٺاهيون.
واضح رهي ته وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 28 آگسٽ کان 13 سيپٽمبر تائين دبئي ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان کي گروپ اي ۾ ڀارت، ٿائيلينڊ ۽ هانگ ڪانگ سان گڏ رکيو ويو آهي.
پاڪستاني ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات پهرين سيپٽمبر تي ٿائيلينڊ خلاف ڪندي، جڏهن ته 5 سيپٽمبر تي ڀارت ۽ 7 سيپٽمبر تي هانگ ڪانگ خلاف ميچ کيڏندي.
فاطمه ثنا جو چوڻ هو ته دبئي جي ڪنڊيشن پاڪستان سان گهڻي ملندڙ جلندڙ آهي ۽ ٽيم کي انهن حالتن ۾ کيڏڻ جو اڳواٽ تجربو آهي.