سنڌ کان ڪراچي ۽ بلوچستان کان گوادر کسڻ ناممڪن آهي: علي احمد ڪُرد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لائرس ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه علي احمد ڪُرد چيو آهي ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون ناممڪن آهن، اهڙي طرح سنڌ کان ڪراچي ۽ بلوچستان کان گوادر کسڻ به ناممڪن آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو بيان ۾ علي احمد ڪُرد چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ وڃي رهي آهي، ان سان ملڪ تباهه ۽ برباد ٿي ويندو، پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون ناممڪن آهن، ائين ئي سنڌ کان ڪراچي ۽ بلوچستان کان گوادر کسڻ به ناممڪن آهي.

 

You might also like