ڪولمبو (اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند برسات سبب وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي، سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ٺاهي ورتيون، آءِ لينڊرز کي ڀارت جي پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ 238 رنسون گهربل آهن.
سريلنڪا طرفان سونل دينوشا 85 رنسن ۽ لاهيرو ڪمارا 8 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
ان کان اڳ پاسندو سوريابندرا شاندار بيٽنگ ڪندي 80 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪميندو مينڊس 32، ڪيشرا نوانٿا 18 ۽ ڌنانجيا ڊي سلوا 8 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي پراسڌ ڪرشنا ۽ مناوَ سُٿار 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته رويندرا جڊيحا ۽ محمد سراج هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
سريلنڪا هڪ موقعي تي 173 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ويٺو هو، پر سونل دينوشا ۽ ڪيشرا نوانٿا وچ ۾ 57 رنسن جي ڀائيواري ميزبان ٽيم کي وڌيڪ نقصان کان بچايو. نوانٿا 18 رنسون ٺاهي مناوَ سُٿار جو شڪار ٿيو.
واضح رهي ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 503 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي. ڀارت طرفان ديودت پاڊيڪل 117، ڌرو جُريل ناقابلِ شڪست 115، رشبھ پنٿ 63 ۽ ڪپتان شبمن گل 50 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا کي فالو آن کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 38 رنسون گهربل آهن.