مُلڪ قرضن ۾ ٻڌل، 33 رٽائرڊ اعليٰ آفيسرن کي ساليانو ڪروڙين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي ۾ پينشن ملڻ لڳي!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قرضن ۾ ٻڏل ملڪ ۾ ڪامورن جي غير معمولي مراعتن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، جتي رٽائرمينٽ کان پوءِ به اعليٰ آفيسر ملڪي معيشت تي وڏو ٻوجهه بڻيل آهن ۽ حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ 33 اعليٰ رٽائرڊ آفيسرن کي سالياني 34 ڪروڙ 21 لک رپين جي رقم پرڏيهي ڪرنسي ۾ پينشن جي مد ۾ ادا ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، پرڏيهي معاملن واري وزارت طرفان پارليامينٽ ۾ پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ رٽائرڊ آفيسرن بابت جمع ڪرايل تفصيلن مان اها حقيقت سامهون آئي آهي ته مختلف سرڪاري کاتن مان رٽائر ٿيندڙ اهي 33 آفيسر هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهائش پذير آهن ۽ جيڪو آفيسر جنهن ملڪ ۾ رهي ٿو، ان کي پينشن به ان ئي ملڪ جي مقامي ڪرنسي ۾ ملي رهي آهي.
ان کانسواءِ ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪيئي اهڙا رٽائرڊ آفيسر پڻ آهن، جيڪي پرڏيهه ۾ رهڻ باوجود پاڪستاني ڪرنسي ۾ به پينشن وٺي رهيا آهن، جڏهن ته حيرت ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ملڪي ڪرنسي ۾ پينشن حاصل ڪندڙ پرڏيهه ۾ رهندڙ انهن رٽائرڊ آفيسرن جا صحيح انگ اکر پرڏيهي معاملن واري وزارت وٽ به موجود ناهن.

You might also like