ڊاڪٽر ڪنوار شادي ڇڏي مريضن جو علاج ڪرڻ لڳي، انسانيت جي جذبي جي ساراهه

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي رياست ڪيرالا سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شيرين سبير پنهنجي شادي جي تقريب ۾ ڪنوار بڻجي اسٽيج تي موجود هئي ته ان دوران ڪيٽرنگ ٽيم سان تعلق رکندڙ ٻن عورتن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي. هڪ عورت جي نڪ مان رت وهڻ لڳو، جڏهن ته ٻي عورت کي چڪر اچڻ لڳا ۽ هوءَ ڪمزوري محسوس ڪرڻ لڳي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر شيرين بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي شادي جون رسمون عارضي طور روڪي ڇڏيون ۽ ڪنوار جي لباس ۾ ئي مريض عورتن وٽ پهچي وئي. هن فوري طور ٻنهي جو معائنو ڪيو ۽ کين ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي.

نڪ مان رت وهندڙ عورت کي هن هدايت ڪئي ته هوءَ سامهون جهڪي پنهنجي نڪ جي نرم حصي کي 10 کان 15 منٽن تائين زور ڏئي بيهي ۽ وات ذريعي ساهه کڻي. جڏهن ته چڪر اچڻ واري عورت کي هيٺ سمهاري سندس ٽنگون جسم کان ٿورو مٿي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ته جيئن رت جي رواني بهتر ٿي سگهي.

ڊاڪٽر شيرين هن وقت مقامي اسپتال ۾ ايمرجنسي ميڊيسن ۾ ايم ڊي ڪري رهي آهي. سندس پيشوراڻي تربيت کيس اهڙي صورتحال ۾ پرسڪون رهڻ ۽ فوري مدد فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي.

اهو لمحو وڊيو ۾ محفوظ ٿي ويو، جيڪا بعد ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جتي واهپيدارن ڊاڪٽر ڪنوار جي انسان دوست جذبي ۽ فرض شناسي کي ڀرپور ساراهيو.

ڊاڪٽر شيرين جو چوڻ هو ته شادي ۾ موجود ماڻهن کي خبر هئي ته هوءَ ڊاڪٽر آهي، ان ڪري انهن مدد لاءِ کيس گهرايو ۽ هن ڊاڪٽر طور پنهنجو فرض نڀايو.

You might also like