پاڪستان کي آمريڪا وٽان 10 ارب ڊالرز جي مالي سهائتا جو آسرو، بدلي ۾ ايران سان واپار بند ڪندو؟

اسلام آباد/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي مالي استحڪام واري سهولت (اسٽيبلائيزيشن فيسلٽي) جي درخواست جو معاملو سڌيءَ ريت واشنگٽن طرفان پاڪ-ايران سرحد تي واپار مڪمل طور بند ڪرڻ لاءِ وڌندڙ سخت دٻاءَ سان جڙيل آهي.
ان باوجود به پاڪستان تي پرڏيهي قرضن جو ڳرو ٻوجهه ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پروگرامن تي حد کان وڌيڪ ڀاڙڻ ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسلام آباد ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي شرط لاڳو ڪرڻ بدران رڳو درخواست جي پوزيشن ۾ رهي.
معاشي بدحالي سبب پاڪستان وٽ ايتري طاقت يا معاشي اثر رسوخ ناهي ته هو آمريڪي انتظاميا کي پنهنجا شرط مڃائڻ تي مجبور ڪري سگهي، ان ڪري پاڪستان حڪومت پاڪ-ايران سرحد تي واپار تي سخت پابندي ۽ ناڪابندي کي هڪ اهم اسٽريٽجڪ رعايت طور پيش ڪري رهي آهي.
اسلام آباد کي اميد آهي ته واشنگٽن جي موجوده انتظاميا پاڪستان جي ان قدم کي ايتري اهم اڳڀرائي سمجهندي، جنهن جي عيوض 10 ارب ڊالرن جي وڏي مالي سهائتا جي منظوري ڏئي سگهجي.

 

You might also like