آثارِ قديمه جي ماهرن قديم مصر جي هڪ مقبري مان محفوظ ڪيل ڪتي جو لاش هٿ ڪيو آهي، جيڪو هڪ مرد ۽ عورت جي هڏڙن جي مٿان پيل هو. ماهرن موجب تدفين جي اها غير معمولي ترتيب ان جانور جو انسانن سان ڪنهن خاص تعلق ڏانهن اشارو ٿي سگهي ٿو.
هي ڪمرو ٿيبن نيڪروپولس جو حصو آهي، جيڪو نيل نديءَ جي ٻئي پاسي موجود قديم شهر لڪسر جي سامهون واقع هڪ وسيع قبرستان آهي. هن علائقي ۾ سوين تدفيني هنڌ موجود آهن ۽ ان کي ڪيترين ئي صدين تائين تدفين لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.
تحقيق موجب هن قبرستان ۾ مختلف دورن دوران هڪ ئي هنڌ تي ڪيترائي ڀيرا تدفين ٿيندي رهي آهي. انکانپوءِ ايندڙ نسلن اڳ ۾ موجود قبرن ۽ تدفيني هنڌن ۾ موجود محدود جاءِ مطابق وڌيڪ لاش دفن ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه هنڌن تي انساني باقيات هڪ ٻئي جي مٿان موجود مليون.
هي قبرستان 700 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ٻيهر تدفين لاءِ استعمال ٿيندو رهيو.
تنهن هوندي به، ماهرن جو سڀ کان وڌيڪ ڌيان ان ممي ٿيل ڪتي حاصل ڪيو، جيڪو هڪ مرد ۽ عورت جي هڏن جي مٿان موجود هو.
ماهرن جو چوڻ هو ته هن ترتيب مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪتي جو ان جوڙي سان ڪو خاص تعلق هو يا ائين به ممڪن آهي ته ان کي فوت ٿيل ماڻهن جي مرڻ کان پوءِ واري سفر ۾ رهنمائي ڪندڙ جانور طور تصور ڪيو ويو هجي.
هن تحقيق جي پهرين ليکڪ ۽ اسپين جي يونيورسٽي آف لا لاگونا سان لاڳاپيل محقق ڊاڪٽر جيرڊ ڪاربالو پيريز موجب، انساني تدفين جي بلڪل ويجهو ڪنهن جانور کي رکڻ ان ڳالهه جي علامت ٿي سگهي ٿو ته انسانن ۽ ان جانور وچ ۾ ڪو بامعنيٰ يا خاص تعلق موجود هو.
ماهرن لاءِ اها دريافت قديم مصري معاشري ۾ انسانن ۽ جانورن جي باهمي تعلق ۽ تدفيني رسمن کي سمجهڻ جي حوالي سان اهم شاهديون فراهم ڪري سگهي ٿي.