مردن کي ڇڪن جا ڌوڙيا، وائرل ڇوڪري ”مهڪ پنڊي واري“ جي اصل ڪهاڻي سامهون اچي وئي

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ ڇوڪريءَ جي ٽيپ بال ڪرڪيٽ کيڏندي ڇڪا هڻڻ واري وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي واهپيدار ”مهڪ پنڊي واري“ جي نالي سان شيئر ڪري رهيا آهن.
وڊيو ۾ ڇوڪريءَ کي مردن جي ٽيپ بال ڪرڪيٽ ميچ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي ۽ وڏا وڏا ڇڪا هڻندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس غيرمعمولي ڪرڪيٽ ٽيلنٽ قرار ڏنو.
پر فيڪٽ چيڪ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ”مهڪ پنڊي واري“ جي نالي سان وائرل ٿيندڙ وڊيو حقيقي نه، پر هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) ذريعي تيار ۽ ڊجيٽل طريقي سان تبديل ڪيل آهي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو ڏسندڙ واهپيدارن ڇوڪريءَ جي بيٽنگ کي غيرمعمولي قرار ڏيندي سندس ڇڪن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه صارفين وڊيو جي حقيقي هجڻ تي سوال پڻ اٿاريا.
هي وڊيو 18 آگسٽ 2026ع کان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گردش ڪري رهي آهي.
فيس بڪ تي هڪ واهپيدار ان کي ”چيڪ دي شاٽ“ جي ڪيپشن سان شيئر ڪيو، جنهن کي لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ 50 لک ڀيرا ڏٺو ويو، جڏهن ته ساڳئي وڊيو جو ڪلوز اپ زاويه پڻ شيئر ڪيو ويو، جنهن کي 54 لک ڀيرا ڏٺو ويو.
ٽڪ ٽاڪ تي هڪ واهپيدار ساڳي ڪلپ ”مهڪ پنڊي واري جو زبردست ڇڪو“ جي ڪيپشن سان شيئر ڪئي، جنهن کي هڪ ڪروڙ 9 لک ڀيرا ڏٺو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي واهپيدار ان کي ”يقين نه ڪرڻ جوڳي ڇڪو“ قرار ڏيندي پوسٽ ڪيو، جنهن کي 2 لک 62 هزار ڀيرا ڏٺو ويو.
وڊيو ايڪس تي پڻ وائرل ٿي، جتي هڪ پوسٽ کي هڪ لک 90 هزار ڀيرا ڏٺو ويو. ان کانسواءِ انسٽاگرام، يوٽيوب، ايڪس ۽ ٽڪ ٽاڪ تي ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اڪائونٽن به وڊيو شيئر ڪئي، جنهن کي مجموعي طور 4 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو.
ان دوران ڇوڪريءَ کي مختلف لباس ۽ مختلف ڪيمرا اينگلز سان بيٽنگ ڪندي ڏيکاريندڙ وڌيڪ وڊيوز به ٽڪ ٽاڪ تي سامهون آيون، جن کي مجموعي طور 57 لک ڀيرا ڏٺو ويو.

اصل وڊيو مان حقيقت سامهون اچي وئي
وڊيو جي غيرمعمولي مقبوليت ۽ مقامي ڪرڪيٽ ۾ عوام جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي دعويٰ جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آءِ ويري فاءِ فيڪٽ چيڪ شروع ڪيو، جنهن دوران لاڳاپيل لفظن ۽ تصويري ڳولا ذريعي 2 آگسٽ 2026ع تي ”ٽيپ بال وائيس“ نالي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل اصل وڊيو جو پتو لڳايو ويو.
اصل وڊيو ۾ ساڳي پِچ، وڪيٽ ڪيپر، ٻيا بيٽر، روشني ۽ ٻيا منظر موجود آهن، جيڪي وائرل وڊيو ۾ نظر اچن ٿا، پر اصل وڊيو ۾ ڪريز تي موجود بيٽر ڇوڪري نه، پر ڇوڪرو هو.
ان کانپوءِ اصل بيٽر کي ڊجيٽل طريقي سان تبديل ڪري ان جي جاءِ تي ڇوڪريءَ جو چهرو ۽ جسم ڏيکاريو ويو، جنهن کانپوءِ وڊيو ”مهڪ پنڊي واري“ جي نالي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
فيڪٽ چيڪ دوران اهڙيون وڌيڪ وڊيوز به سامهون آيون، جن ۾ مبينا طور ساڳي ڇوڪريءَ کي مختلف لباس، هنڌن ۽ ڪيمرا اينگلز سان بيٽنگ ڪندي ڏيکاريو ويو.
انهن وڊيوز کي پڻ لکين ڀيرا ڏٺو ويو، پر انهن جي حقيقي هجڻ جو ڪو اعتماد جوڳو ثبوت سامهون نه اچي سگهيو.

اي آءِ ذريعي به وڊيو جي جاچ
وائرل وڊيو جي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي سان نشاندهي ڪندڙ مختلف ايپس ذريعي پڻ ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ ڪجهه ذريعن وڊيو کي اي آءِ ذريعي تيار ڪيل قرار نه ڏنو، پر ”هائو موڊريشن“ وڊيو ۾ 54.6 سيڪڙو اي آءِ سان تيار ڪيل مواد جو امڪان ظاهر ڪيو.
اهڙيءَ ريت ”اين ويديا“ ذريعي ڪيل تجزيي ۾ وڊيو جو مصنوعي مواد وارو اسڪور 33.3 سيڪڙو رهيو، جيڪو مقرر ڪيل 30 سيڪڙو معيار کان وڌيڪ آهي ۽ وڊيو جي مصنوعي يا مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ٿيڻ جي امڪان جي نشاندهي ڪري ٿو.
بهرحال، فيڪٽ چيڪ دوران اصل وڊيو جو پتو لڳائڻ وڌيڪ اهم ثبوت قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته اصل فوٽيج ۾ ساڳي ڪرڪيٽ ميچ ۽ منظر موجود آهن، پر ڪريز تي موجود بيٽر مختلف آهي.

 

You might also like