بلوچستان صورتحال تي ڳڻتي، اسلام آباد بدران ڪوئيٽا وڃي جائزو وٺو:نبيل گبول

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان جي امن امان واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس دوران نبيل گبول چيو ته ڪميٽي جو وفد اسلام آباد مان نڪري پاڻ ڪوئيٽا وڃي ۽ زميني حقيقتن جو جائزو وٺي. هن تجويز ڏني ته بلوچستان جي صورتحال تي اِن ڪيمرا بريفنگ ۽ اِن هائوس اجلاس ڪوٺايو وڃي، جڏهن ته امن امان برقرار رکندڙ ادارن سان گڏ هنگامي گڏيل اجلاس  پڻ سڏايو وڃي.اجلاس دوران چوڌري نصير عباس چيو ته بلوچستان جو مسئلو سياسي نوعيت جو آهي، تنهن ڪري فوري طور آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سميت سڀني سياسي پارٽين کي شامل ڪيو وڃي. مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي آپريشنن سان گڏ سياسي حل به ضروري آهي ۽ صرف طاقت جو استعمال ڪافي ناهي.  طلال چوڌري چيو ته ڪميٽي پاران اسلام آباد بدران ڪوئيٽا وڃي بريفنگ وٺڻ جو فيصلو درست آهي. سندس چوڻ موجب ڪوئيٽا ۾ سڀني لاڳاپيل ڌرين ۽ سيڪيورٽي اختيارين کي گهرائي تفصيلي اِن ڪيمرا بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتن تي به امن امان قائم رکڻ جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.

 

You might also like