سنڌ ۾ سائنس جي تعليم ۽ JST اميدوارن سان انصاف جو سوال

ياسر سانڊاڻو

تازو ئي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جونيئر سائنس ٽيچر (JST) جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي (SIBA) ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي آهي.هن ٽيسٽ ۾ 55 مارڪن جي ڪٽ آف (Cut-off) تحت تقريبن 9 هزار شاگرد پاس ٿيا آهن، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سموري سنڌ لاءِ سيٽن جو تعداد صرف 1237 ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو تمام گهٽ آهي.تعليم جو وزير سيد سردار علي شاهه صاحب هڪ قابل ۽ باصلاحيت وزير آهي، جنهن تعليم کاتي ۾ سٺا سڌارا آندا آهن،پر کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته اڄوڪي دور ۾ سائنس جي تعليم کان سواءِ اسان جو ايندڙ نسل دنيا جي باقي قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نٿو سگهي.هڪ سروي موجب هن وقت سڄي سنڌ ۾ سائنس ٽيچرن جو ڪل تعداد صرف 585 آهي،جيڪو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. دنيا جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهي آهي،اتي اسان جي سنڌ ۾ سائنسي استادن جو هي تعداد انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.

سال 2021 کان هيل تائين جيڪي لڳ ڀڳ 97 هزار PST ۽ JEST استاد ڀرتي ڪيا ويا،انهن جي پاسنگ مارڪون 40 رکيو ويو هيون، جڏهن ته انهن جي ٽيسٽ ۾ صرف 5 محدود مضمون انگريزي، رياضي، جنرل سائنس، جنرل ناليج ۽ سنڌي شامل هئا.ان جي برعڪس،موجوده JST جي ٽيسٽ ۾ 9 ڏکيا مضمون شامل هئا،جن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي، رياضي، پيڊاگاگي، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪميشن ليول جو جنرل ناليج شامل هو.پيپر جو معيار ڪنهن به پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کان گهٽ نه هو.ان پيپر جي سختي سبب اڪثريت شاگردن 40 کان 54 جي وچ ۾ مارڪون کڻي سگهيا آهن.هتي تعليمي وزير کان سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن آسان پيپر ۾ 40 مارڪون رکي 5 سالن تائين ويٽنگ لسٽ هلائي سگهجي ٿي،ته پوءِ 9 مضمونن تي ٻڌل هن طويل ۽ ڏکي ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪون 40 ڇو نٿيون رکي سگهجن؟

اسان سنڌ جا نوجوان تعليم جي وزير سردار شاهه صاحب کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي اسڪولن مان سائنسي استادن جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ نوجوانن جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ JST ٽيسٽ جي پاسنگ مارڪس 55 مان گهٽائي 40 ڪيون وڃن ۽ 40 مارڪون کڻندڙ سمورن اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

 

You might also like