غلام مصطفيٰ بلوچ: ملير مان اُڀريل سماجي دنيا جو روشن ستارو

سامي ميمڻ

ڪي انسان پنهنجي زندگي رڳو پنهنجي لاءِ نٿا گذارين، پر پنهنجي سوچ، عمل ۽ خدمت ذريعي هزارين ماڻهن جي زندگيءَ تي مثبت اثر ڇڏين ٿا. اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ سندن عهدن يا اعزازن سان نه، پر انهن جي ڪيل ڪم ۽ انساني خدمت سان ٿيندي آهي. پاڪستان جي سماجي ترقي جي ميدان ۾ غلام مصطفيٰ بلوچ به اهڙن ئي خاموش مگر اثرائتن شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ماڻهن کي پنهنجي مسئلن جو حل پاڻ ڳولڻ، گڏجي فيصلا ڪرڻ ۽ مقامي قيادت پيدا ڪرڻ جو شعور ڏنو

غلام مصطفيٰ بلوچ جو جنم 2 جنوري 1960 ع تي ملير ضلعي جي درسنو چنو واري علائقي جي دور محمد ڳوٺ ۾ ٿيو. ان دور جو ملير زرعي زمينن، کجين، مالوند ماڻهن ۽ روايتي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو مرڪز هو. هن پنهنجي ننڍپڻ ۾ پاڻي، تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ کي ويجهو کان ڏٺو. اهي ئي تجربا بعد ۾ سندس شخصيت جي تعمير جو بنياد بڻيا ۽ هن کي سماجي خدمت جي راهه ڏانهن وٺي ويا.ھن ڪراچي يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم اي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪئي. انهن ٻنهي مضمونن سندس سوچ کي وسيع بڻايو، جتي هڪ طرف عالمي ترقياتي نظرين کي سمجهيو، ته ٻئي طرف سماج جي اندروني بناوت، برادرين جي نفسيات ۽ مقامي مسئلن جي سائنسي ڄاڻ حاصل ڪئي سندس عملي زندگيءَ جو اهم موڙ 1993ع ۾ آيو، جڏهن هن spo سان فيلڊ ڪوآرڊينيٽر سنڌ جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. ان وقت پاڪستان ۾ سماجي ترقي جو تصور تيزي سان تبديل ٿي رهيو هو. روايتي خيراتي منصوبن جي جاءِ تي ماڻهن جي شموليت، مقامي قيادت ۽ ڪميونٽي جي ملڪيت واري سوچ کي اهميت ملي رهي هئي. غلام مصطفيٰ بلوچ هن تبديليءَ کي رڳو نظريي طور نه، پر عملي ميدان ۾ به حقيقت بڻايو.هو آفيسن تائين محدود رهندڙ آفيسر نه هو، پر ڳوٺن جي گهٽين، اوطاقن، اسڪولن ۽ برادرين جي گڏجاڻين ۾ ماڻهن سان گڏ ويهندڙ سماجي ڪارڪن هو. هن سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ عورتن، نوجوانن، هارين، مالوندن ۽ مقامي اڳواڻن سان گڏجي اهڙا منصوبا تيار ڪيا، جن ۾ فيصلو پاڻ ڪميونٽي ڪندي هئي ۽ ذميواري به پاڻ کڻندي هئي وقت سان گڏ  Project Office مڪمل پاڪستاني اداري ۾ تبديل ٿي spo بڻجي ويو، پر ان جو بنيادي فلسفو ساڳيو رهيو؛ يعني ترقي ماڻهن جي شموليت سان ئي ممڪن آهي. غلام مصطفيٰ بلوچ به انهيءَ فلسفي کي پنهنجي سڄي ڪيريئر جو مرڪز بڻايو.ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي کيس 1998ع کان پوءِ ڏاکڻي پنجاب جو ٽيم ليڊر مقرر ڪيو ويو. ملتان مان ويهي هن نه رڳو مختلف ضلعن جي منصوبن جي نگراني ڪئي، پر هڪ نئين ثقافت، ٻولي ۽ سماجي ماحول ۾ پاڻ کي ڪاميابي سان هم آهنگ ڪيو. ان کان پوءِ کيس ريجنل هيڊ پنجاب جي ذميواري ملي، جتي ملتان ۽ لاهور ٻنهي آفيسن وسيلي ڏاکڻي، وچولي ۽ اتر پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سماجي ترقي جي منصوبن جي اڳواڻي ڪئي.

2006ع ۾ کيس بلوچستان جو ريجنل هيڊ مقرر ڪيو ويو، جيڪو سندس ڪيريئر جو سڀ کان ڏکيو مرحلو هو. بلوچستان جي وسيع جاگرافي، سيڪيورٽي جا مسئلا، ڊگها فاصلا ۽ محدود وسيلا ڪنهن به سماجي اداري لاءِ وڏا چئلينج هئا، پر غلام مصطفيٰ بلوچ مقامي برادرين سان اعتماد جو رشتو قائم ڪندي ڪوئيٽا ۽ تربت جهڙن علائقن ۾ به ڪميونٽي تنظيمن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو.2008ع ۾ هو ٻيهر پنهنجي صوبي سنڌ موٽي آيو ۽ حيدرآباد مان ريجنل هيڊ سنڌ طور ذميواريون سنڀاليون. هي سندس تجربن، قيادت ۽ اداري تي اعتماد جو وڏو اعتراف هو.غلام مصطفيٰ بلوچ جي ڪيريئر جي سڀ کان اهم سڃاڻپ سندس ٽريننگ ۽ ادارا سازي جو ڪم آهي. هن اٺ سؤ کان وڌيڪ ڪميونٽي بيسڊ آرگنائيزيشنز (CBOs) کي تربيت ڏني. اهي تنظيمون ڳوٺن جي ماڻهن جون پنهنجون تنظيمون هونديون آهن، جيڪي پنهنجي علائقي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون آهن. هن کين قيادت، تنظيم سازي، مالي شفافيت، منصوبا بندي، عورتن جي شموليت، فنڊ ريزنگ، سرڪاري ادارن سان رابطي ۽ جوابدهي جهڙن موضوعن تي عملي سکيا ڏني.سندس تربيت جو انداز روايتي ليڪچر ڏيڻ وارو نه هوندو هو. هو ماڻهن کي پاڻ ويهاري مسئلا لکائيندو، نقشا ٺهرائيندو، ترجيحون طئي ڪرائيندو ۽ حل به انهن کان ئي تجويز ڪرائيندو هو. هن جو يقين هو ته جيڪو منصوبو ماڻهن جو پنهنجو هوندو، اهو ئي ڊگهي عرصي تائين زنده رهندو. سندس مشهور خيال هو ته جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ جو ماڻهو پاڻ کي منصوبي جو مالڪ نه سمجهندو ته فنڊ ختم ٿيڻ سان منصوبو به ختم ٿي ويندو.غلام مصطفيٰ بلوچ صرف تنظيمن سان نه، پر مختلف نيٽورڪن، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي جماعتن سان به ڪم ڪيو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته پاليسيون ڪاغذن تائين محدود نه رهن، پر عام ماڻهن جي حقيقي ضرورتن جي عڪاسي ڪن. هو حڪومت ۽ سماج جي وچ ۾ اعتماد، رابطي ۽ ڀائيواري جو هڪ مضبوط پل بڻجي سامهون آيو.

اڄ جڏهن پاڪستان ۾ ڪميونٽي ڊولپمينٽ، مقامي حڪومتن، سماجي شموليت ۽ شهري ذميوارين بابت ڳالهايو وڃي ٿو، ته غلام مصطفيٰ بلوچ جهڙن خاموش ڪارڪنن جو ڪردار وساري نٿو سگهجي. هو انهن شخصيتن مان آهي، جن بنا ڪنهن شهرت جي خواهش جي هزارين ماڻهن کي پنهنجي حقن، ذميوارين ۽ اجتماعي طاقت جو احساس ڏياريو.

غلام مصطفيٰ بلوچ جي زندگيءَ جو سفر دراصل پاڪستان ۾ سماجي ترقي جي هڪ اهم دور جي تاريخ آهي. اهو دور، جنهن ۾ تبديليءَ جي شروعات حڪومتي ايوانن مان نه، پر ڳوٺن جي اوطاقن، برادرين جي گڏجاڻين ۽ عام ماڻهن جي گڏيل سوچ مان ٿيندي هئي. سندس شخصيت ان ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته جيڪڏهن ارادو خالص هجي ته هڪ فرد به هزارين ماڻهن جي زندگين ۾ اميد، شعور ۽ مثبت تبديليءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

 

You might also like