اسان کي اها ڳالهه بلڪل به سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت جيڪا هڪ چونڊيل حڪومت آهي ۽ جنهن ملڪ اندر هر دور ۾ آمريت خلاف جدوجهد ڪندي پارلياماني ۽ جمهوري نظام جي بحالي، بقا ۽ مضبوطي لاءِ آواز اٿاريو آهي، احتجاج ڪيا آهن ڌرڻا ڏنا آهن، ريليون پئي ڪڍيون آهن سا پنهنجي حڪومت ۾ ٻين سياسي ۽ سماجي ڌرين جي احتجاجن ۽ ڌرڻن جو نوٽيس وٺي حقيقي جمهوري حڪومت هئڻ جو احساس ڇو ناهي ڏياريندي؟
ان موضوع تي اسان ڪيترائي ايڊيٽوريل لکي چڪا آهيون، اڄ جو ايڊيٽوريل به سنڌ حڪومت جي ان لاتعلقي واري پاليسي جي نندا طور لکون ٿا پر حوالو پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جو ڏنل ڌرڻو آهي جيڪو ڪالهه 12 هين ڏينهن به جاري رهيو. پر سنڌ حڪومت پنهنجي روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي ان ڌرڻي جو به نوٽيس ناهي ورتو جيڪو 50 سينٽي گريڊ جي موتمار گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ ٻٻرلوءِ وٽ عورتن طرفان ڏنل آهي. ان ڌرڻي کي جيڪڏهن مائرن جو لڳايل ڌرڻو چئجي ته غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ 15 کان وڌيڪ گم ۽ اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ ان شدت سان مائرون ئي احتجاج ڪري سگهن ٿيون، سندن ممتا ئي ايڏي سخت ۽ موتمار گرميءَ ۾ پنهنجن ٻچڙن لاءِ سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪري سگهن ٿيون.
پريا ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻٻرلوءِ ۾ 12 ڏينهن کان لڳل ان ڌرڻي جي اڳواڻي سهڻي پارس ڪري رهي آهي جنهن جي مشهوري جو حوالو ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڪمپئرنگ آهي پر سندس سڃاڻپ جو پهريون وڏو ۽ فخر جوڳو حوالو اهو آهي ته هيءَ سنڌ جي تمام وڏي سماجي شخصيت مرحوم خان محمد پنهور جي نياڻي آهي. سهڻي پارس سماجي ۽ سياسي مسئلن تي هميشه کان آواز به اٿاريندي رهي آهي ان سلسلي ۾ هن سوشل ميڊيا کي انتهائي مثبت ۽ ڪارائتي پيلٽ فارم طور استعمال به پئي ڪيو آهي.
سهڻي پارس جيئن ته پنهنجي ذات ۾ هڪ حساس عورت آهي ته اها سندن حساسيت ئي آهي جو هن پهرين ڏينهن کان معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ انفرادي طور تي آواز پئي اٿاريو آهي. پهريون هُوءَ هر آچر تي پريس ڪلب ڪراچي وڃي پريا ڪماري جي اغوا خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي هئي ۽ ايئن هُوءَ پريا ڪماري جي امڙ جي ممتا جي درد کي محسوس ڪرائيندي هئي ۽ هاڻي اها ئي سهڻي پارس آهي جيڪا پريا ڪماري جي آزادي لاءِ هڪ وڏي تحريڪ جو بنياد وجهي ان جي اڳواڻي ڪري رهي آهي.
پهرين مرحلي ۾ سهڻي پارس پرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي يعني ٻٻرلوءِ وٽ ڪيمپ لڳائي ڌرڻو ڏئي ويٺي آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن سندس ساٿ ڏيڻ وارن جو انگ وڌي رهيو آهي. ان ڌرڻي ۾ 15 لاپتا ٻارن پريا ڪماري، اجالا سولنگي، صبا ڪلهوڙو، زينب سولنگي، فضيلا سرڪي، نويد لاشاري ۽ ٻين ٻارن جا خاندان، والدين، ڀائر ڀينرون ۽ مٽ مائٽ ويٺل آهن پر اها ڪيڏي نه افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته 50 سينٽي گريڊ جي موتمار گرمي ۾ ڌرڻو ڏيندڙ عورتن ۽ ٻارن جو حڪومت ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. رپورٽن موجب اڃان تائين ڪو حڪومتي نمائندو سندن لڳايل ڪيمپ ۾ لڙي به ناهي آيو باوجود ان جي ته ايڏي سخت گرمي ۾ ڌرڻو ڏيندڙ عورتن کي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. رپورٽون آهن ته اغوا ٿيل معصوم ٻار نويد لاشاري جي امڙ اهڙي گرمي سبب بيهوش به ٿي چڪي آهي. انهيءَ بي حسيءَ کي ڏسندي ان ان ڌرڻي جي اڳواڻ سهڻي پارس چتاءُ به ڏنو آهي ته ”اسان جي صبر ۽ برداشت جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اسان ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي مڪمل طور بلاڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون.“
سهڻي پارس جهڙي ذهين شخصيت کي يقينن ان حقيقت جي پروڙ هوندي ته اسان وٽ حڪومتون نوٽيس ئي ان ڳالهه جو وٺنديون آهن ته ڪير شاهراهه بلاڪ ڪري ته پوليس هٿان مٿن لٺ بازي ڪرايون، تشدد ڪرايون باقي ڌرڻن ۽ احتجاجن جي نه مقصد جو نوٽيس وٺنديون ۽ نه ئي 12 ڏينهن کان لڳل ڌرڻي جي نذاڪت کي سمجهنديون نه ئي احتجاج ڪندڙن جي صبر ۽ برداشت جو ڪو احساس ڪنديون. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پهرين ڏينهن ئي 15 ٻارن جي گم ۽ اغوا خلاف ٻٻرلوءَ وٽ لڳلِ ڌرڻي جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ ٻارن جي والدين سان حڪومت جو ڪو نمائندو ايڪتا جو مظاهرو ڪري ها، کين آٿت ڏي ها، ٻارن جي بازيابي جو يقين ڏياري ها ۽ هن شديد گرمي ۾ کين ڌرڻو ختم ڪرڻ تي قائل ڪري ها ٻيو نه ته سندن سهولت جو انتظام ڪري ها پر نه ايئن نه ڪندا، ڌرڻي جو نوٽيس نه وٺندا بس ان ڳالهه جو انتظار ڪندا ته ڌرڻو ڏيندڙن جو صبر لبريز ٿئي، سندن برداشت جواب ڏئي ۽ ان صورت ۾ اهي انتهائي قدم کڻن ٻٻرلوءِ شاهراهه کي بلاڪ ڪن ۽ پوءِ اسان ڪارروائي ڪريون. پر سهڻي پارس شاهراهه بلاڪ ڪري بي گناهه عوام کي تڪليف ڏيڻ نه ٿي چاهي، اها پاڻ تڪليف برداشت ڪرڻ جي قائل آهي پر ٻين کي تڪليف ڏيڻ نه چاهيندي ڇاڪاڻ ته اها عوام منجهان آهي ان کي عوام جو احساس آهي ان پسمنظر ۾ اسان پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي ۽ سهڻي پارس جي پرامن ۽ عظيم جدوجهد کي سلام پيش ڪندي ان کي زندهه باد چئون ٿا ۽ کين يقين ڏياريون ٿا ته عوامي آواز ميڊيا گروپ به ان جدوجهد ۾ ساڻن شامل آهي ۽ پنهنجي حصي جي جدوجهد ڪندي رهندي.
اسان سنڌ حڪومت تي زور ڀرينداسين ته عوامي حڪومت هئڻ ناتي ان کي ٻٻرلوءِ ۾ عورتن جي هن ڌرڻي جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ 15 گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ وقتائتي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ان کان اڳ جو ڌرڻو ڏيندڙن جو صبر جواب ڏئي ويهي ۽ اهي ڪو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن. ان کان اڳ جو حڪومت ان ڌرڻي جو نوٽيس وٺي اهي به رپورٽون آهن ته هن ڌرڻي پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي سا اها آهي ته سکر مان گم ٿيل هڪ ٻار ڪالهه بازياب ٿي ويو آهي جنهن جو اعلان ڌرڻي ۾ ڪيو ويو. زندهه باد پريا ڪماري ڪميٽي ۽ سهڻي پارس زندهه باد.