اھا ڳالهه آھي سال 1996-97ع جي مان تازو اسٽاڪ اسسٽنٽ ۾ ڊپلوما ڪئي ھئي، ۽ امان چيو ته ادي محمد حسن کي چئو ته نوڪري وٺي ڏيئي، مان ڪراچيءَ ويس ۽ ڊاڪٽر صاحب کي نوڪريءَ لاءِ عرض ڪيم، ھن مون کي چيو صبح جو مان نائين وڳي ڪلينڪ تي ويندس، تون اچجان ته گڏجي ھلنداسين، مان ساڍي اٺين وڳي آيس پر پنڌ پهچندي پهچندي پوڻا نوَ ٿي ويا ڊاڪٽر صاحب رستي مان مونکي کنيو ۽ چيو ته اھو زندگيءَ جو اصول ٺاھي ڇڏ ته جڏھن به ڪنهن وٽ ڪم لاءِ وڃين ته سندس ڏسيل وقت کان گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ رسندو ڪر، سندس ڪيل اھا نصيحت مون کي زندگيءَ ۾ ڏاڍي ڪم آئي آھي، انهن ڏينهن ۾ ھو مون کي پنهنجي پٽن وانگر هر ھفتي ست سئو روپيا خرچي ڏيندو ھئو، جيڪا ان دور ۾ تمام وڏي ھئي، ۽ منهنجي لاءِ خوشگوار آسيس ھئي، ”ٿورا م ٿورا مونتي ماروئڙن جا۔“
هن جي زندگي گذارڻ جو انداز ماٺڪي درياھ وانگر آھي، صبح جو سوير اٿبو شيوِ ڪري تيار ٿي اڇا اجرا ڪپڙا پهري نڪربو سڌو اسپتال تي، ڪم کي عبادت وانگر ماڻبو، پنج وقت نماز پڙهبي، نماز تان ياد آيو ته هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ڪنهن جي تڏي تي چيو هيائين ته: ” خدا کي انسان جي سڀ کان وڏي خوبي خطا ڪري معافي گهرڻ لڳندي آھي ان ڪري ھن انسان کي خطاوار ڪري پئدا ڪيو آھي۔“ ھو کائيندو آھي جيئڻ لاءِ اسان وانگر جيئندو ناھي کائڻ لاءِ اھو ئي ڪارڻ آھي جو زندگيءَ جي نوي سالن ۾ پير پائڻ وقت به پاڻ ھشاش بشاش آھي۔
ھو موھن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) مان سنڌ جي بين الاقوامي شهر ۾ رھائش پذير ٿيڻ لاءِ اڪيلو نڪتو ھئو ۽ ٻلهڙيجي واسين لاءِ ڪراچي کي پنهنجائڻ لاءِ راھ جو ڏيئو بنجي پيو ۽ اڄ مني ٻلهڙيجي ڪراچيءَ ۾ مقيم آھي۔
جيڪي خدا سان عشق ڪندا آهن، خدا انهن کي درد سان آزمائيندو آھي حضرت سلطان الاوليا چواڻي:
جاهل ذوق سکن جو، عارف سور سهاءِ،
سورن سندي ساءِ، راحت رسي روح کي۔
۽ سندس عاشق ان درد مان سرور ماڻيندا آھن، ڊاڪٽر صاحب کي به الله سان عشق جي آزمائش ۾ ناقابل برداشت درد مليا آھن جن کي پاڻ مرڪ جي نيري رومال ۾ ويڙھي سندس رضا تي راضي رھي، زندگي گذاري رھيو آھي، جيڪي سندس رضا تي راضي رھندا آھن، انهن جي چهري تي اطمنان جا عڪس چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندا آھن۔
ھو ڪراچيءَ ۾ وٽنري ڊاڪٽري جو غيرمعمولي نانءُ آھي، سندس شاگردن کي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ڪون پوندي آھي، سنڌ جي وٽنريءَ جي تاريخ ۾ سندس نالو سونھري اکرن سان لکيل ھوندو. ما هن کي ڪراچيءَ جي شور ۾ اڇي ڪبوتر جهڙو معصوم شخص سمجهندو آهيان.
اڄ ھن آئيڊيل عظيم ماڻهوءَ جو نوي ھون جنم ڏينهن آھي کيس مبارڪون شال وڏي ڄمار ماڻيو ۽ اسان اوهان جي مرڪ جي مٺائي کائيندا رھون۔