ٽياڪڙي جا چئلينج ۽ خطرا

زاهد حسين

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن سبب پاڪستان هن وقت عالمي سفارتي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. جيتوڻيڪ اهو ڪردار تڪرار جي حل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، پر ان سان گڏ ڪيترائي سنگين خطرا پڻ وابسته آهن. جارح ۽ متاثر ڌر جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ هميشه آسان ڪم نه هوندو آهي. جڏهن هڪ ڌر وٽ ٻي ڌر جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي فوجي، معاشي ۽ سياسي طاقت هجي، ته ڪم وڌيڪ ڏکيو بڻجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪمزور ڌر پاڻ کي اهڙن شرطن کي قبول ڪرڻ تي مجبور محسوس ڪري سگهي ٿي، جيڪي سندس مفاد ۾ نه هجن.

اهو عدم توازن خاص طور آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي جاري تڪرار ۾ نمايان نظر اچي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هينئر تائين پاڪستان بنيادي طور ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪيو آهي. بهرحال، اڃا تائين اهو آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي حاصل نه ڪري سگهيو آهي، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڳالهين ۾ نمايان اڳڀرائي جون دعوائون ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف ايران انهن دعوائن کي رد ڪندي چوي ٿو ته ڪا به ڳالهه ٻولهه ئي نه ٿي آهي. آمريڪا جي پيش ڪيل 15 نڪتن ۽ ايران جي پنجن نڪتن جي وچ ۾ اختلاف ايترو وڏو آهي، جو ان کي ختم ڪرڻ انتهائي ڏکيو نظر اچي ٿو.

تهران آمريڪا جي شرطن کي "حد کان وڌيڪ ۽ ناقابل قبول” قرار ڏيندي انهن کي عملي طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي دستاويز سان تشبيهه ڏئي ٿو. ايران جو خيال آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي سبب وڏي تباهي باوجود هو اڃا به نسبتاً مضبوط پوزيشن ۾ آهي. ان کان علاوه، ايران آمريڪي حڪومت تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته گذريل هڪ سال دوران ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين دوران آمريڪا ٻه ڀيرا مٿس حملا ڪري چڪو آهي. ايران جو چوڻ آهي ته جڏهن ايٽمي معاهدي بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي هئي، تڏهن آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران خلاف جنگ شروع ڪئي.

هينئر تائين پاڪستان انتهائي حساس توازن برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي، جيڪو شايد عالمي اثرن واري هن وڏي تڪرار جو سڀ کان اهم پاسو آهي. پر جيئن جيئن جنگ جو دائرو وڌي رهيو آهي، اهو توازن به وڌيڪ نازڪ بڻجندو پيو وڃي. پاڪستان آمريڪي انتظاميا ۽ تهران ٻنهي سان سٺن لاڳاپن سبب پيغام رساني جو ڪردار ته مناسب نموني نڀايو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هن وٽ اهڙو اثر ۽ طاقت موجود آهي، جنهن سان هو ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهي؟جنگ جي دائري ۾ واڌ سان پاڪستان جو هي توازن برقرار رکڻ وڌيڪ مشڪل بڻجي رهيو آهي.

بيشڪ، پاڪستان کي پنهنجي ٽياڪڙي جي ڪوششن لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي حمايت حاصل آهي. پر ٽرمپ انتظاميا جي کليل حمايت ۽ سعودي عرب سان دفاعي معاهدو، جيڪو پاڻ به هن تڪرار ۾ شامل آهي ۽ جنهن تي ايران جا ميزائل ۽ ڊرون حملا ٿي رهيا آهن، پاڪستان لاءِ غيرجانبدار ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ کي پيچيده بڻائين ٿا. ان کان علاوه، اسرائيل به هن جنگ جو اهم ڌر آهي، جنهن آمريڪا سان گڏجي هن تباهه ڪندڙ جنگ کي هٿي ڏني آهي.

ٻئي طرف اسرائيل جي ساڄي ڌر واري حڪومت امن ڳالهين ۾ دلچسپي وٺندي نظر نٿي اچي ۽ هن پنهنجي فوجي ڪاررواين جو دائرو لبنان تائين به وڌائي ڇڏيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم تازو بيان ۾ چيو ته جنگ اڃا تائين پنهنجي "اڌ مقصدن” تائين ئي پهتي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته جنگ شروع ڪرائڻ ۾ به اسرائيل اهم ڪردار ادا ڪيو هو، تنهن ڪري اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته هو هر معاملي ۾ واشنگٽن جي خواهشن تي عمل ڪندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪجهه ڏينهن اڳ اميد ظاهر ڪئي هئي ته اسلام آباد ۾ آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جي ملاقات ڪرائي سگهجي ٿي، پر ان کان ٿوري ئي دير پوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي اصفهان ۾ مبينا ايٽمي تنصيب تي بنڪر بسٽر بمباري ڪئي، جنهن سان جنگ وڌيڪ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي. ڊار جو بيان پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پوءِ سامهون آيو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي واري ڪردار جي حمايت ڪئي وئي هئي. پر ايران تي وڌندڙ حملن کان پوءِ اهو سوال وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي ته ڇا ٽرمپ واقعي امن ڳالهين ۾ سنجيده آهي؟

دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ جو اڳواڻ جيڪڏهن جنگ ۽ امن جهڙن اهم معاملن تي هڪ ئي وقت متضاد بيان ڏئي، ته ان کي ڪيئن سمجهيو وڃي؟ ٽرمپ هڪ طرف امن معاهدي جي ويجهو پهچڻ جون دعوائون ڪري ٿو، ته ٻي طرف ايران جي سموري توانائي واري ڍانچي کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ زميني فوجي ڪارروائي لاءِ خاص فوجي دستا تيار ڪري رهيو آهي. شايد هو اهڙي جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ کيس اڳ ۾ ئي نقصان پهتو آهي، پر هاڻي ان جنگ مان نڪرڻ سندس لاءِ انتهائي ڏکيو نظر اچي ٿو. جنگ جي پنجين هفتي تائين ايران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جا ڪي به آثار نه ڏيکاريا آهن.

هاڻي اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي ته مبينا امن ڳالهيون رڳو هڪ پردو آهن، جن جي آڙ ۾ آمريڪا ايران خلاف ممڪن زميني حملي جون تياريون ڪري رهيو آهي. آمريڪا اڳ ئي نار واري علائقي ۾ هزارين فوجي مقرر ڪري چڪو آهي، جن ۾ سندس هوائي فوج جا ٽي هزار خاص اهلڪار به شامل آهن، جڏهن ته بحري موجودگي به وڌائي وئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب خاص فوجن تي ٻڌل زميني ڪارروائي جلد شروع ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ايران کي آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کان اڳ به ٿي سگهي ٿو.

ٽرمپ تازو بيان ۾ ايران جي تيل جي ذخيرن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز تي بالادستي قائم ڪرڻ جو به اشارو ڏنو آهي. ايران جي مزاحمت ختم نه ٿيڻ سبب سندس بيچيني وڌندي نظر اچي ٿي. فوجي ڍانچي کي وڏي نقصان باوجود ايران اڃا تائين اسرائيل جي اندر تائين ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪري رهيو آهي ۽ نار واري علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻائي رهيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل تي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان جاري جنگ دوران جنگي ڏوهن جا الزام لڳندا رهيا آهن. پهريون ڀيرو جديد تاريخ ۾ اسرائيل، آمريڪا جي حمايت سان، ايران جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت، جنهن ۾ سپريم ليڊر به شامل هو، کي نشانو بڻايو. جديد دور ۾ ڪنهن ملڪ جي قيادت کي ختم ڪرڻ کي جنگي حڪمت عملي طور استعمال ڪرڻ جو اهو پهريون مثال قرار ڏنو پيو وڃي. ان کان علاوه، آمريڪا تي تعليمي ادارن ۽ شهري آبادي کي به نشانو بڻائڻ جا الزام آهن. نيويارڪ ٽائيمز موجب جنگ جي پهرين ڏينهن آمريڪا پنهنجي نئين بيلسٽڪ ميزائل نظام جي آزمائش ڪندي ڏکڻ ايران ۾ هڪ راندين جي هال ۽ ڀرسان موجود پرائمري اسڪول تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ شاگردياڻيون مارجي ويون.

جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل تي اهڙن جنگي ڏوهن جا الزام موجود هجن، ته ڇا اهڙي غيرمتوازن صورتحال ۾ پاڪستان واقعي امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو؟ انهن خطرن کي سمجهڻ پاڪستان جي پاليسي سازن لاءِ انتهائي ضروري آهي، جيڪي بظاهر آمريڪا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو پرجوش نظر اچن ٿا.

 

You might also like